مواد ڏانھن هلو

گلاب سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گلاب سومرو
ڄم گل محمد سومرو
آڪٽوبر 01 1949(1949-10-01)

ڳوٺ سيتا، دادو ضلعو، سنڌ، پاڪستان
وفات 6 آگسٽ 2017 (عمر 67 سال)

دادو
قلمي نالو گلاب سومرو
ڌنڌو ليکڪ
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
صنف مضمون
مُکيه ڪم قرآن شريف جوسنڌي ٻولي ۽ سرائڪي ٻولي ۾ ترجمو

گلاب سومرو (انگريزي:Gulab Soomro) سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ڪالم نگار هو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

گلاب سومرو جو اصل نالو گل محمد پٽ احمد خان سومرو هو. سندس قلمي نالا گلاب سومرو ۽ شادان سومرو هئا. گلاب سومرو پهرين آڪٽوبر 1949ع [1] ۾ سنڌ جي دادو ضلعو جي راڌڻ شهر ويجهو ڳوٺ سيتا ۾ پيدا ٿيو.

ادبي علمي خدمتون

[سنواريو]

هيءُ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ نثر نويس هو. سندس شاعري ۽ ڪالم سنڌي ٻولي جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ شايع ٿيا جن ۾ حلال احمر اخبار، روزاني هلال پاڪستان، روزاني عبرت ذڪر لائق آهن. هن قرآن شريف جو سنڌي ٻولي توڙي سرائڪي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو. اهو تاريخ ۾ پهريون پيرو ليکبو جو قرآن شريف جو ترجمو سرائڪي ٻولي ۾ ٿيو هجي. هن زندگي جو ڪافي حصو ڪيترن ئي ماڻهن کي قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ ۾ گذاريو جنهن ڪري شاگردن سان گڏ شهرين وٽ معزز شخص طور ڄاتو ويندو هو ۽ معزز ليکيو وڃڻ ڪري اڪثر پاڙي جا گهريلو تڪرار به نبيريندو هو. سندس زندگي جو سربستو احوال پروفيسر عبدالله مگسي جي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو ۾ شامل آهي.[2][3][4]

وفات

[سنواريو]

گلاب سومرو 6 آگسٽ 2017ع تي وفات ڪري ويو ۽ کيس مرکپور دادو ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 24 فيبروري 2020۔
  2. 1 2 "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 24 فيبروري 2020۔
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 24 فيبروري 2020۔
  4. "هيو پانڌ جنهين سان پيار جو", SindhSalamat, حاصل ڪيل 24 فيبروري 2020۔