آذربائيجان-پاڪستان لاڳاپا
پاڪستان |
آذربائيجان |
|---|
آذربائيجان-پاڪستان لاڳاپا (انگريزي ٻولي: Azerbaijan–Pakistan relations) آذربائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پرڏيهي لاڳاپا آهن. باڪو ۾ پاڪستان جو هڪ سفارتخانو آهي ۽ آذربائيجان جو اسلام آباد ۾ هڪ سفارتخانو آهي.ٻنھي قومن کي "اِسٽريٽيجڪ ڀائيوار" سمجهيو ويندو آهي[1] ۽ آذربائيجان پاڪستان جو سيڪيورٽي تعاون فوجي شعبو کان وٺي فوجي لاڳاپن تائين ۽ سيڪيورٽي ايجنسين جي وچ ۾ پڻ تعاون وڌائي ٿو.
ٻنهين رياستن جي وچ ۾ جديد لاڳاپا تڏهن قائم ٿيا جڏهن، 9 جون، 1992 ع تي، سوويت يونين جي انت اچڻ کانپوءِ جمهوريا آذربائيجان آزاد ٿيو.[2] جِن مُلڪن آذربائيجان کي آزاد مُلڪ جي حيثيت ۾ تسليم ڪيو هيو، پاڪستان انهن ۾ سڀ کان اڳڀرو رهيو، ۽ پاڪستان آذربائيجان کي 12 ڊسمبر 1991 تي تسليم ڪيو هيو.[3] ٻنهين قومن جي وچ ۾ واپار ۽ تعاون لاڳاتار وڌي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي بهتر بڻائڻ جي طريقن تي ڪيتريون ئي گڏجاڻِيون ٿيون آهن.
ٻنهين مُلڪن جي آفيشلز مارچ 2013 ۾ چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان هڪٻئي جي وچ ۾ "اِسٽريٽيجڪِ ڀائيواري جي لاڳاپن منجهان لطف" ٿيا آهن.[4]
سرڪاري ملاقاتون
[سنواريو]فاروق لغاري 1995 ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندڙ پهريون صدر هيو. هڪ سال کانپوءِ، حيدر علئيف اسلام آباد جي دؤرو تي آيو.حيدر علئيف ۽ پاڪستان جي وزير اعظم - بينظير ڀٽو جي وچ ۾ ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون، جِن ۾ 9 معاهدن تي دستخط ڪيا ويا، جيڪي سفارتي لحاظ کان گهڻا اهم هيا.[5]
2002 ۾ ٻنهين ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ فوجي تعاون جي معاهدي جو نتيجو ڪڍيو ويو.
معاشي لاڳاپا
[سنواريو]1995 ع واري سرءُ جي مُند ۾، ٻنهين ملڪن واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ تعاون ۽ رياستي سطح تي گڏيل ڪميشن جي قيام تي سان لاڳاپو رکندڙ هڪ پروٽوڪول تي دستخط ڪيا. مٿي ذڪرڪيل ڪميشن جون گڏجاڻيون ٻنهي ملڪن جي راڄِڌَاني شهرن ۾ هر 2 سال کانپوءِ منعقد ڪيون وينديون آهن.
2005 ۾، نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي هڪ شاخ (بِرانچِ) باڪو ۾ کولي وئي.[6]
فوجي تعاون
[سنواريو]آذربائيجان جي ايف-17 ٿنڊر فائٽر ويڙهاڪو بمبار جهازَ کي خريد ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان ڳالهايوآهي.[6] [7]
بين الاقوامي حمائيت
[سنواريو]پاڪستان انهن ٿورڙن مُلڪن منجهان آهي جِن خوجالي قتل عام کي تسليم ڪيو آهي،[7] جيڪو آذربائيجان جي ماڻهن خلاف نسلي قتل عام آرمينيا طرفان ڪرايو ويو هيو.[8][9]
انسان دوستي تعاون
[سنواريو]اپريل 08، 2015 تي، آذربائيجان بين الاقوامي ترقياتي ايجنسي (AİDA) وسيلي پاڪستان جي مختلف شهرن جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 2014 جي آڪٽوبر واري مهيني ۾ آيل ٻوڏِ جي آفتن جي متاثرن کي انساني امداد جي فراهمي ڪئي وئي.[10]
ثقافتي رابطا
[سنواريو]پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ لاڳاپا مذهبي ۽ ثقافتي شعبي ۾ پڻ آهستي آهستي ترقي ڪن ٿا
باڪو اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني-اردو ٻولي جو هڪ خاص شعبو آهي.
سفارتخانو
[سنواريو]آذربائيجان ۾ اسلامي جمهوريا پاڪستان جي اختيار ڏنل نمائندي سفير سئيد خان مهمند آهي[11] جڏهن تہ پاڪستان ۾ جمهوريا آذربائيجان جي اختيار مليل سفير ڊشگين شيکاروف آهي.[12]
پڻ ڏسو
[سنواريو]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Azerbaijan, Pakistan eye expanded cooperation", AzerNews.az (ٻولي ۾ انگريزي), 24 نومبر 2016, حاصل ڪيل 06 ڊسمبر 2019۔
- ↑ 1news, "Азербайджан - Пакистан: больше чем стратегическое партнерство", 1news.az, حاصل ڪيل 07 ڊسمبر 2019۔
- ↑ "PRESIDENT MUSHARRAF'S VISIT TO AZERBAIJAN: AN EFFORT TO BUILD PAKISTANI REGIONAL LEADERSHIP", حاصل ڪيل 26 اپريل 2016۔
- ↑ "News.Az – Azerbaijan, Pakistan 'enjoy strategic partnership relations'", حاصل ڪيل 26 اپريل 2016۔
- ↑ "Heydar Aliyev and Benazir Bhutto. Official meetings"۔
- ↑ "В Баку открылся филиал Национального Банка Пакистана" (ru-RU ۾). Day.Az. July 12, 2005. https://news.day.az/economy/27778.html.
- ↑ ""International Recognition of The Khojaly Genocide"". un.mfa.gov.az. http://un.mfa.gov.az/news/4/3069.
- ↑ "Pakistani Senate`s Foreign Relations Committee approves Khojaly genocide" (en ۾). Azertag. February 1, 2012. http://azertag.az/en/xeber/Pakistani_Senates_Foreign_Relations_Committee_approves_Khojaly_genocide-220067.
- ↑ "Khojaly genocide: Causes, consequences and international recognition" (en ۾). https://azertag.az/en/xeber/Khojaly_genocide_Causes_consequences_and_international_recognition-1038780.
- ↑ "Azerbaijan - Pakistan relations"۔
- ↑ "Пресс-релизы", mia.gov.az (ٻولي ۾ روسي), حاصل ڪيل 29 اپريل 2018۔
- ↑ "Embassy of Azerbaijan in Pakistan", اصل کان 28 اپريل 2018 تي آرڪائيو ٿيل۔
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]- Cemendtaur, A.H. (12 آڪٽوبر 2013), "A piece of Multan in Baku", The News, اصل کان 2 جولاءِ 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 14 آڪٽوبر 2016۔
- "New Page in Azerbaijan-Pakistan relations", AzerNews.az, 18 آڪٽوبر 2016, حاصل ڪيل 11 مارچ 2017۔
- An official website of the Embassy of Pakistan in Azerbaijan
- An official website of a branch of the National Bank of Pakistan in Baku آرڪائيو ڪيا ويا 2019-12-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
سانچو:Foreign relations of Pakistan سانچو:Foreign relations of Azerbaijan