مواد ڏانھن هلو

بلوچي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Balochi language کان چوريل)
بلوچي
بلۏچی
معياري بلوچي جي لکت (نستعليق لکت) ۾ لکيل لفظ "بلوچي"
ٻولي جو وطنپاڪستان، ايران، عمان، افغانستان، ترڪمانستان[1]
نسلغالب اڪثريت ۾ بلوچ، ڪجهه بروھي ۽ شيدي
ٻولي ڳالهائيندڙ
76 لک ماڻھو (2007)[2]
لھجو
سرڪاري حيثيت
سرڪاري ٻولي وغيره
بلوچستان
اقليت جي
ٻولي 
 ايران
سيستان ۽ بلوچستان جي صوبائي ٻولي
 پاڪستان
بلوچستان جي صوبائي ٻولي
 افغانستان
نمروز جي صوبائي ٻولي
ريگيوليٽر بلوچي اڪيڊمي، ڪوئيٽا، پاڪستان
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-2bal
ISO 639-3balinclusive code
Individual codes:
bgp  اوڀاري بلوچي
bgn  اولھندي بلوچي
bcc  ڏاکڻي بلوچي
ktl  ڪوروشي
گلوٽولوگbalo1260[3]
لنگاسفيئر58-AAB-a> 58-AAB-aa (اوڀر بلوچي) + 58-AAB-ab (اولھ بلوچي) + 58-AAB-ac (ڏکڻ بلوچي) + 58-AAB-ad (بشڪرادي)
گرافي ورھاست ۾ بلوچي ٻولي (پيلي رنگ ۾) ۽ ٻيون ايراني ٻوليون ڏيکاريل
This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters. For a guide to IPA symbols, see Help:IPA.

بلوچي (بلوچي: بلؤچي) ھڪ اولھ ايراني ٻولي آهي.[4] اھا بلوچن جي ٻولي آهي جيڪا پاڪستان، ايران، افغانستان ۽ اومان ۾ ڳالھائي ويندي آھي. ھن ٻوليءَ جا گھٽ ۾ گھٽ اٺ حروف علت آھن جن مان پنج وڏا ۽ ٽي ننڍا آهن.[5] بلوچي ٻوليءَ جا ٻہ وڏا لھجا آھن :

  1. مندواڻي ۽
  2. مزاري[6]

پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي بلوچ قبيلن جي ٻولي بلوچي آهي. ھن ٻوليء جي ترقيء لاءِ بلوچستان يونيورسٽي ۾ بلوچ اڪيڊمي ڪم ڪري رھي آھي.

تاريخ

[سنواريو]

بلوچي ٻولي جو سلسلو ڏکڻ اوڀر ايران۾ ڳالھائجندڙ قديم ٻولين سان ملي ٿو. بلوچ قبيلا بلوچستان ۾ اتر اوڀر ايران مان آيا ء پاڻ سان ھيء ٻولي بہ کڻي آيا. ھن ٻوليء جو پھريون ماھوار رسالو 1952 ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو پر اھو بہ گھڻو عرصو ھلي نہ سگھيو.ان کان پوءِ 1960 ۾ سرڪاري رسالو ڪوئيٽا کان مجلہ اولس جي نالي سان جاري ٿيو جيڪو اڃان تائين جاري آهي.ڄام ورڪ، مست توڪلي، گل خان نصير، آزاد جمال الدين، ن.م.دانش، بانل دشتياري (نازبيبي) مشھور بلوچي اديب ۽ شاعر آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. Hamid Ali Baloch. "SOCIOLINGUISTIC CONTACT AND THE PROVIDENCE OF THE BALOCHI LANGUAGE IN MODERN TIMES". academia.edu. 6 March 2016 تي حاصل ڪيل.
  2. Mikael Parkvall, "Världens 100 största språk 2007" (The World's 100 Largest Languages in 2007), in Nationalencyklopedin
  3. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin; Bank, Sebastian, مرتب (2016). "بلوچڪ". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. {{cite book}}: External link in |chapterurl= (مدد); Unknown parameter |chapterurl= ignored (|chapter-url= suggested) (مدد)
  4. "Eastern Iranian languages". آرڪائيو ڪيا ويا 2009-03-28 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Encyclopedia Iranica. "Baluchi, a North-Western Iranian language, is spoken chiefly in Pakistan, in the south-eastern corner of the Iranophone area."
  5. See Farrell (1990) for Southern Balochi (as spoken in Karachi, Pakistan, and Axenov (2006) for Western Balochi as spoken in Turkmenistan.
  6. Dames, Mansel Longworth (1922). A text book of the Balochi language. Lahore: Government Print of Punjab. ص. 1.