شاهه عبداللطيف ڀٽائي

Wikipedia طرفان
Jump to: navigation, ڳولا
شاه عبداللطيف ڀٽائي
لاکيڻو لطيف
تاريخ پيدائش: 1101 هه، 1689ع
جاء پيدائش: ڳوٺ سُئي ڪنڌر هاڻوڪو تعلقو ٽنڊو آدم
تاريخ وفات: 1165هه، 1752ع
جاء وفات: ڀٽ شاه
مدفن: ڀٽ شاه

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنه 1689ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي [[هاڻوڪي ٽنڊي آدم تعلقي جي هڪ ڳوٺ سُئي ڪنڌر]، هالا حويلي۾ ڄائو. شاهه عبداللطيف حبيب شاهه جو پٽ، عبدالقدوس شاهه جو پوٽو، جمال شاهه جو پڙپوٽو ۽ جمال شاهه شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو ٽيون پٽ هو. شاه تاڃيءَ پيٽي سيد هو. سندس والده ڏيرن فقيرن منجهان هئي. سندن ڳوٺ ڀٽ کان ٿورو ئي پنڌ آهي،اڃان تائين ان ڳوٺ ۾ شاھ جا ڪنڊا نالي ديھ آهي.


شاه جي تعليم ۽ تربيت[سنواريو]

چون ٿا ته شاه حبيب پنهنجي پٽ کي وائي ڳوٺ جي مشهور عالم آخوند نور محمد ڀٽيءَ وٽ علم پرائڻ لاءِ موڪليو، وائيءَ جو ڳوٺ ڀٽ کان ڇهه ۽ اڏيري لعل کان ٻه ڪوهه پري آهي. چون ٿا ته شاه الف اچاري ب چوڻ کان نابري واري. شاه صاحب امي (اڻ پڙهيل) هو يا نه تنهن بابت جدا جدا عالمن جدا جدا رايا ڏنا آهن. ڪنهن جو چوڻ آهي ته هو هڪ يگانو علم هو. ۽ ڪن صاحبن جو رايو آهي ته مٿس علم لدني نازل ٿيل هو جو ڌڻيءَ طرفان ڪامل ولين کي عطا ٿيندو آهي.

شاه صاحب سان اڪثر ٽي ڪتاب ساڻ هوندا هئا: قرآن شريف، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي، شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام. انهن ڪتابن تي ڪنهن به هنڌ ڪجهه به لکيل ناهي جنهن کي شاه جو دستخط چئجي. مير علي شير قانع ٺٽوي، جيڪو عبداللطيف جو معتقد هو سندس ئي زماني ۾ رهندو هو، سو پنهنجي ڪتاب تحفه الڪرام ۾ لکي ٿو اگرچه عبداللطيف اڻ پڙهيل هو ته به ساري عالم جو علم دل جي لڪيل تختيءَ تي لکيل هو. تحفه ڪرام شاه صاحب جي وفات کان صرف سورنهن سال پوءِ يعني 1786 ۾ لکيل آهي انهي ڪري ڪي علام ان کي هڪ اهم سند سمجهن ٿاحقيقت ۾ عارفن اوليائن جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع وڃي ڪرامتن ۽ معجزن جي عشق ۾ گرفتار ٿيو آهي. سندس دفتر مان ڪو ّخاص تاريخي يا شخصي احوال خير ٿو ملي.

شاه جو عشق[سنواريو]

روايت آهي ته شاه ويهن ورهن جو ٿيو ته ليس مجازي محبت جو ڪان لڳو. چون ٿا ته ڪوتڙيءَ جي مرزا مغل بيگ جو شاه حبيب ۾ ڪامل ويساه هو ۽ کيس دعا ڦيڻي لاءِ اڪثر پنهنجي گهر ۾ وٺي ويندو هو. هو آرغون هو سندس گهر ۾ سخت پردو هوندو هو. سندس گهر ۾ اگهائي ٿي پوندي هئي ته مرشد کي عرض ڪري دعا لاءِ وٺي ايندو هو. هڪ دفعي سندس نياڻ بي چاڪ ٿي پئي اتفاق سان ساڳي وقت شاه حبيب جي طبيعت به ناساز هئي انهيءَ ڪري مرزا بيگ جي عرض تي پٽ عبداللطيف کي ساڻس وڃڻ جي هدايت ڪيائين. شاه، مغل جي دختر جو حسن بيخود ٿي ويو ۽ سندس آڱر پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين،


جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪو لوڏو

اِهي سخن سڻي مرزا ۽ سندس عزيز غصي ۾ لال ٿي ويا. پر ٻاهران صبر اختيار ڪيائون. ان کان پوءِ اندران ئي اندران سيدن کي اهڙو ته تپائي کيائون جو هو لاچار ٿي اتر طرف ڪجهه مفاصلو پري وڃي ڌار حويلي اڏي ويٺا.

عشق جي ڪلن لڳڻ کان پوءِ شاه هرڻ ۽ هما وانگر صحرائن ۽ بيابانن ۾ سرگردان ۽ حيران ٿي پيو ڦرندو هو. هڪ دفعي ته ٽي ڏينهن سانده هڪ هنڌ غش ئي غش پيو هو. سندس جسم تي واري جا تهه چرهي ويا ۽ رڳو سندس ڪپڙي جو پلاند پئي ڏٺو. قضا سان هڪ پنوهار جي وڃي مٿس نظر پئي جنهن سارو احوال وڃي شاه حبيب کي سڻايو. شاه حبيب اڏامندو اچي ان هنڌ پهتو ۽ ڏاڍي سوز مان چيائين،

لڳي لڳي واءُ ، ويا آنگڙا لٽجي

شاه بيخودي جي حالت مان ڇرڪ ڀري اٿيو ٺهه پهه جواب ۾ چيائين،

}پيئي کڻي پساه ، پسڻ ڪرڻ پرين جي.

ڪي صاحب انهيءَ خيال جا آهن ته هن شعوري زماني ۾ اهڙي روايت کي ڏند ڪٿا ڪري شمار ڪرڻ جڳائي ۽ انهيءَ کان گريز يا ڪنارو ڪرڻ واجب آهي.

شاه جو سير وَ سفر[سنواريو]

هڪ ڏينهن شاه اوچتو ئي اوچتو بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي جوڳين جي سنگ م هنگلاج ڏانهن هليو ويو. ڏسجي ٿو ته هو ساڻن گنجي ٽڪر واري واٽ وٺي ويو هو ۽ سندن صحبت ۾ ٽي ورهيه سفر ۽ سياحت ۾ رهيو. جوڳين جي صحبت ۾ جيءَ کي انيڪ جفائون ڏنائون. جهاني تجربا پرايائين ۽ اَملهه اتمڪ خزانا هٿ ڪيائين. هنگلاج ڏانهن ويندي ويندي جيڪي هنڌ ۽ مڪان ڏٺائين تن جو ذڪر سسئي وارن سرن سر کاهوڙي، سر رامڪلي وغيره ۾ ڪيو اٿس. هنگلاج کان موٽندي شايد ٺٽي کان سنڌو نديءَ وارو پتڻ اڪري مغلڀين، لکپت، هالار، دوارڪا، پور بندر، جهونا گڙهه گرنار ۽ کنڀات گهميو. چون ٿا ته ٺٽي ۾ مخدوم معين ۽ ٻين عالمن فاضلن سان به رهاڻون ڪيائين. مخدوم معين کي مخدوم تارو به چوندا آهن. وطن ڏانهن ورندي جيسلمير ۽ ٿر به گهمندو آيو ٿو ڏسجي، سر مارئي ۾ ٿر جي نظارن ۽ ٿرين جي جي زندگيءَ جو اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. ممڪن آهي ته جيسلمير کان پنج ڪوهه پري لڊاڻو ٽڪري ۽ ان سان لڳل ڪاڪ ڪنڌي به ڏسي آيو هجي سر مومل راڻو اهڙي شاهدي ڏئي ٿو،

ساري ڏج سيد چئي ، لڊاڻي تان لاءِ.


ننگر ٺٽي ڏانهن ورندي هڪ غار ۾ هڪ شخص کي ڏٺائين، ته هي مصرع نهايت درد ناڪ نوع ۾ پيو چوي،

هيڪليائي هيل، پوريندس پنهوءَ ڏي.


پڇڻ تي معلوم ٿيس ته هو هڪ جت هو. ۽ هالن جي ڀرسان لنگهندي فقيرن جي واتان اِها مصرع ٻڌي هيائين. شاه چيس ته جي چاهين ته بيت جون باقي ٻه مصرعون به ٻڌايانءِ انهيءَ تي جت خوشي ڏيکاري. شاه تنهن تي ٻي مصرع چئي ٻڌايس،

آڏا ڏونگر لڪيون ، سوريون سڄن سيل،

ٻي مصرع ٻڌندي ئي جت وجد ۾ اچي ويو، ٽين مصرع ٻڌڻ لاءِ بيتاب ٿيو جنهن تي شاه ٽين مصرع ٻڌايس،

ته ڪر ٻيلي آهن ٻيل ، جي پريان جا ماڻ مون.

شاه جو بيت ختم ڪرڻ ۽ جت جو فوت ٿيڻ. شاه جي ارمان ۽ عجب جي هد نه رهي پوءِ جت کي اتي دفن ڪيائين. انهيءَ جت جي قبر اڃا تائين واٽهرن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي شاه اڪثر چوندو هو ته انهي جت جهڙو درد وارو انسان مون ڪڏهن ڪونه ڏٺو آهي.(اهي ڳالهيون هاڻي نِروار ٿيون آهن ۽ انهن کي ڏند ڪٿا سمجهڻ هجي انهن جو حقيقت سان ڪو واسطو نه آهي.

شاه حبيب پٽ جي فراق ۾ بيحال ٿي پيو، ران ڏينهن پيو ڌڻي در کي ٻاڏائندو هو ته سندس وري کيس سلامت اچي ملي.

مخدوم نوح جي درگاهه تي به هر اها دعا پنندو. هڪ ڏينهن اچتو ئي اچتو شاه شاه عبداللطيف اچي پنهنجي گهر سهڙيو. پيءُ جون اکيون ٺري پيون ورهين جو وڇوڙو هڪ لحظي ۾ لهي ويو.

شاه جي شادي[سنواريو]

شاه جي گهر موٽي اچڻ کان ستت ئي مٿس شاديءَ جو ٻنڌڻ پيو. جنهن جي ڪارڻ گهنو وقت بيتاب ٿي جهنگ واديون ۽ رڻ ڦريو هو. تنهن سان ئي قدرت سندس ناتو جوڙيو. اها هئي مرزا معل بيگ جي نياڻي. بيبي سيده بيگم جنهن کي شاه جا مريد پوءِ ادب وچان تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ) سڏيندا هئا.

شاهه جي شادي ڪيئن ٿي، سا به هڪ حيرت جهڙي ڳالهه آهي. هڪ ڏينهن اتفاق سان ايئن ٿيو جو ڪي دَل ذات جا رهزن مردن جي غير حاضريءَ جو فائدو وٺي مرزا مغل بيگ جي گهر تي ڪاهي آيا سارو قيمتي سامان ٻهاري ويا. پوءِ مغلن هٿيار بند ماڻهو ساڻ ڪري ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو ۽ اچي شاهه جي پاڙي مان لانگھائو ٿيا. اها روئداد ڏسي شاهه سچي نيت سان پنهنجي ۽ پنهنجن ماڻهن جون خدمتون آڇين پر مرزا ان کي حقارت سان ٿوڪاري ڇڏيو شاهه کي انهيءَ تان ڏاڍو رنج رسيو چون ٿا ته سندن زبان مان بي اختيار بد دعا نڪري وئي. مرزا پنهنجي ماڻهن سميت شاهينگن هٿان مارجي ويو. اهو حادثو 1124 هجريءَ مطابق سن 1813ع ۾ پيش آيو. مغلن جي زالن سيدن جو رنج مٽائڻ لاءِ اچي کانئن معافي ورتي. پوءِ مرزا مغل بيگ جي نياڻي جي شادي شاهه سان ڪريائون. بيبي صاحبه هڪ نهايت پاڪ دامن پارسا ۽ نيڪ اطوار عورت هئي شيخ سعديءَ جو فرمودو آهي،

زن نيڪ و ففرزانجه و پارسا ، ڪند مرد درويش را پاشا.

يعنى نيڪ سياڻي ۽ پارسي عورت فقير مرد کي به بادشاه بنائي ٿي ڇڏي. هن سڳوريءَ صحبت جي شاه کي هڪ روهاني سلطان بڻائي ڇڏيو ته ڪهڙو عجب!

هوءَ پاڻ سان پنهنجو ننڍو ڀاءُ گولو وٺي آئي هئي جو جلد ئي گذاري ويو.

شاه جو اولاد[سنواريو]

شاه کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو چون ٿا ته بيبي صاحبه کي هڪوار اميد واري ٿي هئي. پر ڪهياء ٿي پيس انهيءَ جو ڪارڻ هن ريت ڄاڻايل آهي،

هڪ ڏينهن شاه پنهنجي هڪ فقير کي پري کان سهڪندو ايندو ڏٺو پڇڻ تي معلوم ٿيس ته بيبي صاحبه کي پلي تي دل ٿي هئي ۽ اهو فقير ڊوڙي وڃي گهڻي پنڌ تان پلو هٿ ڪري آيو هو. اهو حال ڏسي شاه چيو ته اهڙو اولاد ئي گهوريو جو ڄمڻ کان اڳي ئي منهنجي فقيرن کي ٿو رلائي.اهو واقعو پڻ اعتبار جوڳو نه آهي.

شاه هميشه چوندو هو ته هي فقير ئي منهنجو اولاد آهن جن جون دليون عشق کان گهايل آهن تحقيق درويش جا مريد سندن نوري پت آهن.

شاه جا آخري ڏينهن ۽ وفات[سنواريو]

شاه صاحب پيءُ جي وفات کان پوءِ رڳو ڏهه ورهه زندهه رهيو پيءُ جي گذر ئي کان پوءِ اتالي سميت ڪوٽڙي ڇڏي وڄي ڀٽ تي رهيو. سندس هاڪ هينئر هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي ۽ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو، وٽس سارو ڏينهن سرود ۽ سماع جاري رهندو هو دهلي جا ٻه مشهور گويا اَٽل ۽ چنچل به اچي سندس خدمت م حاَضر ٿيا. راڳ شاه صاحب جي جان هو. موسيقي يا گانڪي جو جو ڪامل ڄاڻو هو پاڻ به پنهنجو چيل ڪلام ڳائيندو هو. چون ٿا ته وفات کان ٿورو اڳ گهڻو ڪري هيٺين ڪافي چوندو رهندو هو. اها ڪافي سر سهني جي پهرين داستان کان پوءِ اچي ٿي

ڪهڙي منجه حساب . هئَڻ منهنجو هوت ري لا....

شاه صاحب صفر مهيني جي 14 تاريخ 1165 هه مطابق 1752 ع ۾ جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس عمر حضرت محمد صه ۽ حضرت علي جي عمر جيتري ٿي. يعني 63 ورهه.

شاهه جو عالمي شاعرن ۾ مقام[سنواريو]

اسان جو موجوده دؤر ”بين الاقواميت“ تي نازان آهي، حالانڪه انهيءَ نظريي جو بنياد، ديني خواه قانوني طور، اڄ کان تقريباً چوڏهن سؤ سال اڳي رکيو ويو. پر انهيءَ هوندي به اسين مسلمانن اڄ به دل جو جان سان پڪا ”قوم پرست“ آهيون. عجب ته اهو آهي جو خود قرآن کي به ”قومي نظريي“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن جو لازمي نتيجو اهو نڪتو آهي جو هر معاملي ۾، ”منهنجو“ ۽ ”تنهنجو“ خيال ڪار فرما آهي ۽ انهيءَ ڪري هر ڪو ”پنهنجن“ شاعرن تي فخر ڪري ٿو. اهڙي خيال ۾ ڪو به حرج ڪونهي؛ بشرطيڪه ڪو صاحب محض ”پنهنجي“ کي چمڪائڻ خاطر ٻئي جي گهٽتائي نه ڪري. در حقيقت صحيح ذوق حسن مفقود آهي، انهيءَ ڪري ئي حسن کي انهيءَ لاءِ نٿو ساراهيو وڃي اهو حسن آهي، پر محض انهيءَ لاءِ ته اهو ”منهنجو“ آهي. تنهنڪري شاهه عبداللطيف متعلق ڪنهن به راءِ قائم ڪرڻ لاءِ اسان کيس انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽڻ نٿا گهرون، جا اسان جي پنهنجي دل چاهي ٿي؛ مگر ان لاءِ اسان اهي تنقيدي معيار مد نظر رکندا سون جي ٻاهرين غير جانبدار ماڻهو مقرر ڪيا آهن، ۽ جي اڄوڪي ادبي دنيا ۾ مسلم ۽ مروج آهن.


پهريون معيار: اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ڪارلائيل (Carlyle) نظم کي ڇڏ نثر اختيار ڪيو ۽ چيائين: ”جيڪڏهن ويد، انجيل ۽ قرآن به نثر ۾ آهن ته منهنجي لاءِ به اهو ئي ڪافي آهي.“ نظم نويسن جي استفادي خاطر وڌيڪ هيئن به چيائين: جيڪڏهن اوهان جو نظم ڳائڻ جي لائق نه آهي ته ان کي ”شعر“ هرگز نٿو چئي سگهجي ۽ ان جو لکڻ ئي فضول آهي“.


هاڻي اچو ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر کي انهيءَ ڪسوٽي تي پرکيون. پوءِ خواه کڻي اهو شيڪسپيئر (Shakespeare) هجي يا ملٽن (Milton) تائين، ۽ ڏسون ته اهو انهيءَ معيار تي پورو اچي ٿو؟ پر انهيءَ فيصلي کان اڳ اچو ته انهن متعلق جيڪي ڪجهه پاڻمرادو طئي ٿي چڪو آهي، انهيءَ تي غور ڪريون. سوال آهي ته آيا سندن شعر جو هر هڪ مصرعو خود سندن ملڪن ۾ هن کان اڳ ڳائجي چڪو آهي يا نه؟ هن سلسلي ۾ هن سوال کي ته آيا سندن ڪلام هن وقت به ڳائڻ جي لائق آهي يا نه، ڀل کڻي درڪنار ڪجي انهيءَ باري ۾ موجوده نئين روشنيءَ جو صاحب مبادا مرڪي چوي: ”پر، سندن سمورو ڪلام ڪو ڳائڻ – جوڳو (Lyrical) نه آهي، پر اهڙن ٻين عنوانن تي مشتمل آهي جن جو ڳائڻ لازمي نه آهي“. هائو، پر اهو دليل ڪار لائيل جي نظريي جي عين مطابق ناهي.


لطيف پنهنجي بيتن کي ڪڏهن به هڪ ”ڪارنامو“ ڪري نه ڄاتو، ڇاڪاڻ ته سندس واسطي انهن جي چوڻ ۾ ڪنهن به خاص قسم جي ڪوشش جي ضرورت ئي ڪانه هئي. هن اهي بيت هڪ اهڙي وجداني ڪيفيت ۾ چيا، جنهن ۾ ”ڪوشش“ جي گنجائش ئي ڪانه هئي. انهيءَ ڪري هن پنهنجي شعر کي ”نياپو“ ڪري سڏيو ۽ سندن شعر جو هر هڪ مصرعو، بنا ڪنهن خاص تاڪيد جي ڳائجي رهيو آهي. جن ماڻهن سندن ڪلام کي سمجهيو آهي، خواه اهي ماڻهو جن ان کي ذري جيترو به ڪين سمجهيو آهي، سڀيئي سندس بيتن کي آلاپين پيا. بهر حال سندس شعر ڳائجي پيو ۽ ماڻهن کي ان جي ڳائڻ کان ڪير به موڙي نٿو سگهي. هيءَ حقيقت ڪارلائيل جي نظريي جي مڪمل تائيد ڪري ٿي ته بيشڪ شعر اهو آهي، جنهن کي هر هڪ ماڻهو پڙڻ جي بدران ڳائڻ ئي چاهي ٿو.


جيئن اسان راڳ کي ” آوازن جي تنظيم“ سمجهون ٿا، تيئن هڪ عرب مصنف شعر کي ”لفظن ۾ سمايل راڳ“ ڪري ڄاڻايو آهي، يعني ته هو انهيءَ نظريي کي ترجيح ڏئي ٿو ته هر مصرع ترنم جي خصوصيت جو هجڻ شعر جو هڪ لازمي جز آهي. بس! دنيا جي سڀني وڏن شاعرن جي ڪلام کي پرکڻ لاءِ اها پهرين ڪسوٽي آهي. ڪو به صاحب انهن کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي پنهنجو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو.


ممڪن آهي ته ڪو صاحب مختلف شاعرن جي ڪلام جي ضخامت جي حجت اٿاري، پر انهيءَ ڏس ۾ به لطيف جي ڪلام ذخيرو دنيا جي اڪثر وڏن شاعرن جي ڪلام جي ذخيرو جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه آهي. سندس رسالي ۾ ڪم و بيش 36 مختلف عنوان آهن ۽ ان مان هر هڪ جا ڪيئي مختلف داستان آهن. انهيءَ لحاظ سان به، سواءِ شيڪسپيئر ۽ گوئٽي جي، ٻين ڪن ٿورن شاعرن جي ڪلام جو ذخيرو سندس ڀيٽ ۾ اچي سگهندو.


ٻيو معيار: ٻيو معيار، جو موجوده دؤر جا وڏا وڏا نقاد شعر کي پرکڻ لاءِ تسليم ڪن ٿا، سو هيءُ آهي ته: آيا شاعر جي ڪلام جي ڪنهن به مصرع ۾ ڪو به اهڙو لفظ بدلائي سگهجي ٿو؟ جو انهيءَ تبديلي سان مصرع کي زياده مؤثر يا فصيح بڻائي سگهي، يا ان ۾ وڌيڪ ترنم پيدا ڪري سگهي؟.


هڪ دفعي جڏهن بين جانسن (Ben Johnson) کان پڇيو ويو ته هو پنهنجي نظم جي ڏهن کان به زياده دفاع تصحيح ڪري ٿو، حالانڪه شيڪسپيئر ڪڏهن به پنهنجي شعر جي ٻيهر اصلاح ڪانه ڪئي، تڏهن جواب ڏنائين ته سندس خيال موجب بهتر ٿئي ها جيڪڏهن شيڪسپيئر ويهه دفعا پنهنجي شعر جي اصلاح ڪري ها. مگر انهيءَ هوندي به زمانو شاهد آهي ته سندس اهو نظم، جنهن جي ڏهه دفعا تصحيح ڪئي وئي آهي، ان ۾ اڃا به اصلاح جي گنجائش باقي آهي، پر شيڪسپيئر جون في البديهه چيل مصرعون اصلاح کان بالاتر آهن ۽ انهن مان گهڻن ۾ ڪنهن به هڪ لفظ جي ڦير گهير سڄي مصرع جي ترنم کي تباهه ڪري ڇڏيندي. بهرحال، اهڙي تبديلي سڌاري جي بدلي نقصانڪار ثابت ٿيندي.


حقيقت ۾ ڪنهن ورلي شاعر جو ڪلام هن معيار تي پورو بيهي سگهندو، پر لطيف جي ڪلام ۾ ته فقط هڪ لفظ جي تبديلي به سڄي لئي ۽ ترنم کي بگاڙي ڇڏي ٿي، بلڪه ختم ڪري ڇڏي ٿي ۽ ناقبل برداشت بڻائي ڇڏي ٿي. بس! امڪان نه آهي جو ڪنهن به مصرع ۾ رڳو هڪ لفظ به هٽائي يا مٽائي سگهجي. سندس سڄو ڪلام انهيءَ لطيف توازن ۽ نزاڪت جو حامل آهي! نه فقط هر هڪ مصرع، پر هر هڪ لفظ ۽ ان جي بيهڪ کي ”هڪ خاص اهميت“ آهي ۽ ان جو بدلائڻ محال آهي. دنيا جو ڪو به شاعر، سندس ڪلام جي سڄي ذخيري جي نقطي نگاه کان، هن پرکا ۾ پورو بيهي نه سگهندو. ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو، پر خود شيڪسپيئر جي به ڪيترين ئي مصرعن کي ترميم بعد بهتر سمجهيو ويو آهي. موجوده يورپي نقادن ڪنهن به شاعر جي شعر کي پرکڻ واسطي اهو ٻيو معيار مقرر ڪيو آهي.


ٽيون معيار: اهي مٿيان ٻه معيار دنيا جي شاعرن جي قطار ۾ ڪنهن به شاعر جي درجي مقرر ڪرڻ واسطي ڪافي آهن. مگر اڃان به ٽيون هڪ آخري، نهايت اهم، ۽ ناگزير معيار آهي، جو ازروءِ جامع تنقيد، نقطعي طور، ڪنهن به شاعر جي درجي قام ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. اهو معيار آهي زبان جو استعمال، جنهن جي ذريعي شاعر پنهنجي خيالات جو اظهار ڪري ٿو.


چيو وڃي ٿو ته ملٽن پنهنجي جملي ڪلام ۾ انگريزي زبان جا اَٺ هزار لفظ ۽ شيڪسپيئر سورهن هزار لفظن استعمال ڪيا آهن. الفاظ جي صحيح استعمال کي ردڪنار ڪندي به، خيالات جي وسعت کي تورڻ تڪڻ جو هيءُ فقط هڪ طريقو آهي. درحقيقت زبان واري معياري پرک جو اهو (الفاظ جو ڳاڻيٽو) ڪو موزون طريقو نه آهي. سوال آهي ته سورهين صدي واري انگيزي زبان اندر، خيالات جي اظهار جي وسعت جيڪا شيڪسپيئر پيدا ڪئي، انهيءَ کان وڌيڪ وسعت پيدا ڪرڻ جو ڪو امڪان هو ڇا؟ ٻين لفظن ۾، معيار آهي زبان ۾ وڌ کان وڌ خيالات جي اظهار لاءِ وسعت پيدا ڪرڻ. سواءِ شيڪسپيئر جي ٻئي ڪنهن شخص جي نه وهم گمان ۾ ۽ نه امڪان ۾ ئي هو ته ايلزبيٿ جي دؤر واري انگريزي ٻوليءَ ۾ اهي خيالات اظهار ڪري، جي شيڪسپيئر ڪيا. ڊانٽي ۽ گوئٽي جي حالت ۾ به اهو چوڻ صحيح ٿيندو. پر سواءِ شيڪسپيئر جي، ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ڪرڻ واري جنهن منزل کي هو پهتا، سا نسبتاً گهڻو گهٽ هئي، بمقابله انهيءَ ارڙهينءَ صديءَ واري سنڌيءَ زبان جي، جنهن کي لطيف نباهيو، ۽ ويجهايو ۽ وڌايو. ڪنهن جي وهم گمان ۾ ئي نٿو اچي ته لطيف واري زبان ڪا انهيءَ دؤر ۾ سنڌ اندر ڳالهائي ويندي هئي! سنڌي، جا وڌ ۾ وڌ هڪ صوبائي محاوري جي منزل تي هئي، سا شاهه جي هٿن ۾ هڪ نهايت گرانمايه ۽ وسيع ترين ٻولي بڻجي پئي، ايترو جو اسين نه سڃاڻي ٿا سگهون، نه ڪي سمجهي ٿا سگهون ته سندس زبان ڪا اها ساڳي سادي صوبائي ٻولي آهي. تنهنڪري انهيءَ ناگزير معيار مطابق به، جو يورپ جي وڏن نقادن ” آخري معيار“ تسليم ڪيو آهي، ڪاميابيءَ جو سهرو لطيف جي سر تي ئي آهي.


اهي ٽي معيار جي مٿي بيان ڪيا ويا آهن، سي اسان جا نه پر دنيا جي نهايت ترقي يافته قومن جا تجويز ڪيل آهن ۽ انهن جي ذريعي اهو آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهندو ته سواءِ لطيف جي، دنيا جو ڪو به شاعر انهن تي هر پهلوءَ کان پورو نٿو اچي سگهي.


هت اسان تصوف جي گهراين، تخيل جي پرواز، شاعراڻي فهم ۽ نظر ۽ فطري نغمـﮧ سرائي وارن نقطن جو بيان ئي نٿا ڪريون. اهو هڪ جداگانه باب آهي. اسان هت انهيءَ مسئلي کي به ڇڏي ڏيون ٿا ته شاهه جو شعر ڪيتري قدر انساني زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي روشن ڪري ٿو، ۽ نڪي وري انسان انهيءَ پنهنجي عام مروج مسئلي کي ئي ڇيڙيون ٿا ته شاهه جو شعر ڪيتري قدر قرآن تي حاوي آهي ۽ ڪيتري قدر ان جو تفسير. نڪي وري اسان جو مقصد آهي ته ڪو شاهه جي ڀيٽ روميءَ سان ڪريون، جنهن جي ”مثنوي“ متعلق چيو ويو هو.


”هست قرآن در زبان پهلوي“


اهي جملي نقطا اسان جي محققن جي توجهه جا لائق آهن ۽ انهن تي ڪتابن جا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انهن جي اپٽار جو نه هيءُ موقعو آهي ۽ نه مهل. تنهنڪري اسان انهن تن معيارن تي اتفاق ڪريون ٿا، جي مٿي بيان ٿي ڪا آهن، ۽ ڀل ته دنيا پاڻ ڏسي، بشرطيڪه ان کي اهي اکيون آهن، جن تي تنگ ” قومي“ جذبات جو پردو چڙهيل ناهي.


Noia 64 apps xeyes.png پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالو[سنواريو]

شاه جو رسالو ترتيب: ڪلياڻ آڏواڻي
شاهه جو عالمي شاعرن ۾ مقام - علامه آء آء قاضي

شاه جو رِسالو. تحقيقي رِٿا، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.