مواد ڏانھن هلو

دمجلي چر

بيھڪ: 41°8′53″N 45°14′28″E / 41.14806°N 45.24111°E / 41.14806; 45.24111
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دامجلي چُر (”روئڻ وارو پاڻي“) Damjili Cave
Damcılı mağarası
دامجلي غار جي پٿر جا اوزار
پٿر جا اوزار
جڳھہ داش صلاحلي ڳوٺ ڀرسان
خطو قزاق ضلعو, آذربائيجان
مقانيت 41°8′53″N 45°14′28″E / 41.14806°N 45.24111°E / 41.14806; 45.24111
تاريخ
دور Paleolithic ۽ Mesolithic

دامجلي چُر (انگريزي ٻولي: Damjili Cave) ”روئڻ وارو پاڻي“ آذربائيجان ۾ هڪ اڌ گول سرڪل شڪل واري غفا جي ماڳ (6400-6000 ق.م) تي آهي، جتي تواريخي زماني کان اڳ جي (پري هسٽارڪ) پراڻو پاهڻي دور (پليئلوٿڪ) انسان جي موجودگي ۽ پٿر جو وچيون (ميسوليٿيڪ) دور کان اڳ واري انسان جي موجودگي جا ثبوت لڌا ويا.[1]

ان غفا ۾ پٿر جا انيڪ اوزار، تير جا نشان، چڪمڪ ڇُري (ڪاتي)، چُلهه (آتش دان) جي باقيات ۽ جانورن جا فوسل ٿيل هڏا غار ۾ مليا آهن.

ان چُر ۾ ڪيترائي گيڙو، ھلڪو ھيڊو (ochre) جا نشان ڏٺا ويا آهن، جيڪي ان خيال کي ظاهر ڪن ٿا ته ان غفا ۾ قبضو ڪري ويٺل ماڻهن ۾ علامت ۽ رس گيان (جماليات) سان سلهاڙيل اِڇا (خواهش) هئي.

تري واري مٽي- لَٽُ جا تَهه، جن ۾ اوچر (گيڙو ochre) ملايا ويا هيا، سي وڌيڪ گيسريو (ڍرو) تهن سان ملايا ويا هيا، جنهن منجهان پَروڙ پوي ٿي ته ان جو استعمال موسيرين سڀيتا سان ملندڙ هڪجهڙائي رکندڙ آهي.

جائزو

[سنواريو]

ديمجلي غار ايوي جبل جي غفائن (چُرنِ) ۾ سڀني کان وڏي چُر (غفا) آهي. ان جي پکيڙ 360 ڪلوميٽر (139.0 چورس ميل) جي ايراضي تي پکڙيل آهي. ان چُر جو اڳيون ڀاڱي جي اونچائي 4ميٽر (13.1 فوٽ) آهي. گذريل ڪيترن ئي ورهين جي دوران اتي ايندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ان غُفا جو سامهون وارو ڀاڱو تباهه ٿي ويو آهي.[2].

هنڌ (لوڪيشن)

[سنواريو]

اهو ماڳ (هنڌ) ننڍڙو قفقفاز جي ايوي مائونٽين جي ڏکڻ اوطر واري حصي ۾ واقع آهي، جيڪو گازخ رييون (غزک ضلعو) جي صلاحلي ڳوٺ کان خرم درياهه تائين پکڙيل آهي.[3]

غار جو نالو

[سنواريو]

دامجيلي جو نالو ”روئڻ وارو پاڻي“ ڏانهن هڪ اشارو (ڀيد) آهي، جيڪا چونا غفائن جي ديوارن ۾ موجود قدرتي چير يا ڏار پوڻ جي وسيلي کلندي (آگهارِڻُ) آهي (آذري لفظ دامجي (آذربائيجاني: ڊيمسي damcı) جنهن جي جو ترجمو آهي ڦڙُو (ڊراپ، يا قطرو).

دمجيلي چشمو

[سنواريو]

دمجلي چشمي جو پاڻي قدرتي چيرن جي ذريعي غار جي چيڪي مٽي مٿان کان بهار ۾ ٽمڻ، ڦڙو ڦڙو ٿي وهڻ جي ڪري گهٽجي ويو آهي. خالص ۽ ٿڌو گرڻ وارو ڪِرندڙ پاڻي جا ڦڙا هيٺاهين جي کَڏ ۾ جمع ٿي رهيا آهن ۽ چشمو بڻجي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته چشمو دامجلي سڏجي ٿو، جنهن جي لفظي معنيٰ ” ڦڙو ڦڙو ٿي وهڻ“ آهي.

کوٽايون

[سنواريو]

دامجلي غار پهريون ڀيرو 1953 ۾ روسي سائنسدان زامياتن ۽ آذربائيجان جي آثار قديمه جي ماهر محمد علي حسينوف جي گڏيل مهم دوران ڳولهي لڌي وئي هئي.[4]

کوجنائون

[سنواريو]

دامجيلي غار ۾ ملندڙ اوزار، وچولي پيليليٿڪ-موزيٽرين دور تائين، اپر پوليليٿڪ، ميزولٿڪ، نيووليٿڪ، اينولوٿڪ دورن ۽ ڪنجھي وارو زمانو (برونز ايج) ڏانهن پتو لڳائين ٿا.[5]

کُرپو (اسڪريپر)، ڪٽڻ جا اوزار، رنبي- سوئو (آر سبڻ لاءِ، ٽوپڻ) جو اوزار، ڇُري جي سائز وارا اوزار اپر پيليوليٿڪ دور جي بنيادي چقمق پٿر ۽ آبشاني پٿر مان ٺهيل هئا.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Kakenhi Project" (PDF). 
  2. "Republican Seismic Survey Center of Azerbaijan National Academy of Sciences". www.seismology.az. حاصل ڪيل 2019-03-15. 
  3. "Gazakh". Authentic Azerbaijan. Archived from the original on 2012-03-21. https://web.archive.org/web/20120321044200/http://discoverazerbaijan.az/en/gazakh/. 
  4. "Residental area "Damjili" (Mousterian period) - Caves | Catalog GoMap.Az". kataloq.gomap.az. حاصل ڪيل 2019-03-16. 
  5. AZƏRBAYCAN ARXEOLOGIYASI DAŞ DÖVRÜ. Baki: "Şərq-Qərb". 2008. 
  6. AZƏRBAYCAN TARIXI ən qədimdən bizim eranın III əsri. Baki: "Elm". 2007. ISBN 978-9952-448-36-8. http://anl.az/el/Kitab/254453.pdf.