بنگلاديش

Wikipedia طرفان

بنگلاديش ڏکڻ ايشيا جو اهو ملڪ آهي جنهن جي تقريباً هر پاسي کان هندستان آهي. پر ڏکڻ اوڀر ۾ هن جو ڪجهه حصو برما ۽ خليج بنگال سان لڳي ٿو.

فهرست

[سنواريو] تاريخ

1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي وقت اوڀر بنگال (هاڻوڪو بنگلاديش) پاڪستان جو حصو بڻيو. ان وقت اوڀر پاڪستان جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي ليگ سموري اوڀر پاڪستان جون سَو سيڪڙو نشستون کٽي وئي. ان وقت اوڀر پاڪستان جي ماڻهسيه پاڪستان جي ڪل ماڻهسيه جو 55 سيڪڙو هئي. تنهن جو مطلب ته 55 سيڪڙو نشستون کٽي عوامي ليگ وفاقي حڪومت ٺاهڻ جيتري ڪاميابي ماڻي ورتي هئي. پر پاڪستاني فوج کي اهو منظور نه هو، جنهن حڪومت جون واڳون عوامي ليگ جي حوالي ڪرڻ بدران بنگالي عوام جو قتلام شروع ڪري ڏنو. هزارين بنگالي عورتن جي لڄالٽ ڪئي وئي ۽ لکين بنگالي ماڻهو ماريا ويا، جنهن کان پوءِ هندستان مداخلت ڪندي بنگالي عوام جي مدد ڪئي ۽ اوڀر بنگال کي پاڪستان کان آزادي ڏياري.
پاڪستان جي انهن ٻنهي حصن جي وچ ۾ 1600 ڪلوميٽرن جو فاصلو هو. ٻنهي ملڪن ۾ ڳنڍپي جو اڪيلو رستو اسلام هو نه ته هي ٻئي ملڪ ڪنهن به لحاظ کان هڪ ٻئي سان ڪابه مشابهت نه رکندا هئا. شيخ مجيب الرحمان جي هيٺ آزادي جي تحريڪ هلي جيڪا 1971ع ۾ پوري ٿي ۽ دنيا جي نقشي تي بنگلاديش جي نالي سان هڪ نئو ملڪ وجود ۾ آيو ۽ تيزي سان سڄي دنيا هن کي تسليم ڪيو. درياءِ گنگا ۽ برهم پترا بنگلاديش ۾ دريائي ٽڪور ٺاهي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. بنگلاديش جي سياسي حالت پاڪستان وانگر آهي. هر ٻئي ڇينهن فوج جي چڙهائي هلندي رهندي آهي.

بنگلا ديش هن وقت سارڪ ۽ او آئي سي جو ميمبر آهي.

[سنواريو] معيشيت

[سنواريو] اهم شخصيتون

[سنواريو] پڻ ڏسندا


[سنواريو] خارجي ڳنڍڻا



سارڪ
افغانستان | بنگلاديش | ڀوٽان | هندستان | پاڪستان | سري لنڪا | نيپال | مالديپ

مبصر: چين | جاپان | امريڪا | ڏکڻ ڪوريا


او آءِ سي
افغانستان | الجزائر | البانيا | آذربائيجان | بحرين | بنگلاديش | بينن | برڪینا فاسو | برونائي | ڪيمرون | چاڊ | قمر جا ٻيٽ | آئيوري ڪوسٽ | جبوتي | مصر | گيبون | گيمبيا | گني | گني بسائو | گيانا | انڊونيشيا | ايران | عراق | اردن | ڪويت | قازقستان | ڪرگزستان | لبنان | ليبيا | مالديپ | ملائيشيا | مالي | موريطانيه | مرڪش | موزمبيق | نائيجر | نائيجيريا | اومان | پاڪستان | فلسطين | قطر | سعودي عرب | سينيگال | سيراليون | صوماليا | سوڊان | سورينام | شام | تاجڪستان | ترڪي | تيونس | توگو | ترڪمانستان | یوگینڊا | ازبڪستان | گڏيل عرب امارات | يمن


Image:Wiki letter w.svg هيءُ ڪَچو مضمون آهي. ان ۾ مناسب اضافو ۽ سڌارو ڪري توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا.