پاڪستان

Wikipedia طرفان

اسلامي جمهوريه پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي. پاڪستان جي اوڀر ۾ هندستان، اتر اوڀر ۾ چين، اولهه ۾ افغانستان ۽ ايران ۽ ڏکڻ ۾ سنڌي سمنڊ آهي. پاڪستان جي لفظي معنيٰ پاڪ ماڻهن جو وطن يا رهڻ جي جاءِ آهي. هن جو اهو نالو چوڌري رحمت عليءَ رکيو. پاڪستان 1971ع تائين ٻن حصن ۾ رهايل هو، هڪ حصو اوڀر پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) ۽ ٻيو حصو اولهه پاڪستان جي نالي سان ڄاتو ويندو هو.


فهرست

[سنواريو] تاريخ

[سنواريو] مسلم ليگ جو قيام

ڊسمبر 1906ع جي آخري ڏينهن ۾ بنگال جي شهر ڍاڪا ۾ هڪ اجلاس ۾ ڪل هندستان مسلم ليگ جو بنياد رکيو ويو.

[سنواريو] پاڪستان جو قيام

1945ع ۾ انگريز سرڪار سڄي هند ۽ سنڌ ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جن ۾ ڪل هند ڪانگريس ۽ ڪل هند مسلم ليگ کي سنڌ اندر مڪمل شڪست ملي. چونڊن جي اهڙن نتيجن مسلم ليگ کي مسلمانن جي نمائنده جماعت نه ٿي ثابت ڪيو. اهڙيءَ ريت مذهبي بنيادن تي هندستان جو روهاڱو ناممڪن ٿي ويو ۽ مسلم ليگ جو ٻه قوميو نظريو ئي غير درست ثابت ٿي ويو. 1945ع جي چونڊن جي نتيجي طور الله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم چونڊجو. اها ڳالهه انگريز سرڪار کي نامنظور هئي، جنهن مسلم ليگ جي اڳواڻ جي ايم سيد هٿان سنڌ ۾ هندو مسلم فساد ڪرائي الله بخش سموري جي حڪومت کي ڪمزور بنائي کيس برطرف ڪري ڇڏيو.

[سنواريو] سياست

پاڪستان هڪ وفاقي جمهوريت آهي. 1999ع ۾ صدر (ر) جنرل پرويز مشرف عوامي حڪومت کي برطرف ڪري ملڪ جو سربراهه ٿيو. 2000ع ۾ بلدياتي چونڊون ٿيون. هن وقت عام چونڊن جي تياري زور ۽ شور سان هلي رهي آهي. ملڪ جا جلاوطن ٻه اڳواڻ بينظير ڀٽو ۽ محمد نواز شريف به ملڪ ۾ موجود آهن. گذريل چونڊون جنوري 2008ع ۾ متوقع آهن. هن وقت ملڪ ۾ ڪئين سياسي تنظيمون سرگرم آهن جن ۾؛ مسلم ليگ (ق)، پي پي پي، متحده مجلس عمل، مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ف)، جماعت اسلامي، جميعت علماء اسلام، ايم ڪيو ايم (دهشتگرد تنظيم)، مهر گروپ، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون شامل آهن. انهن مان ڪن تنظيمن هاڻوڪين چُنڊن ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انڪار ڪندڙن ۾ جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي ۽ پونم سان جڙيل تقريبن هر پارٽي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. نواز شريف ۽ سندس ڀاءُ شهباز شريف جا نامزدگي فارم رد ٿيا. اعتزاز احسن به پنهنجا فارم واپسس ورتا. صدر (ر) جنرل پرويز مشرف پنهنجي فوجي کي پنهنجي ٻي جوجي آفيسر اشفاق پرويز ڪياني جي حوالي ڪيو.

[سنواريو] ڀونءِ نگارڪ ورڇ

پاڪستان ۾ چار صوبا، 2 وفاقي علائقا ۽ ڪشمير جو ڪجھه حصو شامل آهي.


[سنواريو] صوبا

[سنواريو] وفاقي وسنديون

[سنواريو] پاڪستاني ڪشمير

[سنواريو] ڀونءِ نگاري

[سنواريو] معيشيت

[سنواريو] انگ اکر

[سنواريو] تهذيب

[سنواريو] صحت

[سنواريو] عام موڪلون

موڪل نالو وجهه
12 ربيع الاول جشن عيد ميلاد النبي محمد(S.A.W) جي ولادت جو ڏينهن
1 مئي مئي ڏڻ مزدورن جو عالمي ڏينهن
14 آگسٽ آزاديءَ جو ڏينهن پاڪستان جي قيام جو ڏينهن
25 ڊسمبر قائد ڏڻ قائداعظم جي ولادت جو ڏينهن
10 ذوالحج عيد الاضحيٰ ابراهيم جي قربانيءَ جي ياد ۾
1 شوال عيد الفطر مسلمانن جي ٻن وڏين عيدن مان هڪ
23 مارچ پاڪستان ڏڻ 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان ٺهراءُ منظور ڪرڻ جو ڏينهن (تڪراري)
9,10 محرم الحرام عاشورو حسين جي ياد ۾

[سنواريو] قومي پيداوار

[سنواريو] رياستي نشان

قومي نشان

پاڪستان جو رياستي نشان يا پرچم هن ريت آهي؛
چنڊ ۽ تارو جيڪو روايتي طور مسلمان رياست جي علامت آهن. چوڪنڊي شيلڊ ۾ ملڪ جي چار اهم فصلن بابت آهي. شيلڊ جي ٻاهران گل ۽ وليون آهن. نشان جي هيٺان محمد علي جيڻا جو قول، اتحاد، ايمان ۽ نظم نقل ٿيل آهن.

[سنواريو] زبانون

پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، پر پاڪستان ۾ رهندڙ مک قوميتن جي نمائندگي ڪندڙ چار ٻوليون، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو آهن. انهن چئني ٻولين مان فقط هڪ سنڌي ٻولي ئي آهي جيڪا لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. ان کان سواءِ واحد سنڌي ٻولي ئي آهي جيڪا هڪ ڊگھي عرصي کان تعليمي ذريعو رهندي اچي. هن وقت به قانوناً سنڌي ٻولي سنڌ جي سرڪاري ٻولي آهي ۽ عملاً سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ صوبائي توڙي وفاقي کاتن ۾ زير استعمال آهي. هن وقت سنڌي ٻوليءَ جا نه رڳو ڪيترا ئي خانگي اپگرهي ٽي وي چينل ڪم ڪري رهيا آهن بلڪه ڪيترا رسالا ۽ اخبارون پڻ اشاعت هيٺ آهن
پر بدقسمتيءَ سان محمد علي جيڻا پنهنجي تنگ نظري ۽ محدود سياسي بصيرت باعث 21هين مارچ 1948ع تي هڪ هندستاني ٻولي، يعني اردو کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو. سندس اهڙي اعلان کان پوءِ بنگال، يعني تڏهوڪي اوڀر پاڪستان ۾ لساني وڳوڙن جنم ورتو. 21هين فيبروري 1952ع تي ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستاني فوج ڪيترن ئي بنگالي شاگردن ۽ استادن کي گولين جو بک بڻايو. اهو ئي سبب آهي جو اهو ڏينهن اڄ سموري دنيا ۾ ماءُ ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. اوڀر پاڪستان يعني بنگال 1970ع ڌاري پاڪستان کان آزادي حاصل ڪري اردو ٻوليءَ کان جان آجي ڪرائي ويو. باقي رهيل پاڪستان جي ٽن صوبن جون پنهنجون ٻوليون ڪڏهن به تعليمي ٻوليون نه رهيون آهن. پنجاب ۽ سرحد صوبو پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي اردو ٻوليءَ کي تعليمي ٻوليءَ طور استعمال ڪندا رهيا هئا. جڏهن ته صوبو بلوچستان پاڪستان جي قيام کان گھڻو پوءِ جڙيو، جنهن لاءِ ڪي علائقا سنڌ مان ڪڍي نئين جڙندڙ صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيا ويا. انهن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ سوين سنڌي اسڪول پڻ بند ڪيا ويا. اهڙيءَ ريت هڪڙو سنڌ صوبو هو جنهن تي پنهنجي اسريل سڌريل ترقي يافته ۽ تهذيب يافته ٻولي هوندي سوندي هڪ ڌاري هندستاني ٻولي (اردو) مڙهي وئي.

[سنواريو] اهم شهر

[سنواريو] پڻ ڊسندا

[سنواريو] خارجي ڳنڍڻا



سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سري لنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | امريڪا | ڏکڻ ڪوريا


او آءِ سي Flag of OIC.svg
افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو | برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ | آئيوري ڪوسٽ | جبوتي | مصر | گيبون | گيمبيا | گني | گني بسائو | گيانا | انڊونيشيا | ايران | عراق | اردن | ڪويت | قازقستان | ڪرگزستان | لبنان | ليبيا | مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مرڪش | موزمبيق | نائيجر | نائيجيريا | اومان | پاڪستان | فلسطين | قطر | سعودي عرب | سينيگال | سيراليون | صوماليا | سوڊان | سورينام | شام | تاجڪستان | ترڪي | تيونس | توگو | ترڪمانستان | یوگینڊا | ازبڪستان | گڏيل عرب امارات | يمن


Wiki letter w.svg هيءُ ڪَچو مضمون آهي. ان ۾ مناسب اضافو ۽ سڌارو ڪري توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا.