سفارتڪاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڏيل قومن جو نيويارڪ ۾ ھيڊ ڪوارٽر. گڏيل قومن جو ادارو بين الاقوامي سفارتڪاري جو سڀ کان وڏو ادارو آهي.


سفارتڪاري; انگريزي ۾ ڊپلو ميسي (Diplomacy): اصل ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ڍنگ يا فن ۽ عمل کي چئبو آهي. ان عمل ذريعي ٻه ملڪ ڳالهين ۽ لاڳاپڻ ذريعي ۽ پرامن نموني قومي مُفاد ماڻڻ ۽ معيشت، ماحوليات، جنگين، ثقافت ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪندا آهن. هن ڍنگ جي اڀياس ۾ رياستن، بين الرياستي ادارن، عالمي غير حڪومتي ادارن ۽ گهڻ قومي ڪارپوريشنن سميت ڪيترا ٻيا حلقا اچي وڃن ٿا. علمي اڀياس کان وٺي عوامي پاليسيءَ سان لاڳاپيل مسئلن سميت ڪيترا پاسا يا رخ ”ڊپلوميسيءَ“ جا موضوع آهن.

انسائڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق لفظ ڊپلوميسي انگريزي ۾ فرينچ مان آيو جيڪو يوناني لفظ ڊپلوما مان نڪتل آهي جيڪو وري لفظ ڊپلو مان نڪتو جنھن جي معني ويڙهي ٻٽو ڪرڻ (fold in two)آھي. اڳئين زماني م حاڪم پنھنجي ڪنھن ماڻھوءَ کي سفري يا ٻي رعايت ڏيڻ لاءِ ڪو ڪاغذ لکي ڏيندا ھئا جنھن کي ھو ويڙھي ٻٽو ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويندا ھئا تہ جيئن ضرورت پوڻ تي اھو حڪم نامو کولي ڏيکاري سگھي. بعد ۾ چانسلري طرفان ان طريقي سان حاڪمن جي وچ ۾ معاهدا موڪلڻ شروع ٿيا ۽ ان طريقي جو تعلق بين الاقوامي تعلقن ۾ متعارف ٿي ويو ۽ 18 صدي ۾ فرينچ لفظ ڊپلوميٽ رياست پاران سفارتڪاري لاء مقرر ڪيل شخص لاءِ استعمال ۾ اچڻ شروع ٿي ويو [1]قومن جي وچ ۾ مذاءرت ڪرڻ جي فن ۽ ھلت ؛ يا مختلف حڪومتن جي وچ ۾ بھتر تعلقات برقرار رکڻ لاء مھارت سان ڪم ڪرڻ کي سفارتڪاري چئبو آهي [2]

تفصيلي تعارف[سنواريو]

سفارتڪاريءَ جا مختلف قسم به آهن. عام طرح ”ڳالهين ذريعي بين الاقوامي ناتن جو وهنوار هلائڻ“، غير فوجي، سرچاءَ جي عمل، ثقافتي گهڻ رُخي، علاقائي، معاشي ۽ شهري، سرگرمين سميت سفارتڪاريءَ جا مختلف طريقا آهن. اها ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن يا ٻن اتحادن وچ ۾ پڻ سر انجام ڏئي سگهبي آهي.

ھڪ ڪامياب سفارتڪار لاءِ ضروري آهي ته پنھنجي ھم منصب جي ڳالهه کي غور سان ٻ« ۽ ان جي ڳالھين مان ٺاھ جا اھڙا نقطا جاچي جن سان تڪرار کي نبيري سگھجي. مذاڪري م حصو وٺڻ وقت کيس مقصد سان گڏ اھو بہ ڄاڻ ۾ ھجڻ کپي تہ نبيري تي پھچڻجي عيوض ڇا ڏئي سگھجي ٿو.[3]ملڪن جي وچ م تعلقات کي برقرار رکڻ کي ڊپلوميسي چئبو آهي.[4] برطانيه جي دانشور ارنيسٽ اسٽوو مطابق سفارتڪاري ذھانت ۽ مھارت جي اھڙي استعمال کي چوندا آهن جيڪو رياستن جي حڪومتن وچ ۾ سرڪاري لاڳاپن جي معاملي م عمل ۾ ايندو آهي.. سويت يونين جي سربراھ اسٽالن مطابق: "ھڪ سفارتڪار جي لفظن جو ان جي عمل سان ڪو به تعلق نه ھوندو آھي ، ان جي ڳالھ ھڪڙي ۽ عمل وري ٻيو ھوندو آھي.". خارجہ پاليسي ۽ سفارتڪاري ۾ فرق ھوندو آھي. خارجہ پاليسي لاڳاپن جي نوعيت يا قسم کي چوندا آهن ۽ سفارتڪاري ھڪ طريقي جو نالو آهي جنھن سان خارجہ پاليسي تي عمل ڪيو ويندو آهي.ھڪملڪ جي حڪومت سفارتڪارن ذريعي پنھنجي خارجہ پاليسي جي اصولن کي ٻين ملڪن تي لاڳو ڪندي آھي. سفارتڪاري جو سڀ کان وڏو درجو رياست جي سربراه جو ھوندو آھي جيڪو مڙني خارجي معاملن جو سربراهه ھوندو آھي. سفارتڪار يا سفير ٻي رياست م پنھنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندو آھي ۽ اھڙي طرح ان ملڪ جي خارجي محڪمي جي عملدارن بھتر معاشرتي رابطا رکڻ ان جي ذميداري آهي . نہ رڳو اھي پر ان ملڪ م ٻين ملڪن جي سفيرن سان بہ بھتر لاڳاپا قائم ڪندو آهي. ھي معاملن جو مشاھدو ڪري پنھنجي ملڪ جي حڪومت کي رپورٽون موڪليندو رھندو آھي. سفير کي ان ملڪ ۾ ڪجهه خاص رعايتون ۽ استثنائون ملنديون آهن جنھن ۾ ذاتي حفاظت جي ضمانت، بغاوت ڪرائڻ جي الزام ۾ فوجي مقدمي کان استثني، ھر فوجداري يا ديواني مقدمي کان استثني، سفارتخانو جنھن ملڪ جو آهي ان ملڪ جو زميني ٽڪرو سمجھي سفير کي محفوظ ھجڻ جو حق ، کيس پنھنجي مذھب جي عبادت ڪرڻ جو حق ، ٽيڪس يا محصول کان استثني، مواصلاتي نظام جي استعمال جو حق، ان جي ذاتي ملازمن کي بہ ديواني يا فوجداري مقدمن کان استثني وغيره شامل آهن.ملڪن جي لاڳاپن ۾ ڪشيدگي جي صورت م يا جنگ جي نوبت وقت سفارتي تعلقات ختم بہ ٿي ويندا آهن. ڪنھن اعتراض جوڳي عمل تي ملڪ جي حڪومت سفير يا سفارتڪار کي ناپسنديده شخص persona non grata قرار ڏئي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي سگھي ٿي جنھن صورت ۾ اھو سفارتڪار پنھنجي ملڪ واپس گھرايو ويندو آهي. حڪومتن جي تبديلي سان بہ سفارتي مشن جي واپسي ٿي ويندي آهي.ھڪ رياست جي ٻي رياست سان الحاق يا انضمام سان بہ سفارتي مشن جو خاتمو ٿي ويندو آهي.

سفارتڪاري جي تاريخ[سنواريو]

تاريخي طور تي سفارتڪاريءَ جو فن يونان ۽ پوءِ رومي سلطنت ۾ شروع ٿيو ، پر1455ع ۾ اٽليءَ جي رياست ’ميلان‘ جي نواب پهريون دفعو اٽليءَ جي ٻيءَ رياست ’گينوئا‘ ۾ سفارتخانو قائم ڪيو. ان کان پوءِ اٽليءَ جي رياستن يورپ ۾ به پنهنجا سفارتخانا کولڻ شروع ڪيا. ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ يورپي بادشاهي درٻارن ۾ مستقل بنيادن تي سفيرن جي مقرري عمل ۾ آئي. آمريڪي۽ فرانسيسي انقلابن سفارتڪار يءَ جي عمل ۾ عوامي حصيداريءَ کي ٿيڻ جوڳو بڻايو، جنهن کي ويانا جي ڪانگريس ۾ ترتيب ۽ مڃتا ملي. سفارتڪاريءَ جي انهيءَ مدي کي ’روايتي دور‘ سان سڃاتو ويندو آهي. ان دور جي سفارتڪاري يورپ تائين محدود، عالمي طاقتن جي محتاج، شعبي بنديءَ کان محروم ۽ ڳجهي هئڻ سبب بين الاقوامي سطح تي ڪا وڏي حاصلات ٿيڻ جوڳي نه بڻائي سگهي. اڻويهين صديءَ ۾ (1) بين الاقوامي برادريءَ جي قيام لاءِ وڌندڙ لاڙي (2) عوامي راءِ جي احترام (3) وڏي پيماني تي جڙندڙ عالمي فوجي ۽ سياسي اتحادن (4) فني ۽ هنري ميدانن ۾ ترقي ۽ رابطائي سرشتي جي پکيڙ سبب سفارتڪاري ءَ جي دنيا ۾ وڏيون تبديليون آيون، جنهن ڪري ان دور ۾ ٿيندڙ سفارتڪاريءَ کي ’نئين يا جديد سفارتڪاريءَ‘ جي نالي سان سڏيو ويو . انهيءَ سفارتڪاريءَ ۾ پاليسيون کليل طريقي سان جڙڻ لڳيون، هڪ ٻن جي جاءِ تي دنيا جون سڀ قومون هن عمل ۾ حصيدار ٿيون، سرواڻ يا سربراهه سفارتڪاري وڌي ۽ سياست کان سواءِ زندگي ءَ جا ٻيا شعبا به پاليسيون جوڙڻ جي عمل ۾ اهميت حاصل ڪرڻ لڳا. جديد دور ۾ شهري، ثقافتي، دفاع، ڊالر، معاشي، فيس بوڪ، فري لانس، داٻي ڀريل، تهه-دار، پانڊا، پنگ پانگ، عوامي، علاقائي ۽ ڊڪ ڊوڙ واري سفارتڪاريءَ سميت بيشمار قسم دنيا ۾ عام آهن. (وڌيڪ ڏسو سفارتڪاريءَ جا مّختلف قسم)

سفارتڪاري جا قسم[سنواريو]

ٻہ طرفي ڊپلوميسي[سنواريو]

ٻہ طرفي يا بائليٽرل ڊپلوميسي سيڪريٽري خارجہ ۽ سفارتڪار ذاتي طور تي سرانجام ڏيندا آهن. اھو گھڻ طرفي ڊپلوميسي طرف قدم ھوندو آھي.

گھڻ طرفي ڊپلوميسي[سنواريو]

گھڻ طرفي يا ملٽي ليٽرل ڊبلوميسي بنيادي طور تي ٻن ملڪن جي وچ م مذاڪرات کي چوندا آهن.

سربراھي ڊپلوميسي[سنواريو]

ھن م ڳالھيون ٻولھيون ملڪن جا سربراهه پاڻ ڪندا آهن

ڊيموڪريٽڪ ڊپلوميسي[سنواريو]

ھن قسم جي ڊپلوميسي ۾ عوامي خيالن ۽ رجحان کي زياده اھميت ڏني ويندي آھي

اوپن ڊپلوميسي[سنواريو]

کليل ڊپلوميسي ۽ جمھوري ڊپلوميسي ڳالھ ساڳئي آھن. پھرين عظيم جنگ ۾ آمريڪا جي صدر ولسن کليل يا اوپن ڊپلوميسي جو نعرو لڳايو ھيو

خفيہ ڊپلوميسي[سنواريو]

ھي تمام پراڻي ڊپلوميسي اھي ٻن عالمي جنگن جو ھڪ سبب اھا خفيہ ڊپلوميسي بہ ھيو

ٽوٽليٽيريئن ڊپلوميسي[سنواريو]

ٽوٽليٽيريئن يا آمراڻي ڊپلوميسي جمھوري ڊپلوميسي جو ابتڙ آهي.اھا حڪمرانن جي مرضي ۽ منشا ھوندي آھي. ملڪي ادارا ۽ ملڪ جو يا عوام جو مفاد ان ۾ غير اھم ھوندو آھي. حاڪم جي ذات اھم ھوندي آھي.

ڪانفرنس ڊپلوميسي[سنواريو]

اخلاقي دٻاءُ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪانفرنسن جي ذريعي ڊپلوميسي ڪئي ويندي آهي.

يو اين او ڊپلوميسي[سنواريو]

ھن کي پارلياماني ڊپلوميسي بہ چوندا آهن

حوالا[سنواريو]