مدد:فهرست
Wikipedia طرفان
==
[سنواريو] == ماتليءَ جي زرخيز مٽيءَ مان جنم وٺندڙ ۽ 82 ورهين تائين زماني، عشق ۽ زندگيءَ جا وهنوار ڪجهه پورا ۽ ڪجهه اڌورا ڇڏي، پنهنجي رب ڏانهن موٽي ويندڙ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ويهين صديءَ جي سنڌ جو اهو شهزادو هو، جنهن پنهنجي زنده دل طبيعت، راڳ جي شوق ۽ ڊفليءَ جي ساز سان سڄي سنڌ کي موهي وڌو هو. سندس آشيانو جنهن کي هن سر شاهنواز ڀٽو جي بمبئيءَ واري گهر جي نانوَ “My Nest” کان متاثر ٿي ساڳيو نالو ڏنو هو، ان جهوپڙيءَ ۾ سنڌ جو ڪهڙو دل، دماغ ۽ فهم ڌڻي هو، جيڪو نه پهتو هو. جنهن اتي ٻه پل ثقافتي محفل ۾ نه گهاريا هجن يا ٽي ڍڪ ڪڙي پاڻيءَ جا نه پيتا هجن.رئيس ڪريم بخش جنهن کي سائين جي ايم سيد ”باباءِ ثقافت“ جو خطاب ڏنو هو ۽ لکيو هو ته ””اسين جڏهن به جداگانه حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ جهڙا ٿياسون ته رئيس ڪريم بخش کي سنڌ جو بااختيار ثقافتي وزير بڻائي، سنڌي ثقافت جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم وٺنداسين.“ ان رئيس پنهنجي زندگي تنبوري جي تارن جيان هر ويلي دف وڄائيندي ۽ پنجابي شعر موجب ”پنهنجا گس پاڻ ٺاهيا، ٻين جي ٺهيل رستن تي هلڻ کي پنهنجي توهين تصور ڪيو.“ ۽جنهن کي سندس پنهنجن لفظن موجب ”دولت جي فراواني، حسن پرستي، شراب ۽ ثقافتي رنگ جي مجلسن ۽ محفلن مجذوب بڻائي پاڻ ۾ مدغوم ڪري ڇڏيو.“ ان جو اظهار سندس لکيل آتم ڪٿا جي ڪتاب جي سٽ سٽ ۾ موجود آهي.خدا جي پهتل بندي جي پوٽي، پوليس آفيسر جي پٽ ۽ خانه بدوش ماءُ جي گرڀ مان جنم وٺندڙ رئيس ڪريم بخش وڏين دعائن، باسن ۽ خيراتن کانپوءِ پيدا ٿيو هو ۽ پيءُ ماءُ جو اڪيلو دادلو پٽ ٿي رهيو. مرزا غالب کي ڀلي عشق نڪمو ڪر ڇڏيو هجي، پر هن خوشحال گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ ٻار کي عشق ئي ڪم وارو ۽ ڪارائتو انسان بڻايو. هن به پنهنجي عشق جا افسانا ايئن بيان ڪيا آهن، جيئن ”يادون ڪي بارات ۾“ جوش جا اظهاريل آهن. انهن افسانن کي هن لفظن ۽ تشبيهن جون ايڏيون ڀاري پوتيون پارايون آهن جو اهي حقيقت بدران رڳو شاعر جي تصور جون ڪٿائون ئي رهجي ويون آهن، پر رئيس جا عشق سندس سادي ٻوليءَ ۾ سچائي جي گواهي ڏئي رهيا آهن. ”ٽن مهينن ۾ مون کي جهَنڊ لهرائڻ جي سلسلي ۾ شاهه ڪريم بلڙيءَ تي وٺي ويا.... ماتليءَ کان شاهه ڪريم اٽڪل چاليهه، پنجيتاليهه ميلن جو سفر مون کي ياد آهي.“ ٽن مهينن جي ٻار کي جيڪو اڃا ڪنڌ کڻي به نه سگهندو آهي، ان کي ايترو ڪجهه ياد هجي، اهو سڀ ڪجهه ويساهه ۾ نه ايندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي، پر ٻي دلچسپ ڳالهه اها ته اهڙي ساڳي ڳالهه سنڌ جي ٻي ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ ڪئي آهي. ٻار جي ان ڄمار ۾ به سندس حافظو ايترو ڪجهه محفوظ رکي سگهي ٿو، ان جو جواب ته ڪو نفسيات جو ماهر ئي ڏئي سگهي ٿو. ٻالڪپڻي ۾ کيس جيڪو پهريون وڏو ڏک پهتو، اهو سندس امڙ جي جدائي جو هو، ڇاڪاڻ جو سندس والده ۽ پيءُ جي وچ ۾ عليحدگيءَ ۽ والده جي گهر وڃڻ ۽ ساڻس ملڻ تي پابنديءَ معصوم ٻار کي جهوري وڌو هو. اها درد ڪٿا هن پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ جيئن، جو تيئن بيان ڪئي آهي، جيڪا پڙهندي هڪ حساس طبيعت انسان جي اکين ۾ لڙڪ تري اچن ٿا.آواره گرد ۽ عاشق مزاج طبيعت سبب تعليم اڌوري ڇڏي ڏيندڙ رئيس ايتري ته حساس طبيعت جو مالڪ هو جو پيءُ جي هڪ مهڻي سبب ان کان الڳ ٿي وڃي پنهنجي گهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪامياب ڪري ڏيکاري، هو پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ پنهنجي ڪرت کي اجهو هن ريت بيان ڪري ٿو”پيءَ جي مِهڻي ته ابا! پاڻ ڪمائي ڏيکار ته پوءِ ايئن لُٽاءِ تي. وڃي ڍڳن ۽ گاڏيءَ کي سڌارو ڏنم، ڪاسائيءَ جو دڪان کولي، ان جي ڀرسان اوطاق ٺاهي، انهيءَ کي سينگاري جوا جي ٽڪري کوليم، ان مان مون کي چڱي چوکي آمدني ٿيڻ لڳي.“ پوءِ هو دليريءَ سان پنهنجن شوقن جو ذڪر بغير ڪنهن علامت ۽ ڪاما جي ڪري ٿو ته ”انهيءَ وقت منهنجا چار شوق هئا، حسن پرستي، راڳ، شڪار ۽جوا.“ سندس آتم ڪٿا جنهن جو نالو هن سخي ۽ عاشق مزاج رئيس ”ڪيئي ڪتاب“ رکيو آهي، توڙي جو اهو ڪتاب 1200 صفحن ۽ ٻن جلدن تي پکڙيل آهي، پر ان ڪيئي ڪتاب ۾ سوين فسانا ۽ هزارين ڪهاڻيون آهن. اهڙا شوق سنڌ ۾ به لکنو جي نوابن وانگر ڪيترائي رئيس ۽ وڏيرا ڪندا هوندا، پر ڪنهن به پنهنجن داستانن کي ايئن بيان نه ڪيو هوندو، جيڪو حافظ شعر وانگي لکي ويو آهي ته ”شيخ کي چئو ته ايئن منهنجين ڪهاڻين جا پڙها نه گهمائي مان پاڻ ئي انهن جو قبولدار ٿو ٿيان.“ هو به ايئن ئي پنهنجن عشقن جو پاڻ گواهه ٿي بيٺو، سندس اهڙي ديده دليري ۽ جرئت تي حيرانگي وچان سنڌ جي نامور اديب علي احمد بروهيءَ ”ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ ۾ لکيو ”وڏو وڏيرا ۽ڪبيرا گناهه ته ٺهيو، پر عيب ثواب چار ديواريءَ ۽ انڌيريءَ ۾ ڪيا هئائين، اهي به سئي سڳي سوڌو ٻانگ ڏيئي چوندو ويو. ڄڻ منڪر نڪير واري آڏي پڇا ۾ سئو چوهٺ واري زبان ٿي ڏنائين.“ سندس هندو ڇوڪريءَ واري عشق جي دردناڪ ڪهاڻي جنهن جو انت ڪنهن فلم جي پڄاڻيءَ کان گهٽ ناهي، جيڪا حقيقت تي ٻڌل هوندي به فسانو لڳي ٿي، يا هڪ سرگس ۾ ڪم ڪندڙ سهڻي عورت نيلم سان سندس معاشقو، راڳ رنگ جون محفلون، ڪڙي پاڻيءَ جا ڍڪ ۽ حيدرآباد جي بازار حسن جون ڪهاڻيون ۽ اتي ويٺل نازنين جو پورو پڌرنامو، سندن قدر ۽ وفائون جيئن رئيس بيان ڪيون آهن، ائين ته شورش ڪاشميري به لاهور جي هيرا منڊيءَ تي لکيل ڪتاب ”اسي بازار ۾“ به نه ڪيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته ان ۾ اڄوڪي سنڌ جي موچارن نالن جي وڏڙن جو ذڪر به ڪيو اٿس. رئيس ڪريم بخش ڪير سڏائي جو چوندو هو ته ”نظاماڻي مادي ذات آ، انهي ڪري مان بلوچ سڏائيندو آهيان.“ جيئن چاچو حفيظ قريشي چوندو هو ته ”سڀ مون کي چاچو ٿا ڪوٺين، چاچو مون کي خدا به نه بڻايو. توهان ڪير ٿيندا آهيو جو چوڻ وارا.... توهان چئو جناب حفيظ قريشي، مسٽر حفيظ قريشي.“ آتم ڪهاڻيون هونئن به سموري دنيا ۾ جهجهي تعداد ۾ پڙهيون وينديون آهن، پر منهنجو ته اهو دلچسپيءَ جو محور آهي. اهڙي دليري ڪنهن ڏيکاري آهي، حاليءَ جيڪا غالب جي بايوگرافي لکي آهي، ان جي اردوءَ جي دنيا ۾ تمام وڏي هاڪ آهي. پر ان سڄي بايوگرافي ۾ الطاف حسين حاليءَ اها ڪوشش ڪئي آهي ته ”غالب پياڪ نه هو“ حالانڪه اها هڪ عالم آشڪار ڳالهه آهي ته هو نه رڳو بلا جو پياڪ هو، پر محريءَ وانگي هن ڪائنات توڙي مذهب کي هڪ ناستڪ جوڳيءَ وانگر ڏسندو هو.ايئن رئيس جي آتم ڪهاڻي رڳو اعتراف نامو ناهي، سنڌ جي لاڙ واري حصي، سانگهڙ ۽ نواب شاهه جي سماجي جوڙجڪ، رسمن، رواجن، راڳ رنگ جي محفلن، دوستيءَ جي قدرن، وفائن ۽ نڀاءَ جو هڪ بي پناهه ۽ بي مثل دستاويز آهي، جنهن جي شاهدي سنڌ جي جهوني جاکوڙي اديب ۽ ڏاهي محترم محمد ابراهيم جويو هنن لفظن سان ڏني آهي ”رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هڪ غيرمعمولي ۽ حيرت ناڪ ماڻهو آهي. جيڪي هن جي بنهه ويجها ٿي رهيا آهن، انهن کي اها ڳالهه معلوم آهي، هو هڪ پنهنجي قسم جو انوکو شخص آهي. هيڪلو ۽ هوڏي پر ساڳئي وقت رلڻو ملڻو ۽ دردمند دل رکندڙ، باغي مومن، آس نراس جو عجيب ميل، شهزادو فقير، هن پنهنجي متعلق ”ڪيئي ڪتاب“ جهڙي هڪ ڌرياتي ۽ پيرائتي ”راهداري“ لکي شايع ڪري، سنڌ جي عالمن ۽ فاضلن لاءِ مطالعي جا دفتر کولي ڇڏيا آهن.“ ته ان بي بدل ۽ عظيم ڪتاب تي لکندي متان مصنف جي پنهنجي ڪٿا نه اڌوري رهجي وڃي، انهي ڪري سندس ڪتاب جي ذڪر کي اتي ڇڏيون ٿا.رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1928ع ڌاري بمبيءَ جي فلمي دنيا ۾ داخل ٿيو ۽ ايڪتا فلم مڪمل ڪئي. ۽ واڊيا اسٽوڊيو ۾ ٻه ٻيون فلمون جڏهن آخري مرحلي ۾ پهتيون ته ورهاڱي جي واهولي سندس سموري جدوجهد، شوق ۽ وسيلن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، هٿين خالي بمبئي کان واپس موٽايو. رڳو بمبئي مان عشق ۾ ڪيل سندس ڪشميري زال ساڻس گڏ آئي، جنهن لاءِ هن ماتلي ۾سر شاهنواز ڀٽو جي بمبئي واري بنگلي کان متاثر ٿي هڪ شاندار بنگلو ٺهرايو، جنهن جو نالو به “My Nest” رکيو. ان زماني جي لکن ۽ اڄ جي ڪروڙن جو ڌڪ پچائي وري پنهنجي زنده طبيعت سان ثقافتي ميلا ڪرائڻ ۽ ميلن ۾ شرڪت ڪرڻ دوستن جون دعوتون ۽ مقامي سياست ۾ شموليت سان وري ساڳي عاشقانه انداز ۾ اچي ويو.رئيس ڪريم بخش جيڪو عربي شعر موجب خدا جي عنايت سان اهڙي سخي طبيعت پاتي هئي جو ٻيا وٺي خوش ٿيندا هئا هو ان وڌيڪ ڏيڻ ۾ خوش ٿيندو هو ۽ سڄي زندگي سندس اوطاق جي رونق جهڪي ٿي ۽ نه سندس هٿ ڏيندي ڏڪيا. سندس مهمان نوازي جي هاڪ سانگهڙ جي ڄامن، سن جي سيدن وانگر ٻڌبي هئي. اڃا به اضافي طور اتي ثقافتي رنگ ۽ راڳ جون محفلون به ملنديون هيون. رئيس ڪريم بخش جو به پنهنجو فنڪارن جو سنگ هو. جيئن برصغير جي ٻين نوابن جي محفلن ۾ پنهنجا فنڪار رکيل هوندا هئا، پر نوابن ۽ راجائن جو اصول اهو هو ته راڳي رڳو سندن دل وندرائيندا هئا، پر رئيس ان ڳالهه ۾ به انهن کان سرس هو. هو خرچ پنهنجي کيسي مان ڪندو هو، دوستن پيارن ۽ واسطيدارن جي شادين تي پنهنجن راڳين جو گروپ پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ وٺي ويندو هو. راڳ واري محفل جي صدارت پاڻ سنڀاليندو هو. يعني ڪهڙي فنڪار کي ڪڏهن گهرائڻو آهي، کيس ڪيترو ڳائڻو آهي ۽ فنڪان کي موقعي ڏيڻ جي ترتيب ڪهڙي رکڻي آهي، اهو سڀ ڪجهه رئيس پنهنجي ذمي رکندو هو. البت ان محفل ۾ فنڪارن کي جيڪا گهور ملندي هئي يا پاڻ به گهور ۾ حصو وٺندو هو، اهي سمورا پيسا فنڪارن جا. اها ته زيب النساءِ مخفي هئي، جنهن سوال پڇيو هو ته غم غلط ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جو سهارو وٺي، پوءِ پاڻ ئي جواب ڏنو هئائين ته ”ندي ڪنارو، چوطرف ساوڪ، مهه جبين چهرا ۽ شراب غم غلط ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، پر رئيس جو غم غلط ڪرڻ جو انداز سنڌ جي سڀني رئيسن کان نرالو ۽ اهڙو هو، جنهن ۾ محفل ۾ پاڻ ويهي ڊفلي به وڄائيندو هو ۽ مزاح ڀريا جملا ۽ خوبصورت شعر به پڙهندو هو. هڪ ڀيري اڳوڻي پرڏيهي وزير علي احمد ٽالپر جي پٽن جي شادي ۾ حسب روايت فنڪارن کي اسٽيج تي گهرائڻ جو ذمو رئيس ڪريم بخش تي رکيل هو، پر هڪ فنڪار کي دير سان موقعو ڏيڻ تي سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ مير بنده علي ٽالپر ناراض ٿي ويو، انهي موقعي تي ٻنهي جي چُڪي چکيل هئي، رئيس، مير بنده علي کي سامهون ويهاري چيو ”مير صاحب، صدارتون توهان کي ڏنيوسين ته وزارتون به، حڪومتون اوهان جي حوالي ڪري حڪم جا بندا بڻجي رهياسين، باقي فقط هن ثقافتي رنگ ۾ اچي ڳائڻ وڄائڻ جو اڀياس ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن ميراثين ۽ مڱڻهارن جي صدارت ملي آهي، جيڪڏهن انهيءَ تي به توهان کي ڪو اعتراض هجي ته اها صدارت به اوهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.“ اهڙا جرائتمنداڻا ۽ کرا جملا ٻڌي مير لاجواب ٿي مرڪڻ لڳو.رئيس جي آتم ڪٿا جنهن ۾ ڄام گهراڻي، اڳوڻي سرخي قادر بخش نظاماڻي، جنهن کي هو ”هڪ معمو ۽ راز“ ڪوٺي ٿو، سنڌ جا ميلا ملاکڙا، سڄي سنڌ جا ملهه پهلوان، راڳ رنگ جون محفلون، سنڌ جا راڳي، مجرا، ڪچهريون، بازار حسن جون ناچڻيون سڀني جو انوکي انداز ۾ احوال موجود آهي، جنهن کي آڏو رکي هڪ شاهڪار ناول لکي سگهجي ٿو.رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جا عشق ته اڻ ڳڻيا هئا، پر هن شاديون ٽي ڪيون. آخري شاديءَ مان قدرت کيس پٽ جي اولاد سان نوازيو. جنهن لاءِ هن ڪيتريون ئي باسون باسيون هيون، سندس ڪٿا جيڪا هن پاڻ لکي ته نه آهي، پر امين ماتيلوي کان لکائي آهي.رئيس لاڙ ۾ لڳندڙ وڏي ميلي يعني سمن سرڪار جي ميلي لڳائڻ ۽ مچائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو بلڪه بانيڪار هو. سمن سرڪار جيڪو سرائيڪي ڳالهائيندو هو، ڪڪڙن جو شوقين هو ۽ الستيءَ جي عالم ۾ ڪڪڙ جي ٻوڙ مٿان چرس جي سگريٽ جي ڇار ٻرڪي کائيندو هو، ته جيئن ماڻهو کانئس پرڀرا ٿي وڃن، رئيس ڪريم بخش سندس دوست هو. اهو عجيب ۽ حيرت جهڙو انسان جيڪو ساڳئي وقت سمن سرڪار جهڙي درويش، ڄام نواز علي جي ڄامن، سن جي سيد جو ساڳي طرح دوست بلڪه حجائتو هو، جنهن هڪ موقعي تي راڳ جي ممانعت ڪرڻ تي پير صاحب پاڳاري کي چيو هو ته ”جيڪڏهن توهان کي راڳ پسند ناهي ته دير سان اچو ها، ٻين جي شوق مٿان ڇو ٿا لت رکو.“ پير صاحب مسڪرائي ”دوريش“ چئي راڳ رنگ جي اجازت ڏني هئي. بلڪه پاڻ به پنهنجي بنگلي جي آڳر ۾ ويهي سندس راڳ ٻڌو هو. سندس راڳ سان اهڙي محبت ۽ نچي نچي ”يار“ مڃائڻ واري ادا تي ڪو اعتراض ڪندو هو ته حيرت کائيندو هو نه ڪو وري عجيب انداز سان نهاريندو هو. انتهاجي حد تائين خوددار شخص انهن سوالن جا جواب هن ريت ڏئي ٿو ”مستيءَ ۽ سرشاريءَ ۾ اچي ڳائيندو ۽ نچندو هوس، جنهن تي عوام جا ڪي خاص طبقا نڪته چيني ڪندي چوندا هئا ته هيڏو سارو رئيس نچي ٿو، پر انهن ويچارن ساده مزاج ۽ ساده لوحن کي اها خبر ڪا نه پوندي هئي ته رئيس ڪو نه ٿو نچي، پر عشق ٿو نچي، جنهن عشق ڪيئي مست، ابدال ۽ قلندر نچائي ڇڏيا.“رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سائين جي ايم سيد جو انتهائي گهرو پر حجائتو دوست هو، اهي ڳالهيون، جملا ۽ خيال جيڪي ٻيو ڪو به سيد کي چئي نه سگهندو هو، رئيس کي اهو مباع هو، رئيس، سيد سان ائين حجائتو هو، جيئن ڀٽائي سان مدن ته غلط نه ٿيندو. اهڙين ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهدته ڪيئي آهن، پر سنڌ جي جاکوڙي اديب ۽ سائين جي ايم سيد جي ادبي خدمتن تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ آزاد قاضي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”آيو تڙ تماچي“ ۾ به اهڙيون شاهديون ڏسي سگهجن ٿيون. اهو ڪتاب جيڪو سيد ۽ رئيس جي خط و ڪتابت تي ٻڌل آهي ۽ ان جو مفصل مهاڳ آزاد قاضيءَ پاڻ لکيو آهي، رئيس پاڻ جيستائين حيات هو، سيد جي سالگرهه تي ڳائڻ لاءِ ڇيڄ وجهندو هو، هڪ ڀيري اهڙي موقعي تي جڏهن رئيس ڳائڻن مٿان ڏهن رپين جا نوٽ ٿي گهوريا ته سيد پري کان هڪل ڪري منع ڪئي ته رئيس اسان وٽ اهو رواج نه آهي، جواب ۾ رئيس وراڻيو ته ”قبلا اوهين ڀلي پنهنجي رواج تي قائم رهو، پر اسان پنهنجي ريت ۽ روايت تي رهنداسين.“ اهو هو سيد سان رئيس جو حجت وارو طريقو، جنهن جا کوڙ سارا حوالا سندس آتم ڪٿا ۾ به پسي سگهجن ٿا.سندس آتم ڪٿا جو ٽيون جلد به اڃا مسودي جي صورت ۾ پيو آهي، آهي ڪو پبلشر جو ان بي بها دستاويز کي ڇپائڻ ۾ اڳڀرائي ڪري.اهو رئيس ئي هو، جنهن کي سيد هڪ خط ۾ لکيو ته ”اسان جي ڪا به مجلس، اوهان کانسواءِ ٻاڙي ٿئي ٿي“ ۽ کيس اياز والهانه انداز ۾ خراج پيش ڪندي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو ته ”رئيس دف تي ايترو زور سان داڦ هڻندو هو جو آسمان ۾ ستارا جرڪي ويندا هئا ۽ پکي وڻن تي جاڳي پوندا هئا.“ اهو سنڌ جي ثقافت، سخاوت، محبت ۽ رک رکاءَ جي زنده تصوير رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 31 ڊسمبر 1982ع ڌاري ابدي ننڊ ۾ سمهي پيو. سڄي حياتي سنڌ جي ثقافت، قدرن ۽ خانداني روايتن ۽ پاڻ کان هيٺين جي پرگهور لهندڙ ۽ پاڻ جهڙن ۾ سنڌ جي تصوف ۽ راڳ کي روشناس ڪندڙ اهو سخي مرد ڪڏهن ڪڏهن سارڻ ۽ پيار ڀرئي انداز ۾ نهارڻ لهي ٿو، ته کيس سال ۾ هڪ ڀيرو ته کيس خراج لاءِ گڏ ٿيون، ايئن ڪرڻ سان اسان کيس ته فائدو نٿا پهچايون، پر پنهنجي ضمير سان انصاف ۽ پنهنجي قد ۽ قدر کي وڌائڻ ۾ ضرور سوڀارا ٿي سگهون ٿا. ==
[www.affair.com.pk] ==