چولستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چولستان (انگریزی: Cholistan Desert؛ اردو: صحرائے چولستان؛ مقامی بولی: چولستان روہی) ھڪ رڻ پٽ جو نالو جيڪو پاڪستان جي صوبي پنجاب جي شھر بھاولپور کان 19 ميل يا 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي ۽ انجي پکيڙ 16000 چورس ڪلوميٽر يا 6200 چورس ميل آهي. اھو ٿر رڻ پٽ سان سنڌ ۽ انڊيا جي پاسن کان ملي ٿو. ھتي جي موسم گرم ۽ خشڪ ھوندي آھي برسات تمام گھٽ پوي ٿي.

ڳاڙهي رنگ ۾ ڏيکاريل چولستان رڻ پٽ

رھڻي ڪھڻي[سنواريو]

پاڻي ۽ چاري جي قلت جي ڪري ھتان جا ماڻھو نيم خانہ بدوش زندگي گذاريندڙ آهن. ھتي چوپايو مال جنھن ۾ رڍون، ٻڪريون، اٺ وغيره ماڻھن جي زندگيءَ جو حصو آھن، جن کي گھرن ۽ واڙن ۾ ماڻھو پاليندا آھن. اجڙي ويل ھاڪڙي درياء جو خشڪ پيٽ بہ ھتان گزري پيو جيڪو قديم دور ۾ ھن ڌرتيءَ کي سيراب ڪندو هو مقامي ماڻھو ان کي ھاڪڙو درياء چوندا ھيا. ھتي ماڻھو جي زندگي ڏاڍي مشڪل حالتن ۾ گذرندي آهي. عورتون پاڻي تمام ڊگھو پنڌ ڪري مٽن ۾ ڀري اينديون آهن. ھتي جي ماڻھن جي ڪرت عام طور تي مال چارڻ آهي ۽ عورتون گھرن ۾ سئيءَ جو پورھيو ڪنديون آهن. ذات کان ٻاھر شادي ڪرڻ جو رواج بہ تمام گھٽ اٿن ۽ شادي جو سمورو خرچ گھوٽيتا ڪندا آهن. ھتي سالياني جيپن جي ريلي پڻ ٿيندي آهي، جيڪو پاڪستان ۾ موٽر اسپورٽس جو وڏو مقابلو ھوندو آھي.

نالو[سنواريو]

چولستان ترڪي زبان جي لفظن چول(chol: مٽي) ء استان (istan:جاء) مان نڪتل آهي، جنھن جي معني رڻ پٽ آھي.

آبادي[سنواريو]

ھتي جي ماڻھن جي مادري ٻولي سرائيڪي آهي ۽ مختلف قبيلن جا ماڻهو ھتي رهن ٿا. سڀ کان گھڻي آبادي "مھر" ذات وارن جي آھي ۽ ٻئين نمبر تي "ڀٽي" آھن.

جھنگلي جيوت[سنواريو]

گرمين ۾ نانگ عام جانور آهي جنھن جا خطرناڪ قسم ھتي ملندا آهن. مقامي ماڻهو انھن کي پڪڙي شھرن ۾ کڻي ماڻھن کي ڏيکاري پيسا ڪمائيندا آھن. ھتي ھرڻ، تلور، تیتر ء ٻٽيرو بہ ڪثرت سان ملن ٿا.

قلعا ۽ ڪوٽ[سنواريو]

ھتي پراڻن قلعن جا آثار پڻ آھن. فورٽ عباس جي ويجھو واقع قلعي کی "ڦولڙا وارو ڦٽل قلعو" چون ٿا تہ ڪنھن "ڦول ڪماري" ٺھرايو ھو. ھن رڻ پٽ ۾ ٻيا موجود قلعن ۾ دڙاوڙ قلعو، موج ڳڙھ قلعو ء وولر قلعو شامل آهن.

حوالا[سنواريو]