آريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آريا:

پروفيسر مئڪس ملر جي چوڻ موجب ”آريه“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”آر“ معنيٰ ”هر ڏيڻ“ جيڪي ماڻهو زمين کي هر ڏيئي کيتي ڪندا هئا، سي ڏوٿين ۽ خانه بدوش مالدارن کان وڌيڪ سڌريل ليکبا هئا ۽ اهي ئي خانداني يا وڏا گهراڻا سمجهبا هئا. انهيءَ سبب ”آريه؛ لفظ جي معنيٰ ئي هئي شريف يا وڏو. گهراڻو

آرين جو اصل ماڳ[سنواريو]

آريا اصل ڪٿان آيا، ان بابت عالمن جي راين ۾ هڪجهڙائي نه آهي. رگ ويد ۾ آرين ۽ آڻ آرين وچ جنگين بابت تمام گهڻو احوال ملي ٿو. بهرحال انهيءَ ۾ سندن بڻ بڻياد بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ مدد نٿي ملي. ٻين ٻولين جي کوجنائن مان پروڙ پوي ٿي ته اهي وچ ايشيا کان آيا هئا. اهو نظريو اڳتي هلي ڪن عالمن طرفان غلط قرار ڏنو ويو ۽ آرين جو اصل هنڌ اُتر قطب ڄاڻايو ويو. گنگاڌرڪ تلڪ هندن جي ويدن، اتهاسن ، پراڻن سان گڏ پارسين جي زنداوستا مان ڪيترائي حوالا ڏئي ڄاڻايو آهي ته آريا اصل ۾ ”ميرو پربت“ جا رهاڪو هئا جيڪو اُترقطب طرف هو. هن وقت اسان جي پڻ ڪيترن ئي عالمن جو رايو به ساڳيو آهي ته سڀ آريا لوڪ جيڪڏهن ميروپربت جا رهاڪو نه به هئا ته به سندن اڪثريت اتان جي هئي. اهو پڻ چيو ويو آهي ته رگ ويد جون ڪافي رچنائون انهي وقت جون آهن جڏهن اهي اترقطب طرف ميروپربت تي رهندڙ هئا. اُترقطب اهڙو علائقو آهي جتي سج ۽ ٻيا ستارا نه ڪي اُڀرندي يا لهندي ڏسجن ٿا ۽ نه رات ڏينهن وارو اسان جهڙو ساڳو وايو منڊل آهي پر جيالاجي مطابق اهو يقين ڪيو ويو آهي ته ڪو اهڙو وچولو دور به گذريو آهي جنهن ۾ اُتي ماڻهو رهي سگهيا ٿي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته قديم يونانين جو اصلوڪو ماڳ پڻ ميروپربت هو. سندن ديوتا ”دئونيسوس“ بابت يوناني لوڪ ائين چوندا آهن ته ”زيئوس“ جو پٽ هو. ۽ ڌرتي سندن ماءُ هئي. رگ ويد ۾ آڳاٽن آرين آسمان ۽ ڌرتيءَ کي ابو ۽ اما سڏيو آهي. تحقيق جي بنياد تي وچ ايشيا سان آرين جو تعلق ڪمزور ثابت ٿيو آهي ۽ اُترقطب واري نظريي کي هٿي ملي آهي. طرفن جي نالن مان ڏکڻ ۽ اتر لفظ انتهائي قديم زماني جا لفظ آهن. اتر مطلب پاسو، پر سنسڪرت ۾ ان جو مطلب آهي ”مٿيون پاسو“، سنسڪرت ۾ ”اُد“ جو مطلب مٿاهون يا اُتم آهي. هن وقت اتر جو ضد ڏکڻ سڏجي ٿو پر اصل ۾ ائين نه آهي. سنسڪرت ۾ اتر جو مطلب آهي مٿيون ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ يعني هيٺيون. سنسڪرت ۾ اتر جو ضد پورب پڻ آهي. سوال اهو آهي ته پوءِ هاڻوڪو رواج ڪيئن پيو؟ سنڌي لفظ ”ڏکڻ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”دڪشڻ“ آهي. جنهن جو مطلب آهي ساڄو ۽ سنسڪرت ۾ ان جو ضد آهي ”وام“، جنهن جو اُچار هندي ۾ آهي ”بام“، ”باوان“ يا ”بانوان.“ انهن لفظن جو مطلب آهي کٻو يا ڏائو، ٻيو لفظ آهي ”بائين“ جنهن جو مطلب آهي ”کٻو“. عالمن مطابق چئني ڏسائن جي نالن جون اڳيان توڙي هاڻوڪا مطلب سمجهڻ تڏهن آسان ٿيندو جڏهن تسليم ڪبو ته آڳاٽن هندن ۽ يونانين جا اباڏاڏا اصل ميروپربت جا رهاڪو هئا. ميروپربت اترقطب ۾ هو، جتي نئين سال جي شروعات ۾ ائين لڳندو آهي ته سج ڏکڻ کان اڀري ٿو. جنهنڪري ڏکڻ لفظ جو مطلب هو ”اڀرندو“، سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ جو بنياد آهي ”دڪش“ جنهنجو هڪڙو مطلب آهي ”اڀرڻ“. اترقطب ۾ سج ڏکڻ طرف کان ڦيرا کائيندو اڀرندو آهي. تنهنڪري اتر لفظ جو مطلب ٿيو مٿيون پاسو. آڳاٽا لوڪ پوءِ اترقطب ڇڏي هيٺ ڏکڻ طرف (وچ ايشيا، ايران، هندستان) آيا. اُتي سج سڌو اوڀر کان اڀرندي ڏٺائون ته انهيءَ طرف کي سڏيائون ”پورب“ جنهن جو مطلب آهي ”اڳيون پاسو“ يا اهو پاسو جتان سج اڀري ٿو. ان جو ضد ٿيو ”پڇم“ يا پٺيون پاسو يعني اهو پاسو جتان سج ُالهي ٿو. اڀرندي منهن ڪري بيهبو ته سڄي هٿ وارو پاسو ڏکڻ ٿيندو جنهنڪري ڏکڻ جو مطلب پوءِ وڃي ٿيو ”ساڄو“. ساڄي هٿ سان ڪم ڪار ڪيو ويندو آهي تنهنڪري ڏکڻ جو مطلب ”ڦڙت“ به آهي ڇاڪاڻ ته کٻي هٿ جي ڀيٽ ۾ سڄو هٿ ڦڙتي سان ڪم ڪار ڪري سگهي ٿو. آرين جو اصلوڪو ماڳ: آڳاٽن آرين جي نه رڳو ٻولي ساڳي هئي، پر ڌرم ڪرم به ساڳيو هون، بلڪه ائين سمجهڻ ۾ آيو ته حسب نسب به هڪڙو ئي هون، تنهنڪري سڀاويڪ طرح سوال اٿيو ته هندن، ايرانين ۽ يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا اصل ڪهڙي هنڌ گڏ رهندا هئا، جتان هڪ ٻئي جي ٻولي سکيا ۽ ساڳيا ڌرمي خيال به پرايائون، جنهنڪري ڏند ڪٿائون به ساڳيون اٿن؟ هن بابت ڪئين رايا ظاهر ڪيائون، جن جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۽ ڪن ڪتابن ۾ ڏنل آهن؛ پر ڪن صاحبن پنهنجي ڪتابن ۾ انهن سڀني کوجنائن جو اختصار به ڏنو آهي. هتي ٻن اکرن ۾ ٻڌائجي ٿو ته علم لغات جي اُصولن ڳولي لهڻ ۾ جن صاحبن منڍ ۾ ئي چڱو بهرو ورتو هو، تن مان مکيه ائڊيلنگ صاحب هو، جو سنه 1806ع ۾ گذاري ويو. هن صاحب اهو رايو ظاهر ڪيو ته انسان ذات پهريائين پيدا ئي مشرق (پورب) ۾ ٿي هئي ۽ ڪشمير واري ماٿر ”باغ عدن“ هئي، جا اڄ به بهشت جون سڪون پيئي لاهي. پارسين جي زنداوستا ۾، خاص ڪري وينديداد جي پهرئين فرگرد ۾، ڪن مڪانن جا نالا ڄاڻايل آهن، تن مان جَي. جِي رهوڊ (J.G Rhode) صاحب کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته ايرانين جو اصلوڪو ماڳ باختر (بختر Bactria) هو. اها ڳالهه 1820ع ۾ ظاهر ڪيائين. پاٽ صاحب (Pott) جي راءِ موجب اڪسس يا آمو درياءُ (Oxus) ۽ جئڪسارٽس (Jaxartes) نديون جتي ساوڪ سبزي لائي، باغ عدن بنائي بيٺيون آهن، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو. سندس اهو رايو سنه 1847ع ۾ لئسن صاحب (Laseen) ۽ 1848ع ۾ جيڪب گرم (Jacob Grimm) قبول ڪيو. اهو وچ ايشيا وارو نظريو ٻين جن عالمن قبول ڪيو ۽ عام خلق ۾ گهڻو ڦهلايو، تن مان مکيه پروفيسر مئڪس ملر هو، هو صاحب پورو هنڌ پاڻ به ڄاڻائي ڪونه سگهيو، تنهنڪري رڳو ايترو چيائين ته آريه لوڪ ”ايشيا ۾ ڪنهن هنڌ“ گڏ رهندا هئا. ائين به ڄاڻايائين ته انهن ئي آرين يورپ جا ٻيٽ ۽ ڪنارا، ايشيا کان اچي والاريا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  • ڪتاب، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ ليکڪ: سائين جي ايم سيد
  • ڪتاب ”قديم سنڌ“ ليکڪ: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي