مُک صفحو
چونڊ مضمون
دامجلي چُر (انگريزي ٻولي: Damjili Cave) ”روئڻ وارو پاڻي“ آذربائيجان ۾ هڪ اڌ گول سرڪل شڪل واري غفا جي ماڳ (6400-6000 ق.م) تي آهي، جتي تواريخي زماني کان اڳ جي (پري هسٽارڪ) پراڻو پاهڻي دور (پليئلوٿڪ) انسان جي موجودگي ۽ پٿر جو وچيون (ميسوليٿيڪ) دور کان اڳ واري انسان جي موجودگي جا ثبوت لڌا ويا. ان غفا ۾ پٿر جا انيڪ اوزار، تير جا نشان، چڪمڪ ڇُري (ڪاتي)، چُلهه (آتش دان) جي باقيات ۽ جانورن جا فوسل ٿيل هڏا غار ۾ مليا آهن. ان چُر ۾ ڪيترائي گيڙو، ھلڪو ھيڊو (ochre) جا نشان ڏٺا ويا آهن، جيڪي ان خيال کي ظاهر ڪن ٿا ته ان غفا ۾ قبضو ڪري ويٺل ماڻهن ۾ علامت ۽ رس گيان (جماليات) سان سلهاڙيل اِڇا (خواهش) هئي. تري واري مٽي- لَٽُ جا تَهه، جن ۾ اوچر (گيڙو ochre) ملايا ويا هيا، سي وڌيڪ گيسريو (ڍرو) تهن سان ملايا ويا هيا، جنهن منجهان پَروڙ پوي ٿي ته ان جو استعمال موسيرين سڀيتا سان ملندڙ هڪجهڙائي رکندڙ آهي.
بهترين مضمون
انساني حقن جو عالمگير پڌرنامو يا انساني حقن جو عالمي پڌرنامو (يو ڊي ايڇ آر) (انگريزي ٻولي: Universal Declaration of Human Rights) هڪ تاريخي دستاويز آهي، جنهن کي 10 ڊسمبر 1948 تي فرانس جي شهر پيرس ۾ پيليس ڊي چيلوٽ وٽ ٿيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ پنهنجي ٽئين اجلاس ۾ هڪ قرارداد 217 طور منظور ڪيو هيو. گڏيل قومن جي ان مهل جي 58 ميمبرن منجهان 48 ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ان جي خلاف ڪوبہ ووٽ نہ آيو، ۽ ٻن ميمبرن ووٽ نہ ڏنو. پڌرنامو (اعلان) ۾ ڪنهن فرد جي حقن جي پَڪ (تصدیق) ڪندڙ 30 مضمونَ (آرٽيڪل) شامل آهن، جيتوڻيڪ ڪنهن فرد تي قانوني طور پابند ناهي، جيڪي بين الاقوامي ٺاهن (معاهدن)، معاشي مٽاسٽا، علائقائي انساني حقن جا دستاويز، قومي راڄ ريتي (دستور- آئين)، ۽ ٻين قانونن جي وضاحت ڪيل آهي. اهو پڌرنامو انساني حقن جي بين الاقوامي بل (انٽرنيشنل بل فار هيومن رائٽس) کي رُوپ ڏيڻ واري عمل جو پهريون قدم هيو، جيڪو سن 1966 ۾ مڪمل ٿيو هيو، ۽ سال 1976 ۾ ان تي عمل ٿيو هيو، جنهن کانپوءِ ڪيتري ئي تعداد ۾ مُلڪن ان جي پَڪ (توثيق، منظوري ڏني) ڪئي هئي. ڪُجھ قانوني اسڪالرز دليل ڌنا تہ "ڇاڪاڻ ته مُلڪَ 50 سال کان لاڳاتار ان پڌرنامو جي حمایت ڪندا آيا آهن، تنهنڪري هي رواجي بين الاقوامي قانون (customary international law) جو هڪ لازمي (بائنڊنگ) حصو بڻجي ويو آهي". تنهن هوندي، گڏيل آمريڪي رياستون، جي سوسا ڀيٽ الواريز-مچين (2004) ۾ سپريم ڪورٽ هي نتيجو ڪڍيو (اخذ ڪيو) آهي تہ هي پڌرنامو "انٽرنيشنل قانون جي معاملي طور پنهنجي ذميدارين تي لازمي فرض لاڳوُ نٿو ڪري. "ٻين مُلڪن جي عدالتن پڻ اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ هي پڌرنامو گهريلو قانون (ڊوميسٽڪ لا) جو ڀاڱو ناهي.
هاڻوڪا واقعا
ڪورونا وائرس جي وبا – بيماري – وقت پٽي (ٽائم لائن) – علائقي جي لحاظ کان – موت ۽ردعمل – ڪوششون - وڪي منصوبو ڪووڊ-19
- اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ القدس فورس جو سپاهه سالار ايراني جنرل قاسم سوليماني (سامهون تصوير ۾:سوليماني) 3 جنوري 2020، بغداد ويجهو بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.
وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 17,239 مضمون موجود آهن.
اڄ جو لفظ
بانڪڙو |
اڄ جو قول
”دان ڪرڻ ڀڳوت گڻ آ.“ ـ جوڳي اسد راڄپر #ج_ا_ر
ڇا توھان ڄاڻو ٿا
اڄ جي تصوير
ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 17,239 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
|
مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو. |
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:
، ، ، ۽ ۾ گڏجو.