فاطمه زهرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فَاطِمَة ٱلزَّهْرَاء

اسلامي خطاطي ۾ بيبي صاحبه جو نالو
پيدائش 15–5 ق ھ
(605ع–615ع)
مڪو حجاز, عربستان
وفات 3 جمادالثاني

11 ھ
(18 آگسٽ 632(632-08-18))


(اختلاف واري)
مدفن جنت البقيع مدينو، حجاز
لقب
  • صديقه(سچار عورت)
  • مبارڪه (برڪت واري عورت)
  • طاھرہ (پاڪ عورت )
  • زڪيه(پاڪدامن/معصوم عورت)
  • رضيه (راضپي واري عورت)
  • محدثه
  • بتول(پاڪدامن)
  • زھرہ(روشني واري عورت)
  • سيدةالنساء الامين [1] (ٻنھي جھانن جي عورتن جي سردار)
جيون ساٿي علي ابن ابي طالب
ٻار ٻچا
ماءُپيءُ
رشتيدار

فاطمه(انگريزي: Fatima ) رضه (605ع–633ع) حضرت محمد ﷺ ۽ بيبي خديجه جي نياڻي هئي جنھن کي جنت ۾ عورتن جي سردار ھجڻ جو لقب مليل آھي. سندس مڙس جو نالو علي بن ابوطالب ھيو. پاڻ امام حسن بن علي امام حسين بن علي، محسن بن علي زینب بنت علي ء ام ڪلثوم بنت علي جي والده ھئي[3] ”زهرى“ يا ”بتول“ يا ”خير النساء“ سندس لقب ھيا، حضرت محمد ﷺ جي سڀ کان ننڍي نياڻي هئي، ۽ نبوت کان هڪ سال پوءِ ڄائي هئي.[4] شيعن مطابق پنجتن پاڪ ۾ اھا واحد عورت ھئي. سندن خيال مطابق نبي ﷺ جي عورت گھر ڀاتين يا اھل بيت عورتن ۾ فاطمه واحد معصوم ھئي ۽ پنجن معصومن ۾ شامل ھئي[5]. سني ليکڪن مطابق بيبي صاحبه جون ٽي سڳيون ۽ وڏيون ڀينرون زينب بنت محمد، ڪلثوم بنت محمد ۽ رقيه بنت محمد ھيون. شيعن مطابق اھي ٽئي سندس ڀينر نہ ھيون بلڪه سندس ماسي ھالا بنت خويلد جون نياڻيون ھيون جن کي ھالا جي وفات بعد محمد ﷺ ۽ خديجه گود ورتو.

ولادت[سنواريو]

پراڻو مڪو شھر

ويهين جمادالثاني جمعي جي ڏينهن بعثت جي پنجين سال سندس جنم عربستان جي حجاز جي مڪي شھر ۾ ٿيو[6].بيبي صاحبه 28 آگسٽ 632ع ۾ پيدا ٿي[7][8][9]. سني مؤرخن ۽ محدثن جي روايتن مطابق بيبي صاحبه حضرت محمد ﷺ جي بيبي خديجه مان چوٿين ۽ آخري نياڻي ھئي پر شيعن مطابق بيبي صاحبه پاڻ سڳورن جي ان مان واحد نياڻي ھئي[10].سندس ولادت لاء ھڪ روايت آھي تہ نبوت کان پنج سال اڳ پيدا ٿي ھئي جڏھن ڪعبي جي تعمير ٿي رھي ھئي[11][12][13]. ان روايت کي شيعا اھو چئي نہ ٿا مڃن تہ ان سان بيبي صاحبه جي شادي وقت عمر ارڙھن سالن کان مٿي بيھي ٿي جيڪا عرب روايتن جي ابتڙ آهي. شيعن مطابق نبوت کان ٻہ يا پنج سال بعد پيدا ٿي ھئي. سني عالمن ان روايت کي اھو چئي نہ ٿا مڃن تہ ان ولادت جي تاريخ تي حضرت خديجه جي عمر 52 سال بيھي ٿي. طبري ۽ ابن حجر عسقلاني مطابق سندس پيدائش وقت محمد ﷺ جي عمر 35 سال ھئي[14][15].

ننڍپڻ[سنواريو]

ولادت بعد عربن جي دائين جي ذريعي سنڀال جي ابتڙ کيس بيبي خديجه پاڻ پنھنجو کير پياري پرورش ڪئي[16]. سندس پرورش مڪي ۾ پيءُ جي گھر ۾ ٿي ۽ ننڍپڻ ۾ ھن پنھنجي پيءُ ۽ خاندان سان ٿيندڙ مڪي جي ڪافرن طرفان ڪيل زيادتيون ء سختيون ڏٺيون. روايت مطابق جڏھن امر بن ھشام ، جنھن کي مسلمان ابوجھل سڏيندا ھئا، سندس والد مٿان ڪعبي ۾ ويامل مادي اٺ جي اؤر ڦٽي ڪئي ھئي تہ فاطمه ان کي صاف ڪيو ھو.

ڪويت ۾ صديقه فاطمة الزهراء مسجد

الله جي رسول جي خدمت[سنواريو]

سن 10 بعثت ۾ ابو طالب ۽ بيبي خديجہ جي وفات پيغمبر جي روح تي بيحد اثر وڌو. پاڻ ان سال جو نالو ”عام الحزن“ رکيو. پيغمبر جي انهن ٻنهي مددگارن جي وفات سان دشمنن جا آزار ۽ تڪليفون ويتر وڌي ويون. ڪڏهن ماڻهن پٿر پئي هنيا، ته ڪڏهن ماڻهن سندس چهري مبارڪ تي مٽي ٿي وڌي ۽ ڪي وري اڻ سهائيندڙ زبان استعمال ڪندا هئا. گهڻو ڪري پاڻ نهايت ئي جهريل حالت ۾ گهر موٽندا ها، پر اها سائڻ فاطمه ئي هئي جيڪا پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان بابي جي مٿي ۽ منهن تان مٽي صاف ڪندي ھئي. انتهائي اُڪير ۽ پاٻوهه سان پيش ايندي هئي ۽ پيغمبر جي لاءِ آرام ۽ حوصلي جو سبب بڻي. فاطمہ جي پنهنجي پيءُ سان مهر ۽ محبت جي ڪري سندس والد کيس ”امِ ابيها“ جو لقب ڏنو. هجرت کان ڪي ڏينهن پوءِ اٺن سالن جي ڄمار ۾ علي سان مڪي کان مديني آئي ۽ پيءُ سان گڏ رھي. پيءُ سان مشڪلات ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي. جنگ احد ۾ جنگ جي خاتمي بعد مديني کان پيءُ جي خيمي ۾ پھتي ۽ پاڻي سان پيءُ جي منھن تان رت ڌوئي صاف ڪيو ۽ سندس زخمن تي مرھم رکي [17].

شادي[سنواريو]

بيبي صاحبه جي سڱ لاء ابوبڪر رضه توڙي عمر بن خطاب سندس والد آڏو عرض رکيو. پر سندس والد قبول نہ ڪيو ۽ بيبي صاحبه جي شادي سندس سؤٽ علي بن ابوطالب رضه سان ڪرائي. علي رضه ان وقت 21 سالن جي عمر جو ھو. بيبي صاحبه جي عمر ان وقت 18 سال[5] ھئي. روايت مطابق علي رضه دوستن جي صلاح سان بيبي صاحبه جي ٻانهن لاءِ حضرت محمد ﷺ جن کي عرض ڪيو، ۽ پاڻ قبول ڪيائون. پڇيائون ته ”حق مهر لاءِ ڪي اٿئي؟“ چيائين ته ”هڪڙو گهوڙو ۽ هڪ زرهه اٿم، ٻيو ڪي به ڪين اٿم“. فرمايائون ته ”گهوڙي جي توکي ضروت ٿيندي. زرهه وڪڻي آءُ“. حضرت علي اها وڪڻي آيو، انهيءَ جي پئسن مان ٿوري خوشبوءِ وغيره بيبي فاطمہ رضه جي لاءِ گهرايائون. پوءِ، اصحابن کي گڏ ڪري، پاڻ نڪاح پڙهيائون. مهر ”چار سئو مثقال چانديءَ جا“ مقرر ٿيو(يعنيٰ ڏيڍ سئو رپيا ڪلدار)، ۽ کارڪن جو هڪڙو طباق ڀريل ماڻهن ۾ ورهائي ڏنائون. اها شادي، مديني ۾ اچڻ کانپوءِ سن 2ھ ۾ رمضان جي مهيني ۾ ٿي. بيبي صاحبه جي ڏاج ۾ رڳو هڪڙي چادر، هڪڙو وهاڻو کجيءَ جي نرم گلن سان ڀريل، ٻه سانداريون، ۽ هڪڙو جنڊ شامل ھيا[18] جيسين تائين بيبي دنيا ۾ سلامت رهي حضرت علي ٻيو نڪاح نه ڪيو[5]. وچولي دؤر يا قرون وسطیٰ جي شيعن جي لکڻين مطابق بيبي صاحبه جي علي رضه سان شادي جو جشن زمين سان گڏ آسمان ۾ پڻ ٿيو ھو[5]. ھڪ روايت مطابق شادي لاء جيڪا زرھ علي وڪي ھئي اھا عثمان بن عفان خريد ڪئي پر سندس شادي بعد اھا علي بن ابو طالب کي شادي جي تعفي طور ڏني ھئي.

شادي کان پوءِ زندگي[سنواريو]

شادي بعد بيبي صاحبه پنھنجي مڙس علي رضه سان سندس گھر ۾ رھڻ شروع ڪيو جيڪو نبي پاڪ ﷺ جي گھر کان ٿوري فاصلي تي واقع ھيو ۽ اھو گھر حضرت علي کي حارث بن نعمان ڏنو ھيو.

اولاد[سنواريو]

بيبي فاطمہ رضه کي ٽي پٽ ٿيا: حَسن، حُسين ۽ مُحسن، ۽ ٽي نياڻيون، زينب، اُم ڪلثوم ۽ رقيه، جي بيبيءَ جي ٽن ڀيڻن جا نالا هئا. امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه ته مشهور شهيد آهن. شيعه روايتن مطابق امام حسن رضه کي معاويه بن ابوسفيان جو چرچ تي سندس زال زهر ڏيئي ماريو، ۽ ٻيو ڪربلا ۾ شهيد ٿيو، محسن ننڍي هوندي ئي وفات ڪئي. اڄ تائين رسول الله ﷺ جن جو اولاد، انهن ٻن امامن مان هليو اچي. [18]

بيبي فاطمه سان پيءُ جي محبت[سنواريو]

عربي خوش خطاطي ۾ بيبي صاحبه جو نالو

حضرت محمد ﷺ جو پنهنجي ڌيءُ فاطمه رضه سان تمام گهڻو پيار هو، جڏهن پاڻ سفر تي ويندا هئا، تڏهن سڀ کانپوءِ هن سان ملي ۽ هن کان موڪلائي ويندا هئا، ۽ جڏهن موٽندا هئا، تڏهن سڀني کان اڳي هن سان اچي ملندا هئا. هن کي ٿورو ڏک يا ايذاءُ ٿيندو هو، ته پاڻ بي آرام ٿيندا هئا، ۽ ظاهر ظهور چوندا هئا ته ”جيڪو هن کي ايذاءُ رسائيندو، تنهن ڄڻ ته مون کي ايذاءُ رسايو، جو هيءَ منهنجي جسم جو ٽُڪر آهي، ۽ منهنجي جگر جو پارو آهي.“ انهيءَ مدنظر تي، جيسين هيءَ بيبي جيئري هئي، تيسين حضرت علي رضه ٻي شادي نه ڪئي. جيتوڻيڪ انهيءَ وقت گهڻين شادين ڪرڻ جو عام رواج هو. حضرت رسول الله ﷺ جي جهڙي محبت نياڻيءَ سان هئي، تهڙي حضرت علي رضه ۽ سندس پٽن سان هئي. چوندا هئا ته ”جو منهنجو دوست آهي، سو علي رضه جو دوست آهي ۽ علي دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجو ڀاءُ آهي.“ ڏهٽن سان ته ايتريقدر محبت هين، جو ڪلهي تي چاڙهي گهمائيندا هئن، ۽ کين جهوليءَ ۾ ويهاري ڏاڍو خوش ٿيندا هئا.

بيبي صاحبه والد جي وفات بعد[سنواريو]

روايتون آهن تہ بيبي فاطمه حضرت محمد جي وفات بعد بيبي صاحبہ مصيبتن مان گُذري جو ان جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي کيس خليفي جي دربار وڃڻ پيو جتي سندس پٽن جون شاھديون مسترد ڪيون ويون. ھڪ روايت مطابق سندس گهر کي باه لڳڻ جو واقعو پڻ پيش آيو[19].سندس حمل پن ضائع ٿيو ء سندس پٽ محسن فوت ٿيو. مستند روايتن مطابق بيبي صاحبه ابوبڪر رضه سان سندس ڪيل فيصلن جي ڪري ناراض رهي. روايت مطابق علي رضه ابوبڪر رضه جي بيبي صاحبه جي حياتي ۾ بيبي صاحبه جي ابوبڪر سان ناراضگي جي ڪري بعيت ڪانہ ڪئي ۽ سندس وفات بعد بعيت ڪئي ھئي.

بيبي صاحبہ جو ڪردار ۽ درجو[سنواريو]

بيبي فاطمہ رضه ڏاڍي حيا ۽ قناعت ۽ صبر واري هئي. هميشه صبر ۽ شڪر ۾ رهندي هئي. سچائي منجهس ايتري هوندي هئي، جو بيبي عائشہ رضه جو چوڻ آهي ته ”رسول الله ﷺ جن کان سواءِ، فاطمه رضه کان وڌيڪ مون ڪنهن کي سچو نه ڏٺو. ۽ حضرت محمد ﷺ جن پاڻ فرمائيندا هئا ته ”خديجہ رضه“ فاطمہ رضه، مريم(حضرت عيسيٰ جي ماءُ) ۽ آسيه (فرعون جي زال) اهي دنيا ۾ سڀ کان بهتر زالون آهن، ۽ بيبي فاطمہ رضه جي نالي چيائون ته ”بهشت جي عورتن جي سردار آهي“. علم واري به گهڻي هئي شعر به چوندي هئي. ننڍي هوندي ئي هن جي طبعيت شريفانه هئي. هن جون ٻيون ڀيڻون راند ڪنديون هيون، پر هن جي راند سان نه پوندي هئي. ٻيون قبيلي جي گهرن ۾ هليون وينديون هيون، هيءَ هميشه پنهنجي ماءُ وٽ رهندي هئي، ۽ ڪيڏانهن به نه ويندي هئي. هن جون اهي خصلتون ڏسي، رسول الله ﷺ جن هن کي ”بتول“ سڏيندو هو. يعنيٰ دنيا کان تارڪ، ۽ محبت ٻين ڀيڻن کان هن سان زياده، هيس، جيتوڻيڪ اهي هن کان زياده خوبصورت ۽ تيز فهم هيون. هوءَ کائڻ ، پيئڻ، اُٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، لباس، ۽ ٻين ڳالهين ۾ بلڪل پيءُ جي پيروي ڪندي هئي. بيبي عائشہ رضه چوي ٿي ته ”سڀني ڳالهين ۾، حضرت رسول الله ﷺ جن سان سڀ کان زياده مشابهت فاطمہ رضه جي هئي.“ انهن ڳالهين ڪري، حضرت ﷺ جن هن کي ڏاڍي تعظيم ڏيندا هئا، ايتريقدر جو جڏهن هوءَ وٽن ايندي هئي، تڏهن پاڻ اُٿي بيهندا هئا، ۽ سندس مٿي ۽ اکين تي چميون ڏيندا هئا. جيتوڻيڪ حضرت علي رضه جي بيبي فاطمہ رضه سان ڏاڍي محبت هئي ۽ سندس گهڻي خاطري ڪندو هو، ته به حضرت رسول الله ﷺ جن وقت بوقت تاڪيد پيا ڪندا هئس، ته هن سان چڱيءَ طرح هلجئين، ۽ هوڏي وري پاڻ ڌيءُ کي چوندا هئا، ته مڙس جو سڀ کان وڏو فرض آهي، تنهن ڪري انهيءَ جي فرمانبردار رهجئين.بيبي فاطمہ رضه شعر به چوندي هئي. حضرت علي رضه ته تمام گهڻو شعر چوندڙ هو. سندس ڪلام، نثر توڙي نظم ۾ گهڻو آهي. گهڻن شعرن ۾ بيبي فاطمہ رضه جي تعريف ڪئي اٿس ۽ نصيحتون ڏنيون اٿس، جن جي جواب ۾ بيبي فاطمہ رضه پاڻ به شعر چيا آهن. ٻه _ چار شعر بيبي فاطمہ رضه جا هتي ڏجن ٿا:

”اني اعطيه ولا ابالي،
واوثر الله علي عيالي،
امسوا جياعا و هم اشبالي،
اصغر هم يقتل باغتيالي،
للقاتل الويل مع الوبالي.“


(يعني، آءٌ يتيم کي طعام ڏيان ٿي ۽ فُقر جي پرواهه ڪانه ٿي ڪريان، ڇا لاءِ جو خدا منهنجي عيال تي گهڻي بخشش ڪئي آهي، هو منهنجا شينهن جا ٻچا شام جو بک ۾ رهن ٿا، انهن مان ننڍو اوچتو قتل ڪيو ويندو، انهيءَ جي قاتل لاءِ ويل ۽ وبال آهي.)

امرڪ سمع يا عم و طاعت,
اطعمہ ولا ابالي الساعت،
ارجوُ اذاشبعت ذا المجاعت،
ان ادخل الخلد ولي شفاعت،


(يعنيٰ، اي منهنجا سئوٽ، تنهنجي حڪم جي آءٌ فرمانبردار آهيان، آءٌ هن (مسافر) کي کاڌو ڏينديس، ۽ ساعت جي تنگيءَ جي پرواهه نه ڪنديس، مون کي اميد آهي ته جڏهن آءٌ بکئي کي ڍئو ڪرائيندس، تڏهن آءٌ بهشت ۾ داخل ٿينديس ۽ منهنجي لاءِ ڇوٽڪارو ٿيندو.[18]

بيبي صاحبه سان مسلمانن خاص طور تي شيعن جي تمام وڏي عقيدت آھي. بيبي صاحبه جي لقبن ۾ زھرہ، طاھرہ، مبارڪه شامل آهن[5]. بيبي صاحبه جو ھڪ لقب ام الآئمہ پڻ آھي جنھن جي معني آهي امامن جي ماء آھي[20]. ان کي ام الابيھا (پنھنجي بابا جي امان)، ام الحسنين، ان الحسن، ام الحسين بہ چوندا آهن[21][22][23] [24].

شيعن طرفان عقيدت[سنواريو]

وچولي دؤر يا قرون وسطیٰ جي شيعن جي لکڻين مطابق بيبي صاحبه پاڪ ھجڻ جي ڪري کيس عام عورتن وانگر ماھواري نہ ايندي ھئي[5]، ۽ سندس حمل (pregnancy) جو مدو 9 ڪلاڪ ھيو[5]. جيئن رومن ڪيٿولڪ عيسائي بيبي مريم کي جنت ۾ داخل ٿيڻ واري پھرين عورت ھجڻ جي دعوا ڪندا آھن بلڪل ايئن شيعن جي دعوا مطابق اھا پھرينن عورت بيبي فاطمه ھوندي[5]. شيعه سندس پٽ جي دردناڪ موت جي ڪري ان جي تشبيھ بيبي مريم سان پڻ ڪندا آهن[5]. قرآن ۾ بيبي صاحبه جو نالي سان ذڪر ناھي ٿيل پر شيعن مطابق قرآن جي سورة الرحمان جي آيت 19 ۾ ٻن سمنڊن جي گڏ ھجڻ وارو ذڪر ۾ سمنڊ بيبي صاحبه ۽ علي بن ابوطالب جي لاء اشاري طور استعمال ٿيل آھن ۽ آيت ٻنھي زال مڙس جي پاڻ ۾ جھيڙي بعد ٺھي وڃڻ طرف اشارو آھي[5].

شيعن ۾ ھڪ کليل ھٿ جي تصوير مقدس ھوندي آھي جنھن لاء سندن خيال آھي ته اھو بيبي صاحبه جو ھٿ آھي. اھا ھٿ جي تصوير شيعن مطابق بري نظر ۽ بدي کان حفاظت ڏيندڙ تعويذ آهي. شيعا اھو ھٿ عاشورن ۾ پڻ ڏيکاريندا آهن[5].

وفات[سنواريو]

مدينه ۾ جنت البقيع قبرستان

بيبيءَ جي پيءُ سان محبت به ايتريقدر هئي، جو سندن وفات کانپوءِ بيمار ٿي پيئي ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ پاڻ به، ٻارهين هجري سال (633ع) ۾، وفات ڪري ويئي. عمر فقط 28 يا 29 ٿيس. سندس وصيت موجب، حضرت علي رضه ۽ حضرت عباس رضه ۽ سندس ٻن پٽن، رات جو غسل ڏئي، کيس ”بقيعا“ ۾ دفن ڪيو. سندس وفات ڪري، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنه توڙي ٻنهي پٽن کي ڏاڍو صدمو پهتو[18]. بيبي صاحبه حضرت محمد ﷺ جي وفات کان ھڪ سال پوء وفات ڪري وئي. سندس تدفين واري جاء تي اختلاف آھن[5].بيبي صاحبه جي وفات 14 جمادالاول 11ھ ۽ 7 آگسٽ 632ع تي وفات ڪئي ۽ کيس جنت البقيع ۾ ڪنھن نامعلوم ھنڌ تي دفن ڪيو ويو[25]. سندس وصيحت مطابق سندس مڙس سندس قبر تي سڃاڻپ لاء ڪوبہ نشان نہ رکيو تنھن ڪري ڪنھن کي خبر ناهي تہ سندس قبر ڪٿي آھي[26]. ھڪڙي روايت مطابق سندس تدفين جنت البقيع قبرستان ۾ ٿي ۽ ھڪ روايت مطابق کيس مسجد نبوي جي ميدان ۾ دفنايو ويو ھو[5].

حوالا[سنواريو]

  1. "The Ka'aba, The House of Allah | Story of the Holy Ka'aba | Books on Islam and Muslims". Al-Islam.org. حاصل ڪيل 24 August 2014. [مئل ڳنڍڻو]
  2. "The Blessed Names of Sayyidatinā Fātima Aa-Zahrā’ Rady Allāhu ‘Anhā". Iqra.net. حاصل ڪيل 3 December 2013. 
  3. Seerat -e- Ali -ul- Murtaza [r.a] By Shaykh Muhammad Nafay
  4. ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛ پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو 4.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 4.html Check |url= value (مدد).  Missing or empty |title= (مدد)}
  5. 5.00 5.01 5.02 5.03 5.04 5.05 5.06 5.07 5.08 5.09 5.10 5.11 5.12 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 230,231
  6. مناقب ابن شهر آشوب، جلد 3 ص 357/ بحارالانوار جلد 43 ص6 / دلائل الامامه ص 10/اصول ڪافي جلد پهريون
  7. "Fatima (sa), the Daughter of Muhammad (S), a Brief Biography". Al-Islam.org. حاصل ڪيل 2018-09-14. 
  8. "مؤسسة الإمام الخوئي الخيرية – مركز الإمام الخوئي في نيويورك / السيدة فاطمة الزهراء عليها السلام". www.al-khoei.us. حاصل ڪيل 2018-09-14. 
  9. ""الإجابة على الأسئلة العقائدية "مركز الأبحاث العقائدية" (ٻولي ۾ Arabic). www.aqaed.com. حاصل ڪيل 2018-09-14. 
  10. [1] (فاطمه الزهراء- الاسلام.او آر جي)
  11. Parsa, 2006, pp. 8–14
  12. "MSN Encarta article on Fatimah". وقت 2 September 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. "Encyclopædia Britannica". 
  14. The Minaret, Volume 21, Islamic Center of Southern California, p. 22
  15. "The History of al-Tabari Vol. 39: Biographies of the Prophet's Companions and Their Successors: al-Tabari's Supplement to His History". 
  16. Qurashi 2006, p. 42
  17. حارالانوار، جلد 20 ص 88/الصحيح من سيرة النبي جلد 4 ص 324
  18. 18.0 18.1 18.2 18.3 {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page4.html.  Missing or empty |title= (مدد)}
  19. Al Farooq By Shaykh Allamah Shibli Nomani (r.a)
  20. (المعارف.او آر جي) [2] آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  21. Sharif al-Qarashi, Bāqir. The Life of Fatima az-Zahra (sa). Trans. Jāsim al-Rasheed. Qum, Iran: Ansariyan Publications, n.d. Print. Pgs. 37–41
  22. Al-Istee'ab, vol.2 Pg. 752
  23. Usd al-Ghabah, vol.5 Pg. 520
  24. Muhammad Ali Hashir, "Um e Abeeha" Ya "Am o Abiha" ki Wazahat aur Reference By Ayatollah Al Uzma Muhammad Hussain Najfi, حاصل ڪيل 2018-11-10 
  25. [3] (فاطمه الزهراء- الاسلام.او آر جي)
  26. [4] (فاطمه الزهراء- الاسلام.او آر جي)