مواد ڏانھن هلو

ڪاٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪاٺ جي سطح، جنھن ۾ ڪاٺ جا ڪيترائي نقش آشڪار آھن

ڪاٺ ھڪ ڪارباني ماو آھي، جنھن جي پيداوار وڻن جي ٿڙن ۾ وقت سان گڏ سخت ٿيندڙ حياتياتي مادي جي طور تي ٿيندي آھي. ھڪ زندا وڻ ۾ ھي مادو پن ۽ ٻين وڌندڙ حصن تائين غذائي جزن ۽ پاڻي جي پھچ ڪندو آھي، ۽ گڏ ئي ھي وڻ کي سھارو ڏيندو آھي تہ جيئن وڻ پاڻ بيھي ڪري آخري اوچائي ۽ ماپ ٺاھي سگھي. ڪاٺ وڻ جي ان مواد کي بہ چيو ويندو آھي، جنھن جي ھئيت ٿڙ جي مادي وانگر ھوندي آھي، مثال طور ڏارون ۽ ڪڏھن ڪڏھن پاڙون بہ چورائينديون آھن.

انساني تاريخ جي شروعات کان ئي انسان ڪاٺ جو استعمال ڪيترن ئي مقصدن جھڙوڪ ٻارڻ ۽ اڏاوت ۽ واپار جي طور تي ڪري رھيو آھي. اڏاوت جي طور تي ان جو استعمال خاص طور عمارت، اوزار، ھٿيار، فرنيچر، پيڪيجنگ، ڪاٺ جو ڪم ۽ ڪاغذ وغيره ٺاھڻ ۾ ڪم ايندو آھي.

عام خاصيتون

[سنواريو]
(General Characteristics)

درين ۽ دروازن ۾ استعمال ٿيندڙ ھر قسم جو ڪاٺ پوريءَ طرح اسريل وڻن جي گودي جو، ھڪ جھڙي مادي وارو، سڌين رڳن سان، سٺي گڻ جو، چڱيءَ طرح تيار ٿيل (Properly seasoned) ، ھر ڪنھن قسم جي ننڍين ۽ وڏين ڳنڍين (knots) کان آجو ۽ ڀروسي وارو ھئڻ گھرجي. ھر ڪنھن قسم جي ڪاٺ جا استعمال ٿيندڙ سنھا ٿاڦا (Scantlings) بلڪل صاف ۽ اجرا، سالم ۽ چوڪنڊا ھئڻ گھرجن. ڪاٺ ۾ موجود پاڻيٺ ڏھ سيڪڙو کان وڌيڪ نہ ھئڻ گھرجي. ھر ڪنھن قسم جي ڪاٺ جي تيار ٿيل اسمن کي اڳتي ھلي لڳائڻ کان پھرين سري (Fungus)، اڏوھي (Termite) ۽ ٻين ڪاٺ کي نقصان پھچائڻ وارن جيتن کان بچائڻ واسطي، انھن جي حفاظت لاءِ کين ڪنھن موزون جيت مار تيل يا ليپ جو چڱيءَ طرح تھھ چاڙھڻ گھرجي.[1]

ڪاٺ جا قسم

[سنواريو]

ڪاٺ جا ٻہ قسم ٿين ٿا، ھڪ سخت ڪاٺ (Hard wood) ۽ ٻيو نرم ڪاٺ (Soft wood).

(i) سخت ڪاٺ :

(Hard wood) ھن قسم جي ڪاٺ ۾ ساڳ (Teak) ، ٽالھي يعني شيشم(Sisso)، ٻٻر (Babul)، توت (Mulberry)، اکروٽ (Walnut) ۽ شاھ بلوط (Oak) وغيره اچي وڃن ٿا.

(ii) نرم ڪاٺ :

(Soft wood) ھن قسم جي ڪاٺ ۾ ديال (Deodar) ، پرتل (Spruce) ، پين (Pine) ۽ [چيل]] (Chir) وغيره اچي وڃن ٿا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو