مواد ڏانھن هلو

آبھوا

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آبهوا ۾ تبديلي جو خيالي منظر

آبھوا (Climate)، لفظي معنيٰ "پاڻي ۽ واء جي گڏيل ڪيفيت"، اصطلاحي معنيٰ "ڪنھن هنڌ يا خطي جي طبعي موسمي حالت"، هڪ علائقي ۾ ڊگهي مدت، عام طور تي 30 سالن کان مٿي جي موسم جو نمونو آهي.[1] [2] وڌيڪ بهتر طور تي، اهو هڪ مهيني کان لکين سالن تائين پکڙيل موسمياتي تبديلين جي سراسري ۽ تبدل آهي. ڪجھ موسمياتي تبديليون جيڪي عام طور تي ماپي وينديون آھن، جنھن ۾ گرميء پد، نمي، فضائي دٻاء، واء جي رفتار ۽ ورن شامل آهن. وسيع معنى ۾، آبهوا موسمياتي نظام جي اجزاء، جنهن ۾ واء، پاڻي، برفاني، حياتي ۽ ڌرتي جا دائرا (ائتموسفيئر، هائيڊروسفيئر، ڪرايو اسفيئر، ليٿو اسفيئر ۽ بائيو اسفيئر) شامل آهن، جي حالت ۽ انهن جي وچ ۾ رابطو ۽ باهمي تعامل آهي.[3] ڪنهن به هنڌ جي آبهوا ان جي ويڪرائي ۽ ڊگھائي ڦاڪ، زمين جي شڪل (Terrain)، اوچائي، زمين جي استعمال ۽ ويجھي آبي ذخيرن ۽ انهن جي وهڪرن کان متاثر ٿيندي آهي.[4]

موسمن کي، اوسط ۽ عام متغيرن جي مطابق، گرميء پد ۽ ورن (precipitation)، سان درجه بندي ڪري سگهجي ٿو. سڀ کان وڏي پيماني تي استعمال ٿيل درجه بندي اسڪيم، ڪوپن آبهوا درجابندي (Köppen climate classification) آهي. ٿورنوٽ نظام (Thornthwaite System)،[5] جيڪا 1948ع کان استعمال ۾ آهي، پاڻي جي بخار جي شڪل ۾ واء جي دائري ۾ منتقلي (evapotranspiration) سان گڏ گرمي پد ۽ ورن جي معلومات شامل ڪري ٿو ۽ حياتياتي تنوع جي مطالعي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ڪيئن موسمياتي تبديليون ان کي متاثر ڪرڻ ٿيون. ٿورنٿويٽ آبهوا جي درجه بندي ۾ اهم درجه بنديون، مائڪروٿرمل، ميسوٿرمل ۽ ميگاٿرمل آهن. [6] جڳهه خلاصي درجه بندي نظام (Spatial Synoptic Classification System) ۽ گيرون درجه بندي نظام واء جي وڏي ٽڪڙن (air masses) جي اصليت تي ڌيان ڏين ٿا جيڪي علائقي جي آبهوا کي بيان ڪن ٿا.

پيليوڪلائميٽولاجي (Paleoclimatology) قديم زماني جي آبهوا جو مطالعو آهي. هن جا ماهر، ڌرتيء جي سڀني حصن لاء، ڪنهن به ارضياتي دور ۾، ڌرتيء جي ٺهڻ جي وقت کان وٺي، موسمياتي تبديلين جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. [7] جيئن ته 19هين صدي کان اڳ آبهوا جا تمام ٿورا سڌو سنئون مشاهدو موجود هئا، قديم آبهوا (paleoclimates) جو اندازو پراڪسي متغيرن جي ذريعي لڳايو ويو آهي. انهن ۾ غيرحياتياتي ثبوت؛ ڍنڍ جي فرشن ۽ برفاني چادرن جي هيٺيان ۾ ڄميل مادا ۽ حياتياتي ثبوت؛ وڻن جي اندرين ڇلا ۽ مرجان، شامل آهن. موسمياتي ماڊل ماضي، حال ۽ مستقبل جي موسمن جا رياضياتي ماڊل آهن. موسمي تبديليون، ڊگھي ۽ مختصر وقت لاء، مختلف سببن جي ڪري ٿي سگھن ٿيون. گلوبل وارمنگ جي حوالي سان تازو گرمي پد تي بحث ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حيات جو ٻيهر ورهاڱو ٿيو آهي. مثال طور، موسمياتي سائنسدان ليسلي اين هيوز لکيو آهي ته:

"سالياني سراسري گرمي پد ۾ °3 سينٽي گريڊ (°5 فارنھائٽ) جي تبديلي جو معني، هڪ جهڙي گرميء پد رکن واري علائقي (Isotherm) جي ويڪرائي ڦاڪ ۾ تقريباً 300-400 ڪلوميٽر (190-250 ميل) يا اچائي ۾ 500 ميٽرن (1,600 فوٽن) جي مفاصلي تي ٽيمپريٽ زون يا اوچائي ڏانهن منتقل ٿيڻ جي برابر آھي. يا آبهوا جي علائقي جي تبديلي جي نتيجي ۾، اندازو ڪيو وڄي ٿو ته حياتياتي نوعون مٿيان يا قطبن ڏانهن هلي وينديون."[8][9]

تعريف

[سنواريو]

موسمياتي درجه بندي

[سنواريو]

ريڪارڊ

[سنواريو]

موسمي تغير

[سنواريو]

موسمياتي تبديلي

[سنواريو]

موسمياتي ماڊل

[سنواريو]

سنڌ جي آبھوا ۽ مند

[سنواريو]

سنڌ ۾ گرم اونهاري ۽ ٿڌي سياري سان گڏ گرم ۽ خشڪ آبهوا آهي. اهو, اتر ۾ ذيلي اڀرندڙ علائقن سان هڪ اڀرندڙ اڀرندي واري علائقي ۾ واقع آهي.

سنڌ ۾ چار مند؛ سيارو، بھار، اونھارو ۽ سرءُ، ٿيندا آھن. فيبروريءَ جي اڌ کان بھار يا بسنت جي مند شروع ٿيندي آھي، جيڪا اپريل جي اڌ تائين ھلي ٿي ۽ پوءِ اونهارو شروع ٿيندو آھي. مينھن جو موسم جون، جولاءِ کان شروع ٿيندو آھي. اونھاري ۾ ٻنپھرن جو سج ڪاپار تي ھوندو آھي، جنھن ڪري گرميءَ پد وڌي ويندي آھي. جون جو مھينو سخت گرم ھوندو آھي. انھيءَ مھيني ۾ جيڪب آباد ۾ گرميءَ پد °126 فارنهائٽ تائين پھچي ويندو آھي. عام طرح اونھاري ۾ گرميءَ پد°115 فارنهائٽ ھوندو آھي. نومبر کان سياري جو مند شروع ٿي ويندو آھي. سياري ۾ ھوا اتر اڀرندي کان لڳندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن برسات به پوندي آھي.

ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ضلعا سامونڊي ڪناري سان لاڳو ھئڻ ڪري، اونھاري ۾ گھٽ گرم ۽ سياري ۾ گھٽ سرد ٿين ٿا. سرءَ جي رت تپاوليءَ ۽ پن ڇڻ جي رت ھوندي آھي ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جا ڏھاڙا سرءَ ۾ شمار ٿيندا آھن. ھيءَ مند ڪڻڪ پوکڻ جي ھوندي آھي. سنڌ جي جدا جدا خطن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن وانگر گرميءَ توڙي سرديءَ جو درجو گھٽ وڌ به ٿيندو رھندو آھي.[10]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Matthews, J.B. Robin; Möller, Vincent; van Diemen, Renée; Fuglestvedt, Jan S.; Masson-Delmotte, Valérie; Méndez, Carlos; Semenov, Sergey; Reisinger, Andy. "Annex VII. Glossary: IPCC – Intergovernmental Panel on Climate Change" (PDF). IPCC Sixth Assessment Report. صفحو. 2222. وقت 2022-06-05 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2022-05-18.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. Shepherd, J. Marshall; Shindell, Drew; O'Carroll, Cynthia M. "What's the Difference Between Weather and Climate?". NASA. وقت 22 September 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 November 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. Matthews, J.B. Robin; Möller, Vincent; van Diemen, Renée; Fuglestvedt, Jan S.; Masson-Delmotte, Valérie; Méndez, Carlos; Semenov, Sergey; Reisinger, Andy. "Annex VII. Glossary: IPCC – Intergovernmental Panel on Climate Change" (PDF). IPCC Sixth Assessment Report. صفحو. 2222. وقت 2022-06-05 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2022-05-18.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. Gough, William A.; Leung, Andrew C. W. (2022). "Do Airports Have Their Own Climate?" (en ۾). Meteorology 1 (2): 171–182. doi:10.3390/meteorology1020012. ISSN 2674-0494. 
  5. Thornthwaite, C. W. (1948). "An Approach Toward a Rational Classification of Climate". Geographical Review 38 (1): 55–94. doi:10.2307/210739. Bibcode1948GeoRv..38...55T. http://www.unc.edu/courses/2007fall/geog/801/001/www/ET/Thornthwaite48-GeogrRev.pdf. Retrieved 2010-12-13. 
  6. "All About Climate". Education | National Geographic Society. حاصل ڪيل 2023-09-25. 
  7. "paleoclimatology | science". Britannica. وقت 2022-09-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2022-09-01.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  8. Hughes, Lesley (2000). Biological consequences of globalwarming: is the signal already. pp. 56. 
  9. Hughes, Leslie (1 February 2000). "Biological consequences of global warming: is the signal already apparent?". Trends in Ecology and Evolution 15 (2): 56–61. doi:10.1016/S0169-5347(99)01764-4. PMID 10652556. http://www.cell.com/trends/ecology-evolution/abstract/S0169-5347(99)01764-4. Retrieved November 17, 2016. 
  10. آبھوا : (Sindhianaسنڌيانا)