گلاب سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گلاب سومرو
پيدائش گل محمد سومرو
آڪٽوبر 01 1949(1949-10-01)

ڳوٺ سيتا، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 6 آگسٽ 2017 (عمر 67 سال)

دادو
قلمي نالو گلاب سومرو
ڌنڌو ليکڪ
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
صنف مضمون
مُکيه ڪم قرآن شريف جوسنڌي ٻولي ۽ سرائڪي ٻولي ۾ ترجمو

گلاب سومرو (انگريزي:Gulab Soomro) سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ڪالم نگار هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

گلاب سومرو جو اصل نالو گل محمد پٽ احمد خان سومرو هو. سندس قلمي نالا گلاب سومرو ۽ شادان سومرو هئا. گلاب سومرو پهرين آڪٽوبر 1949ع [1] ۾ سنڌ جي دادو ضلعو جي راڌڻ شهر ويجهو ڳوٺ سيتا ۾ پيدا ٿيو.

ادبي علمي خدمتون[سنواريو]

هيءُ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس شاعري ۽ ڪالم سنڌي ٻولي جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ شايع ٿيا جن ۾ حلال احمر اخبار، روزاني هلال پاڪستان، روزاني عبرت ذڪر لائق آهن. هن قرآن شريف جو سنڌي ٻولي توڙي سرائڪي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. اهو تاريخ ۾ پهريون پيرو ليکبو جو قرآن شريف جو ترجمو سرائڪي ٻولي ۾ ٿيو هجي. هن زندگي جو ڪافي حصو ڪيترن ئي ماڻهن کي قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ ۾ گذاريو جنهن ڪري شاگردن سان گڏ شهرين وٽ معزز شخص طور ڄاتو ويندو هو ۽ معزز ليکيو وڃڻ ڪري اڪثر پاڙي جا گهريلو تڪرار به نبيريندو هو. سندس زندگي جو سربستو احوال پروفيسر عبدالله مگسي جي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو ۾ شامل آهي.[2][3][4]

وفات[سنواريو]

گلاب سومرو 6 آگسٽ 2017ع تي وفات ڪري ويو ۽ کيس مرکپور دادو ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-02-24. 
  2. 2.0 2.1 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-02-24. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-02-24. 
  4. "هيو پانڌ جنهين سان پيار جو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-02-24.