باغباني

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
باغباني جو هڪ منظر

باغبانيءَ مان مراد ميون، ڀاڄين ۽ گلن ڦلن وارا ٻوٽا پوکڻ آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

هيءُ فن نهايت پراڻو آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته مختلف ميون ۽ ٻوٽن جو ذڪر هزارين سال اڳ ۾ به هو. اڄ کان تقريباً چار هزار سال اڳ ڏاڙهون، بادام وغيره پوکبا هئا. سڪندراعظم جي حملي وقت سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلن جا ٻوٽا ملن ٿا. موجوده دور ۾ هيءُ فن صنعت جي حيثيت سان رائج ٿي چڪو آهي.[1]

ضروري ڳالھيون[سنواريو]

هاڻي باغ معاشي ضرورت جي خيال سان لڳايو وڃي ٿو. باغ لاءِ هيٺيون ڳالهيون ضروري آهن[1]:

  1. باغ جي لاءِ موزون آبهوا ۽ زمين موجود هجي.
  2. باغ مارڪيٽ جي ويجهو هجي.
  3. شهر يا مارڪيٽ گهڻو پري هجي ته باغ پڪي ۽ سٺي روڊ تي هجي.
  4. باغ واريءَ زمين ۾ زير زمين پاڻيءَ جي ليول گهڻي هيٺ هجي.
  5. باغ جي پيچ لاءِ پاڻي گهڻي انداز ۾ موجود هجي.
  6. تجارتي پيماني تي باغ لڳائڻ لاءِ مزور آسانيءَ سان ملي سگهن.

سنڌ ۾ ميويدار علائقا[سنواريو]

سنڌ جي ميداني علائقي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، ڪوٽڙي بئراج ۽ نوابشاهه جا ضلعا آبهوا جي لحاظ کان ميويدار علائقا آهن، هونئن سڄيءَ سنڌ ۾ انب ۽ ڪيلا پوکي سگهجن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.