مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ڪلاسڪيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪلاسڪيت (Classicism) اھو ادب، جيڪو پنھنجي افاديت ۽ افاقيت، گَھِرائي، حسن ۽ صداقت جي ڪري، زمانن جي طوفانن ۽ انقلابن تي حاوي ھجي. حالتون بدلجن، پر ادب جي عظمت ۾ ڪو فرق نہ اچي. اھو ئي ڪلاسيڪي ادب آھي، جنھن سان لطف اندوز ٿيڻ ۽ لاڀ پرائڻ لاءِ مزاج، ذوق، عمر، ٻولي وغيره جا اختلاف حائل نہ ٿا ٿين. ڪلاسيڪيت جي خصوصيتن جي لحاظ کان، شاعريءَ ۾ قاعدا قانون، انسان جون سٺايون بيان ڪرڻ، معاشرتي براين جي اپٽار ڪرڻ، شھري ۽ تھذيب يافتہ پسمنظر جي نمائندگي ڪرڻ، انفراديت کي ڇڏي اجتماعيت بيان ڪرڻ، جذبات نگاري، فطرت نگاريءَ کي نظر انداز نہ ڪرڻ وغيره اھم خوبيون آھن. ان وصف کي ذھن ۾ رکندي سنڌي ڪلاسيڪل ادب ان دور جو ادب اھي، جڏھن نثر جون روايتون موجود ڪين ھيون. اھڙيءَ ريت سنڌي ڪلاسيڪل ادب جي دائري ۾ پير صدر الدين جا گنان، قاضي قادن ۽ شاھ ڪريم رح جو ڪلام، ميين شاھ عنات رضوي، لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ساميءَ جا سلوڪ، بيدل ۽ بيڪس جون ڪافيون، سچل جون ڪافيون ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ بيت اچي وڃن ٿا. سنڌ جا قديم لوڪ داستان ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو بنياد اھن. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنفن ۾ دوھو، بيت، سلوڪ، گنان، وائي ۽ ڪافي وڏي اھميت رکن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.