سنڌوندي

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا
عڪس:River Indus.jpg
سنڌوندي

سنڌو درياءَ جي قدامت حضرت انسان جي پيدائش کان گهڻو آڳاٽي آهي. سنڌو درياءَ کي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. ”اباسين“، ”سپت سنڌو“، ”مهراڻ“ ، ”انڊس“ وغيره سنڌو درياءَ جا مختلف نالا آهن. سنڌوءَ جو ذڪر قديم هندو ويدن ۽ پستڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي انهن قديم ويدن کي سنڌوءَ جي ڪنارن تي تخليق ڪيو. ”رگ ويد“ توڙي ٻين ويدن ۾ سنڌوءَ جي ساراهه ۾ ڀڄڻ چيل آهن. تاريخن ۾ اچي ٿو ته سنڌ توڙي هند تي اهي نالا سنڌو درياءَ جي ڪري پيا. سنڌوندي دنيا جي وڏين ندين مان سترهين نمبر تي آهي.

اهو علائقو جنهن کي يوناني سنڌوءَ مان ”پراچين“، هندو ”سنڌوديش“، عرب جاگرافيدان مهراڻ ۽ سنڌ جا رهواسي پڻ ”سنڌوديش“ جي نالي سان سڏيندا آيا آهن. قديم دور ۾ سنڌ جون حدون ”اتر ڏي بهاولپور جو علائقو، ڏکڻ ڏانهن عربي سمنڊ، اڀرندي طرف وارياسو رڻ پٽ ۽ الهندي ڏي جبلن جي هڪ قطار هيون.“

سنڌوندي کي ”مٺو سمنڊ“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. سنڌوءَ جو عام وهڪرو اتر کان ڏکڻ طرف آهي. سنڌوندي ”بکر (سکر) ۽ روهڙيءَ جي شهرن وچان پهاڙن کي چيريندي آهستي آهستي ڏکڻ اولهه طرف وهي ٿي.“ سکر بيراج ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌوءَ مان ڪيترائي واهه ڪڍيا ويا جيڪي سنڌ جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ آباد ڪن ٿا. سيوهڻ وٽ جبلن جي روڪ سنڌوءَ کي سڌو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿي جنهن ڪري ان جو رخ حيدرآباد تائين ڏکڻ ـ اوڀر طرف ڦيرائي ٿي. سنڌوندي جو آخري ڇوڙ سمنڊ ۾ ٿئي ٿو جتي دنيا جي هڪ خوبصورت ڊيلٽا جڙي ٿي.

سنڌو درياءَ جي اترئين علائقن ۾ جڏهن برسات پوي ٿي يا جڏهن هماليه جي برف تيز گرمي سبب پگهرجي ٿي تڏهن مارچ ڌاري ان ۾ چاڙهه شروع ٿئي ٿو جيڪو آگسٽ ۾ پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ٿو ۽ نيٺ آڪٽوبر ڌاري لهڻ شروع ٿئي ٿو. سنڌوءَ جا قديم بندرگاهه الور، بلري، منصوره، منجابري، نيرون ۽ رابيل وغيره هئا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا مڇين جي نرسري سڏجي ٿي جتي تمر جا ٻيلا آهن جيڪي مڇين جي واڌويجهه لاءِ خوراڪ جو ڪم ڏين ٿا اهڙي طرح اهي ٻيلا سامونڊي کاڌ کان بچاءُ جو پڻ اهم ذريعو آهن.

سنڌوءَ جو قديم دور وارو عروج مختلف بئراجن ۽ ڊيمن اڏجڻ سبب گهٽجي ويو آهي. جنهنڪري سنڌوءَ جي ٻنهي طرفن کان موجود ٻيلا پڻ پنهنجو جوڀن وڃائي ويٺا آهن. پاڻيءَ جي کوٽ ڊيلٽائي علائقن جي سونهن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. اتان جي انساني آبادي پڻ بحران جي وَر چڙهي پڪي جي علائقن ڏانهن تيزيءَ سان لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. سامونڊي ويرن جي چاڙهه سبب تقريبن سموري ڊيلٽائي علائقي ۾ کارو پاڻي ڪاهجي پيو آهي.

*سنڌو لفظ جو مطلب

سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ جو مطلب آهي سمنڊ يا وڏو درياءُ. آڳاٽي دور ۾ ڪابل ندي، گومتي وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون. سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻي وڏي رهي آهي. جنهنڪري آڳاٽن لوڪن نالو اهو نالو رکيس.

لفظ ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد سنسڪرت لفظ ”سيند“ آهي جنهن جو مطلب آهي وهڻ. جڏهن ته ٻي راءِ موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ جنهن جو مطلب آهي رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. انهن ٻنهي مان پهريون مفهوم عالمن جي نظر ۾ وڌيڪ درست لڳي ٿو.

ايرانين جو اچار لفظ سنڌو لاءِ ڦري ٿيو ”هندو“ مطلب ته ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪيو ويو. قديم ايراني سنڌو ماٿري (سنڌ ۽ پنجاب) کان گهڻو پري ڪونه ويا. هنن اڪثر علائقن ۾ آرين کي رهندي ڏٺو تنهنڪري چيو ويو هندو ـ آسٿان جيڪو اڳتي هلي ٿيو ”هندستان“. اهڙي طرح قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان بابت ڄاڻ پئي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا تن سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُچار ڦيرائي سڏيو ”انڊو“ ۽ سنڌوندي کي سڏيائون ”انڊوس“ اهڙِي طرح سڄي ملڪ کي سڏيائون ”انڊيڪا“. اڳتي هلي لئٽن ٻوليءَ ۾ اهي اُچار ڦري ٿيا ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“.

سنڌو (هندو) لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌونديءَ جي ڪناري رهندڙ“، ڪن تاريخدانن ان جي مطلب کي ڦيرائي ”ڪارو“ يا ”چور“ ظاهر ڪيو آهي. هندستان لفظ جو اصل مطلب هو ”سنڌوندي وارو ملڪ“. اڳتي هلي جڏهن مسلمانن حڪومتون قائم ٿيون ته هندستان جو مطلب ڦري ٿيو ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. اهڙي طرح لفظن جا اصلوڪا مطلب متروڪ يا گم ٿيندا ويا ۽ نوان مفهوم رائج ٿيندا ويا. آڳاٽن عربن کي ”هند“ جي ڄاڻ قديم ايرانين وٽان پئي.

حوالا


* سنڌوءَ جي ساڃاهه، ليکڪ سائين جي ايم سيد
* سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو