جيڪب آباد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽئونٽن شاير جي ھال ۾ رکيل ميجر جنرل جان جيڪب جو ماربل جو ٺھيل مجسمو. جان جيڪب سنڌ جي فتح کان پوءِ جيڪب آباد شھر جو بنياد وڌو.
جيڪب آباد
Jacob abad
شھر (ميونسپلٽي)
جيڪب آباد is located in سنڌ
جيڪب آباد
جيڪب آباد
سنڌ ۾ ان جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 28°16′37″N 68°27′05″E / 28.27694°N 68.45139°E / 28.27694; 68.45139مڪانيت: 28°16′37″N 68°27′05″E / 28.27694°N 68.45139°E / 28.27694; 68.45139
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو جيڪب آباد
بنياد وجھندڙ سر ڪرنل جان جيڪب
شھر جو بنياد 1847
حڪومت
 • قسم ميونسپل ڪاميٽي

جيڪب آباد(انگريزي: Jecobabad) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جو شهر آهي ۽ جيڪب آباد ضلعي جو صدر مقام آهي.

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر جو پراڻو نالو خانڳڙھ آھي جيڪو ڪلھوڙن جي دور ۾ قائم ٿيو ھو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[1] “. 1843ع ۾ جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي سرڪاري فوج سنڌ فتح ڪئي تہ اھو شھر برٽش انڊيا جو سرحدي شھر ھجڻ ڪري اھميت رکي پيو ڇوتہ اتي بلوچ قبيلن طرفان مزاحمت تي رھي ھئي جنھن کي منھن ڏيڻ لاء ڪرنل جان جيڪب جي مقرري ٿي جنھن اتي پھچي نئين شھر جو بنياد وڌو جنھن جو نالو جيڪب آباد رکيو ويو. ڪرنل جيڪب ان علائقي م سرحدي فوجي چوڪيون قائم ڪري قبيلن کي تابع ڪيو ۽ مزاحمت کي ختم ڪيو.

ثقافت[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪب آباد لاءِ هي چوڻي به مشهور آهي، جيڪب آباد, دل آباد.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  2. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-22 

سنڌي ٻولي اٿارٽي