باغباني
باغباني (Horticulture) مان مراد ميون، ڀاڄين ۽ گلن واري ٻوٽن کي وڌائڻ جي سائنس ۽ فن آهي.[1] باغباني عام طور تي ننڍي ۽ وڌيڪ ڪنٽرول ٿيل پيماني تي ٻوٽن جي پوک جي وڌيڪ پيشه ور ۽ ٽيڪنيڪل پهلوئن سان جڙيل آهي. باغباني جا مختلف ڀاڱا آهن ڇو ته ٻوٽا مختلف مقصدن لاءِ پوکيا ويندا آهن. انهن ڀاڱن ۾، پروپيگيشن، آربريڪلچر، زمين جي جوڙجڪ، فلوري ڪلچر ۽ ٽرف جي سار سنڀال، شامل آهن، پر انهن تائين محدود نه آهن. انهن مان هر هڪ لاء، مختلف پيشو، پهلو، اوزار استعمال ٿيل ۽ لاڳاپيل چئلينج آهن؛ هر هڪ کي انتهائي خاص صلاحيتن ۽ باغباني جي ڄاڻ جي ضرورت آهي.
تاريخ
[سنواريو]هيءُ فن نھايت پراڻو آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ مختلف ميون ۽ ٻوٽن جو ذڪر هزارين سال اڳ ۾ بہ هو. اڄ کان تقريباً چار هزار سال اڳ ڏاڙهون، بادام وغيره پوکبا هئا.
سڪندراعظم جي حملي وقت سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلن جا ٻوٽا ملن ٿا. موجوده دور ۾ هيءُ فن صنعت جي حيثيت سان رائج ٿي چڪو آهي.[1]
ضروري ڳالھيون
[سنواريو]هاڻي باغ معاشي ضرورت جي خيال سان لڳايو وڃي ٿو. باغ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن.[1]:
- باغ جي لاءِ موزون آبھوا ۽ زمين موجود هجي.
- باغ مارڪيٽ جي ويجهو هجي.
- شھر يا مارڪيٽ گهڻو پري هجي تہ باغ پڪي ۽ سٺي روڊ تي هجي.
- باغ واريءَ زمين ۾ زير زمين پاڻيءَ جي ليول گهڻي هيٺ هجي.
- باغ جي پيچ لاءِ پاڻي گهڻي انداز ۾ موجود هجي.
- تجارتي پيماني تي باغ لڳائڻ لاءِ مزور آسانيءَ سان ملي سگهن.
سنڌ ۾ ميويدار علائقا
[سنواريو]سنڌ جي ميداني علائقي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪوٽڙي بئراج ۽ نوابشاھ جا ضلعا آبھوا جي لحاظ کان ميويدار علائقا آهن، هونئن سڄيءَ سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلا پوکي سگهجن ٿا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.