محمد علي جناح

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا

محمد علي جناح، پاڪستان جو باني، 25 ڊسمبر 1876ع تي ضلع ٺٽي جي شهر جھرڪ ۾ ڄائو. هن جي والد جو نالو جيڻا پونجا هو. جيڪو راڄڪوٽ ڪاٺياواڙ جو رهاڪو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو.


ابتدائي زندگي[سنواريو]

جيڻا ابتدائي تعليم جھرڪ جي سرڪاري اسڪول مان ۽ پوءِ سنڌ مدرسته الاسلام مان پرائي. اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ويو. ڇهن مهينن لاءِ بمبئي جو پريزيڊينسي ميجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. اها نوڪري سندس طبيعت مطابق نه هئي تنهنڪري ان کان عليحدگي اختيار ڪري بيرسٽري اختيار ڪيائين.

پاڪستان جي تحريڪ ۾ مسلمانن جي قيادت ڪيائين ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪيائين. سندس تحريڪ رنگ لاتو ۽ هن جي ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جدوجهد جي سان 14هين آگسٽ 1947ع تي هڪ آزاد ملڪ پاڪستان دنيا جي نقشي نروار ٿيو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ملڪ جو پهريون گورنر جنرل مقرر ٿيو ۽ موت تائين ان عهدي تي قائم رهيو. پاڪستان جهڙي ملڪ جو تحفو ڏيڻ تي وطن واسين کيس قائد اعظم جو لقب ڏنو.

آخري ڏينهن[سنواريو]

سندس زندگي جا آخري بيماريءَ وارا ڏينهن بلوچستان جي شهر زيارت ۾ گذريا. 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪيائين. سندس عاليشان مقبرو ڪراچيءَ ۾ آهي جيڪو پڻ ڏسڻ وٽان آهي.

پڻ ڏسندا[سنواريو]