لڌڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لُڌڙو
لُڌڙو
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Chordata
درجو: Mammalia
ترتيب: Carnivora
خاندان: Mustelidae
ذيلي خاندان: Lutrinae
نسل: Lutrogale
جنس: L. perspicillata
حياتياتي نالو
Lutrogale perspicillata
(I. Geoffroy Saint-Hilaire, 1826)
Smooth-coated otter range
هم معنيٰ

Lutra perspicillata

تعارف[سنواريو]

نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 لُڌڙو Smooth-Coated Otter Lutrogale perspicillata

اُودبلائو به هن نسل مان آهن ۽ هي ٻئي مماليه خشڪيءَ کان وڌيڪ پاڻيءَ ۾ خوش رهن ٿا.

جسم جي بناوٽ[سنواريو]

هن جو وزن 7 کان 11 ڪلوگرام ٿيندو آهي. هن جي جسم ڊيگھ 22 کان 25 هوندي آهي. هن جو پُڇ 10 کان 16 انچن جو ڊيگھو هوندو آهي.هن جي بت تي وڏي بج يا لسي کل يورپ ۾ سند س دشمن بڻجي وئي جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ ان پشم لاءِ هن جانور جو شڪار عام جام ٿيو آهي. لڌڙي کي پاڻيءَ ۾ رهڻ جي عادت آهي. پيرن جون آڱريون پاڻ ۾ ڳنڍيل هونديون اٿس جنهن ڪري پاڻ کي پاڻيءَ ۾ سولائي سان اڳتي ڌڪي يا تري سگھي ٿو. ان جو پڇ عام جانور وانگر سنهو نه ٿيندو آهي، پر ويڪرو ٿئي ٿو، جنهن سان ترڻ ۾ مدد ملندي آهيس. انجي نڪ ۾ وَالوَ هوندا آهن جيڪي پاڻيءَ ۾ وڃڻ سان بند ٿي ويندا آهن. اکين تي شفاف پردو اٿس جيڪو اک جي ڌوڏي کي پاڻي اندر ڍڪي محفوظ رکي ٿو. ان جا ٿلها وار هوا کي پاڻيءَ اندر روڪي رکن ٿا. هي رنگ جو ناسي ٿيندو آهي.

کاڌ خوراڪ ۽ رهائش[سنواريو]

لڌڙو صبح، شام ۽ رات جو سرگرم رهندو آهي، شور ڪندو آهي. مهاڻن جي ڄار ۾ ڦاثل مڇيءَ کي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن لڳ جي مند نه هوندي آهي خشڪي تي هلندو آهي. هي ٻرن، ڍنڍن ڍورن جي گاھ ۽ وڻن جي لڙڪندڙ ٽارين ۾ لڪو پيو هوندو آهي. لڌڙا پنهنجيون حدون مقرر ڪندا آهن. جيڪي 20 ڪلوميٽرن تائين ٿي سگھن ٿيون. هڪ بالغ لڌڙي کي روزانو هڪ ڪلو گوشت کائيندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هي 11 لڌڙن جي ٽولن جي صورتن شڪار ڪندا آهن. بنگال ۾ لڌڙن جي مدد سان مهاڻا مڇيءَ جو شڪار ڪندا آهن.

لڌڙا جي خوراڪ جو 70 سيڪڙو مڇي، باقي ڏيڏر، جيت، جھينگا ۽ ننڍا ميمل پڻ کائيندو آهي.

نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

لڌڙا لڳ جي مند ۾ ٻن ٽن مهينن لاءِ عارضي جوڙا ٺاهيندا رهندا آهن. ٻچا ٽي مهينا کن کير ڌارائين ٿا پر ماءُ سان سال کن گڏ رهندا آهن. لڌڙا مختلف آوازن ذريعي ۽ ڪجهه رطوبتون خاج ڪري ان جي بوءِ وسيلي هڪٻئي سان رابطو ڪندا آهن. 60 کان 63 ڏينهن جي پيٽ کان پوءِ 5 تائين ٻچڙا ڄڻيندا آهن.

گيلري[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي آرڪائيو ڪيا ويا 2018-12-26 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named iucn