ڪڪڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نر ڪڪڙ
هڪ مادي ڪڪڙ چُوزن ساڻ.

ڪڪڙ(انگريزي: Chicken) ھڪ پکي جو نالو آهي جنھن کي عربي ۾ دجاج، فارسي ۾ خروس، هندي ۾ ڪڪڙي، مرغي ۽ ماڪيان چوندا آهن.ھي مشهور ۽ سانتيڪو گهرو پکي آهي. ڪڪڙيون جلد جلد آنا لاهينديون آهن، جي ماڻهو کائيندا به آهن. نر جي مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي چوٽي (هلڪي ڪلنگي) ۽ ماديءَ جي مٿي تي ننڍي ٿيندي آهي. ٻليءَ کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. اونهاري ۾ رات جو ٻاهر ڊگهي ڪاٺيءَ تي ٺاهيل مارِهي (پيهي) تي ويهاريو آهي ۽ سياري جو کُڏين ۾ بند ڪبو آهي. نانگ هن جو دشمن آهي[1].

طب[سنواريو]

هن کي چڱيءَ طرح ڪاڙهي شوربو پياربو ته دمڪشي ۽ کنگهه کي فائدو ڪندو. مثاني ۽ گڙدن جي پٿري ۽ رائي کي ذرا ذرا ڪري پيشاب جي رستي خارج ڪندو. فالـج، لقوي، سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. نڙيءَ جو سور ڇڏائي ۽ آواز کي صاف ڪري ٿو. ڇاتي ۽ سيني جي بلغم کي تحليل ڪري ٿو. هن جي چرٻي سنڌن جي سور، استرخاءِ ۽ آلت جي ڍرائيءَ تي مالش ڪرائجي. اها چرٻي طرفين جي لذت لاءِ به مجرب آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو