انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي مهراڻ يونيورسٽي
![]() مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه جي عمارت | |
اڳوڻو نالو | سنڌ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج |
---|---|
چونڊيل چوڻي | انجنيئرڱ جي شاگردن جي بهتري عظيم نظرثاني ۾ |
انگريزي ۾ چونڊيل چوڻي |
Nurturing the Engineering Graduates with enhanced Perception and Wide Perspective |
قسم | سرڪاري يونيورسٽي |
سرگرم | 1963 |
چانسلر | سنڌ جو وڏو وزير |
وائيس چانسلر | پروفيسر ڊاڪٽر طہٰ حسين علي |
شاگرد | 7,500+ |
انڊر گريجوئيٽ | 6,500+ |
پوسٽ گريجوئيٽ | 1,000+ |
ڊاڪٽوريٽ | 70+ |
پتو | ڄامشورو يونين ڪائونسل ، ڪوٽڙي تعلقو، ڄامشورو ضلعو ، ![]() ![]() Mehran University of Engineering and Technology Jamshoro 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°Eمڪانيت: Mehran University of Engineering and Technology Jamshoro 25°12′N 68°23′E / 25.2°N 68.39°E |
ڪيمپس | ڄامشورو يونين ڪائونسل |
رنگ | بيبي بلو, اسٽيل بلو, اڇو |
لاڳاپا | ھائير ايجوڪيشن ڪميشن, پاڪستان انجنيئرڱ ڪائونسل, پاڪستان ڪائونسل فار آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانرس |
ويب سائيٽ | www |
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو (انگريزي: Mehran University of Engineering and Technology, Jamshoro)، (MUET) جنھن کي مقامي طور تي مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو سڏيو ويندو آهي، ڄامشورو يونين ڪائونسل, ڪوٽڙي تعلقي، ڄامشوري ضلعي، سنڌ ۾ واقع آھي.[1]ھي يونيورسٽي انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جو اعليٰ تعليمي ادارو آهي، جتي بيچلرس، ماسٽرس ۽ پي ايڇ ڊي جون سندون آڇيون وينديون آهن. ھن يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تحقيق پڻ ٿيندي آهي.
تفصيلي تعارف[سنواريو]
سن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرڱ ڪاليج جي نالي سان هڪ ڪاليج قائم ڪيو ويو، جنهن کي اڳتي هلي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو[2] مهراڻ يونيورسٽي پاڪستان جي وڏين يونيورسٽين ۾ شمار ٿي ٿِي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل رينڪڱ ۾ سن 2005 ۾ مهراڻ يونيورسٽي پوري پاڪستان ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو. 2016 تي ان جو شمار انجنيئرنگ جي ادارن ۾ ڇھين نمبر تي ھيو ۽ ھائر ايجوڪيشن وارن ادارن ۾ پنجين نمبر تي ھيو.[3][4]. هن وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ڪل 16 شعبا آهن. جن ۾ هينئر تقريباً ست هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. هن وقت ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي جامعہ مهراڻ جي نائب چانسلر طور اداري جو سربراهہ آهي.
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/b7/Center_of_Advanced_Studies_in_Water_Department_MUET.jpg/240px-Center_of_Advanced_Studies_in_Water_Department_MUET.jpg)
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/c/cd/MUET_STC.jpg/220px-MUET_STC.jpg)
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/e9/MUET_Auditorium.jpg/220px-MUET_Auditorium.jpg)
ھن اداري جو قيام 1963 ۾ پاڪستاني صنعتي گھرجن پٽاندر سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جي حيثيت سان ، سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپي جي بنياد تي عمل ۾ آيو ۽ 1973 تائين اھو لاڳاپو برقرار رھيو ، پوء ان سال ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو ۽ نئين درجي کان پوءِ 450 شاگردن تي مشتمل پھرين بيچ جنوري 1974 ۾ داخل ٿي. ان وقت ڪل ست شعبا ھيا جن ۾ سول، ميڪينيڪل، اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪس، ميٽلرجي، ڪيميڪل ۽ انڊسٽريل انجنيئرنگ شامل ھئا. شروعاتي دور ۾ ڪلاس گورمنٽ ڪالج آف ٽيڪنالاجي، نوابشاه ۾ ورتا ويندا هئا. 1976 ۾ جڏهن يونيورسٽي جي ٽئين بيچ آئي ته ڪلاسن کي ڄامشوري ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جٿي شاگردن جو تعداد وڌي 1500 ٿي ويو.
مهراڻ يونيورسٽي جو شمار پاڪستانن جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو. هي ادارو آئي ايس او 9000 سرٽيفائيڊ آهي. يونيورسٽي ۾ انڊرگريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ، ڊاڪٽورل تعليم سميت ٻيا پروگرام پڻ ڪرايا وڃن ٿا.
تعليم[سنواريو]
انڊرگريجوئيٽ [سنواريو]
انجنيئرڱ فيڪلٽي[سنواريو]
- ڪيميائي انجنيئرڱ
- صنعتي انجنيئرڱ
- مينيجمينٽ
- ميڪانڪي انجنيئرڱ
- ميڪيٽرانڪس انجنيئرڱ
- ميڪٽرونڪس انجنيئرڱ
- ڌاتڪاري ۽ موادي انجنيئرڱ
- مائننگ انجنيئرڱ
- پيٽروليم ۽ گئس انجنيئرڱ
- ٽيڪسٽائيل انجنيئرڱ
برقياتي، اليڪٽرونڪس ۽ ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرڱ فيڪلٽي[سنواريو]
- جياطب انجنيئرڱ
- ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرڱ
- برقياتي انجنيئرڱ
- اليڪٽرونڪس انجنيئرڱ
- انسٽيٽيوٽ براءِ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز
- سافٽويئر انجنيئرڱ
- ٽيليڪميونيڪيشن انجنيئرڱ
آرڪيٽيڪچر ۽ سول انجنيئرڱ فيڪلٽي[سنواريو]
- آرڪيٽيڪچر
- شهري ۽ علاقائي منصوبابندي
- سول انجنيئرڱ
- انسٽيٽيوٽ براءِ ماحوليات ۽ انتظامات
- انسٽيٽيوٽ براءِ پاڻي جي ذرائع ۽ انجنيئرڱ انتظامات
بنيادي سائنس فيڪلٽي[سنواريو]
- بنيادي سائنس ۽ واسطيدار پڙهائي
- انگلش زبان جي ترقي جو سينٽر
- مهران يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ براءِ ٽيڪنيڀياس ۽ ترقي
پڻ ڏسو[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Location and address of Mehran University". Google maps. google maps. حاصل ڪيل 22 September 2013.
- ↑ "A Brief History | Mehran University". www.muet.edu.pk. حاصل ڪيل 2016-06-07.
- ↑ "HEC announces university rankings - The Express Tribune". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2016-02-23.
- ↑ "5th Ranking of Pakistani Higher Education Institutions". 8th Ranking of Pakistani Higher Education Institutions. February 23, 2016. http://hec.gov.pk/InsideHEC/Divisions/QALI/Others/RankingofUniversities/Documents/Ranking_Doc.pdf.