شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو: سنڌ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم سان وڃي ملي ٿو. سندس وڏا پهريائين شيراز ۽ ترمذ ۾ رهندا هئا، پوءِ لڏي اچي هرات ۾ ويٺا. امير تيمور جي هرات فتح ڪرڻ کان پوءِ هن خاندان جو هڪ فرد مير حيدر سنڌ ۾ آيو ۽ اچي هالا ۾ رهيو. هتي مير محمد هالي جي نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي، جنهن مان ”مير علي“ ڄائو. سنڌ جا مٽياريءَ سادات ان جي اولاد آهن، ڇاڪاڻ جو هي خاندان هالن مان لڏي اچي مٽياري ۾ رهيو. شاهه عبدالڪريم مٽياري ۾ سنه 944ھ (1538ع) ۾ تولد ٿيو. سندس والد سيد لعل محمد عرف لال شاهه پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. ظاهري تعليم کان وڌيڪ ذڪر ۽ سماع سان شوق هوس، انهيءَ ڪري ظاهري تعليم ننڍپڻ ۾ ئي ڇڏي ڏنائين، البته بزرگن ۽ عالمن جي صحبت مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيائين. پهريائين بهار جي هڪ بزرگ سان سندس روح رهاڻ ٿي، جيڪو سندس ڳوٺ جي مسجد ۾ اچي رهيو هو، ان کان پوءِ ٺٽي جي بزرگن: سيد يوسف بکري ۽ مخدوم آدم سميجي سان صحبتون ڪيائين. مخدوم نوح جو باقاعده مريد ٿيو، ۽ گهڻو فيض ان کان ورتائين. ان جي چوڻ تي ڳوٺ ڇڏي بلڙيءَ وسايائين. سادي زندگي گذاريندو هو، خدا جي مخلوق جي خدمت ۾ وسان ڪين گهٽائيندو هو. پيٽ قوت حاصل ڪرڻ لاءِ پورهيا ڪيائين ۽ پوک ڪيائين. ڪجهه وقت سير و سفر به ڪيائين. 7 - ذوالقعد 1032ھ(1622ع) ۾ وفات ڪيائين.کيس اٺ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. سنڌ جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس فرزند جمال شاهه جو پڙ پوٽو هو. شاهه ڪريم جي ملفوظات فارسيءَ ۾ سندس مريد محمد رضا سنه1038 هه(1628ع) ۾ ”بيان العارفين“ جي نالي سان قلمبند ڪئي. ان ۾ سندس 92 سنڌي بيت ۽ ڪيترائي قول آيل آهن. ان کانسواءِ هن ملفوظات مان قاضي قاضن جا اٺ بيت ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا 6 بيت به مليا آهن. شاهه ڪريم آڳاٽي دور جو تمام وڏو شاعر آهي. قديم شاعرن ۾ هي پهريون شاعر آهي، جنهن جو سڀ کان گهڻو ڪلام مليو آهي، انهيءَ ڪري کيس سنڌ جو ”چاسر“ به چيو ويندو آهي. کيس”سنڌي ادب جو وهائو تارو“ ۽ ”شاهه لطيف جو مبشر“ به چيو ويندو آهي. نه فقط قدامت جي لحاظ کان سندس درجو اعليٰ آهي، پر ادبي خوبين ۽ خصوصيتن جي لحاظ کان به سندس درجو مٿانهون آهي. هو پنهنجي وطن جي رسمن، رواجن ۽ ڌنڌن ڌاڙن جو گهرو مطالعو ڪري، پنهنجي ڪلام ۾ ان جو ذڪر آڻي، نهايت باريڪ نڪتا بيان ڪري ٿو. لوهر کي سنداڻ تي ڌڪ هڻندو ڏسي، پنهنجي دل کي سنداڻ سان ڀيٽ ڏئي، پنهنجو مطلب بيان ڪري ٿو: ڌڪين ڏات پئو، هينئڙو لــہ سنداڻ جيئن، سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو. ڳوٺاڻي عورت کي دلو مٿي تي کڻندو ڏسي، ۽ پکيءَ کي پاڻيءَ تي ويٺل ڏسي، پنهنجي دل جو حال بيان ڪري ٿو: پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جقيِّن، اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾. يعني سندس شعر زندگيءَ جي تجربن ۽ سياڻپ جو آئينه دار آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شعر جون ڪيتريون مصرعون، پهاڪا ۽ چوڻيون ٿي پيئون آهن، مثلاً: ”نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هونِ“ ”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ“ ”جي پڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير“ ”مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جي اپٽي ته واءُ“ ”پاڻي اتي جهوپڙا، مورک اڃ مرن“ شاهه ڪريم جو شعر فصاحت ۽ بلاغت جو به اعليٰ نمونو پيش ڪري ٿو. سيد صاحب تصوف جا اونها راز، نهايت سهڻين تشبيهن ۽ استعارن سان بيان ڪري سمجهايا آهن. مطلب ته هر لحاظ کان شاهه ڪريم جو شعر اعليٰ پايه جو آهي. خود شاهه لطيف سندس شعر جي تتبع ڪئي آهي. شاهه ڪريم جا 94 بيت سندس ملفوظات ”بيان العارفين“ مان مليا آهن، جيڪا سندس مريد محمد رضا 1038ھ ۾ لکي پوري ڪئي. ان ۾ بيتن سان گڏ سندس قول به آهن. ڪجهه بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا: هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ ڏجن لوڪ، کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ. -- جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي، من پريان نيئي، پڳهيون پاڻ ڳري. -- هنج تتهين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاهه جو“ اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇرو ۾ ڇيڙون ڪري. -- جي اتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکيا، ري ڇاجي کٽئي، سڀر ٻري نه باهه. -- سوئي هيڏانــہ، سوئي هوڏانــہ، سوئي من وسي، تنهين سندي سوجهري، سوئي سوپسي. بيان العارفين ۾ ٻين شاعرن جا بيت: سمن جي دور ۾ آيو آهي، ته شاهه ڪريم جي ملفوظات بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم ۽ قاضي قاضن جي بيتن کان سواءِ، ڇهه بيت ٻين شاعرن جا آهن، جن مان ٽي شاهه ڪريم کان اڳ جي شاعرن جا آهن ۽ ٽي شاهه ڪريم جي همعصر شاعرن جا معلوم ٿين ٿا، انهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. باقي جيڪي ٽي بيت همعصر شاعرن جا معلوم ٿين ٿا، اهي هيٺ ڏنا وڃن ٿا: ڦٽيون ڪر ڦڙڪيون، ور ونگائي پاءِ، جاتن اندر کاءِ، سا معلوم محبوب کي. --- وائي وڃيم شال، ڪنين سين ڪين سڻيان، ڀلو ڪري ڀال، ته اکين سين انڌو ٿيان.[1]

مرزا قليچ بيگ جي تحقيق[سنواريو]

_ سيد عبدالڪريم: ولد لَلو شاهه، جنهن کي شاهه ڪريم سڏيندا آهن.، بلڙيءَ جو رهاڪو هو. هُو متعلوي سيدن مان هو. ڏاڍي عبادت ۽ رياضت ڪرڻ وارو شخص هو. اڪثر رات جاڳي عبادت ڪندو هو ۽ مسجدن جي خدمت چاڪري ۽ بزرگن ۽ اوليائن جي زيارت ڪندو هو. هن سيد محمد يوسف رضويءَ ۽ مخدوم نوح، مخدوم آدم ۽ ٻين مشائخن جون صحبتون ڪيون ۽ انهن کان فيض حاصل ڪيائين. مخدوم نوح جي حڪم سان بلڙيءَ ۾ اچي رهيو ۽ وفات به اُتي ڪيائين سنه 1030ھ ۾. هن جو احوال ڪتاب ”بيان العارفين تنبيه الغافلين“ ۾ ڏنل آهي. هو چڱو خاصو سنڌي شاعر هو. سندس رسالو اگرچ ننڍو آهي، ته به حقيقي مضمون سان ڀريل آهي. اهو مون ڌار ڇاپايو آهي، ۽ انهي ۾ سندس مفصل احوال به ڏنو آهي. هن سيد جي پوٽن مان هڪڙو حبيب شاهه هو، جو وجد ۽ حال وارو هو ۽ هميشه استغراق ۾ رهندو هو. اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو والد هو. جنهن جو اشارو مٿي (نمبر 2) ۾ ڏنو ويو آهي. سيد حبيب شاهه جي وفات جي تاريخ مخدوم محمد صادق نقشينديءَ هن حديث مان لڌي: ” الموت جسر“ يوصل الحبيب اليٰ لقاءالحبيب.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو