ڪراچيءَ جا قديم ماڳ ۽ تهذيبن جو ڳانڍاپو
آڳاٽي دور کان مڪران کان لسٻيلي کان رستو حب ندي پار ڪري ڪراچي جي بندرن ڏانهن ويندو هو. ٻيو رستو بولان لڪ کان ڌريجي ۽ ڪنڊ، مهير، گڏاپ کان ڪراچي ڏانهن ايندو هو. منگهوپير مرڪز هوندو هو. هتان به ڪيترائي رستا نڪري انهن رستن سان ملندا هئا. ٽيون رستو سيوهڻ کان گڏاپ کان ڪراچي تائين ايندو هو. چوٿون رستو ٺٽو، ڀنڀور ۽ ديبل کان ڪراچي ڏانهن ايندو هو. منگهوپير کان به ٻه رستا بندرن ڏانهن ايندا هئا. "لوهارڪو لنگهه" ۽ "مائي ڳاڙهي" کان ٻه رستا منگهوپير تائين ايندا هئا. هتان هڪ اهم رستو اورنگي ندي پار ڪري بندرن ڏانهن ايندو هو. انهن اهم رستن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا رستا ڪراچي بندر ڏانهن ايندا هئا. انهن رستن جي ڪناري اهي قديم آثار، لانڍيون، سراءَ ۽ پراڻن ماڳن جا نشان موجود آهن. انهن پراڻن رستن، واٽن ۽ انهن جي ڪناري ماڳن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اهي اسين ڳولي وياسين ته تاريخ جون ڪڙيون ملي وينديون. ڇاڪاڻ ته هي علائقو قديم زماني کان واپاري ۽ فوجي اچ وڃ جو وسيلو رهيو آهي. ساحل تي واپاري شهرن کانسواءِ هتي مڇي بندر به هئا. بندر کان پري وارن علائقن ۾ زراعت ۽ چراهه گاهن ڪري هي خطو خوشحال ۽ زرخيز هو. هن خطي جي خوشحالي ٻين قومن، قبيلن کي هرکائيندي رهي آهي.
بندرن تي اچ وڃ ۽ لڏ پلاڻ ڪري ٻين علائقن جي تهذيبن جو ڳانڍاپو ۽ انهن تهذيبن کان متاثر ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي، تهذيبن جي ٽڪراءُ ۽ ڳانڍاپي جو اهو سلسلو قديم زماني کان اڄ تائين جاري آهي. ان سلسلي ۾ جيڪي انگ اکر ۽ شهادتون گڏ ڪيون ويون آهن، سي تفصيلي اڀياس لاءِ رهنمائيءَ جو ڪم ڏئي سگهن ٿيون. پر اسان جي بدقسمتي آهي ته هن مهل تائين ان باري ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي ۽ آئينده به ڪنهن خاص ڪم ۽ تحقيق جا آثار نظر نٿا اچن ۽ جيستائين اسان ڪراچيءَ جي مڪمل تاريخ لکڻ لاءِ ويهي سوچيون اوستائين انهن آثارن جو ڪو وجود ئي نه رهندو. تاريخ نويسي لاءِ اهي خال ڀرڻ ان وقت تائين مڪمل نه آهن، جيستائين قديم آثارن جا ماهر انهن مان ڪو ڏس نٿا ڏين. تاريخدان رڳو انهن جي باري ٻڌائي سگهن ٿا. انهن جي کوٽائي انهن تي تحقيق جو ڪم آثار قديم جي ماهرن جو آهي.
جيڪڏهن "ڊملوٽي"، "اورانگي" يا اورنگي، باٿ آءِ لينڊز، "يونيورسٽي روڊ ڪنٽري ڪلب"، "ڪراچي يونيورسٽي ڪئمپس"، "منگهوپير"، "واڳو ڏر"، "رتو ڪوٽ"، "گسري" (گذري)، "ٻٽ کوڙي"، "منجهار" (گابو پٽ)، "ديهه حب"، "هلڪاڻي"، "مهير جبل"، "اميلاڻو"، "ٻاڪراڻ"، "پپري"، "ڪاٺوڙ"، "کاديجي"، "ڪونڪر"، گڏاپ جي آثارن کي ٻين علائقن ۽ ملڪن خاص ڪري ابوظهبي، دبئي پاسي کوٽائي مان نڪتل، بلوچستان جي مهر ڳڙهه، ڪلي مهي، موهن جو دڙو، هڙپا ۽ مصر جي کوٽائي مان نڪتل شين سان آثارن سان ڀيٽ ڪرڻ سان اسان ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهنداسين. ٻين آثارن وانگر هتي به ٺڪر جا ٿانو، ٺڪر جون چوڙيون، پٿر جا اوزار، هار، مڻيا، سڪا، رانديڪا ۽ مهرون مليون آهن. انهن مان اها ڳالهه واضح ٿيندي ته ڪٿي اهي تهذيبون هڪ ئي دور جون ته نه آهن، جيڪڏهن انهيءَ دڳ تي ڪم ڪيو وڃي ته هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو.[1] [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (History)
- ↑ ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، باب: تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر