اڏوھي
اڏوھي: اڏھي:ديمڪ: سرو: وائيٽ آنٽ:
اڏوھي Temporal range: 251–0 Ma
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(129,170,114); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">Є
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(0,169,138); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">O
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(166,223,197); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">S
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(221,150,81); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">D
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(63,174,173); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">C
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(247,88,60); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">P
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(153,78,150); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">T
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(0,187,231); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">J
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(111,200,107); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">K
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(254,161,99); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">Pg
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(254,221,45); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">N
| |
---|---|
Formosan subterranean termite (Coptotermes formosanus) Soldiers (red-coloured heads) Workers (pale-coloured heads) | |
سائنسي درجا بندي | |
Families | |
Cratomastotermitidae |
اُڏوهي (انگريزي ٻولي: White ant) ھڪ قسم جو جيت آهي، جيڪو قد بت ۾ ماڪوڙيءَ جيترو ٿئي، پر ماڪوڙيءَ کان مختلف ٿيندو آهي. اڇي ۽ ڀُوري رنگ جو هيءُ جيت زمين ۾ ٻِرُ ٺاهيندو آهي. سُڪل ڪاٺي هن جيت جو دل پسند کاڌو آهي. ان کان سواءِ ڪتابن، ڪاغذن، ڪامِن، داسن ۽ ڇيڻن وغيره کي به اڏوهي چڱيءَ طرح لڳي ٿي. اُڏوهي ٻُوٽن، پوک ۽ خاص ڪري انبن جي وڻن کي سخت نقصان پهچائيندي آهي. اُڏوهي پنهنجو گهر عجيب طريقي سان ٺاهيندي آهي. هيءُ جيت زمين ۾ ڪئين گهر ٺاهي، لکن جي تعداد ۾ ٽولين جي شڪل ۾ ڪالونيون ٺاهي رهي ٿو. اُڏوهي جيستائين ٻاهر نه ايندي، تيستائين سندس بستيءَ جي خبر نه پوندي. ڀتين ۽ ڇتين ۾ به مٽيءَ جي ناليءَ وانگر يڪو گهر ٺاهيندي آهي. هن جيت کي پَرَ ڪو نه ٿيندا آهن. پرن وارا نر ۽ راڻيون (مادي اڏوهيون) فقط مينهن جي موسم ۾ گهرن کان ٻاهر اُڏامنديون نظر اينديون. اُڏامندي سندن پَرَ ڇڻي پوندا آهن، تنهنڪري آسانيءَ سان ٻين جيتن جو کاڄ ٿي وينديون آهن. هن جيت جو دشمن تتر (پکي) آهي، جيڪو ان کي چاهه سان کائيندو آهي.[1]
هن ۾ ماکي جيان مڪمل ڪالونيون ٺاهي رهڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن جي رهائشي ڪالوني ۾ پڻ هر هڪ اُڏوهيءَ جا هڪ نظام موجب ڪم ورهايل ٿين ٿا. ائين هر هڪ اڏوهي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي رهي ٿي. هنن جي ڪالونين يا ٻڌل شهرن ۾ مختلف پاڙن جو هڪ نظام ٿئي ٿو. انهن کي هلائڻ لاءِ به سندن پنهنجا اصول ٺهيل هوندا آهن. هي وڻن جي سڪل ڪاٺين وڻن جي پاڙن، ۽ جابلو علائقن ۾ پٿرن جي مٿان به مٽي جي ڍيرن جي شڪل ۾ شهر يا ڪالونيون ٺاهي رهنديون آهن. ٿر ۾ هي گهڻو ڪري زمين جي اندر ننڍڙو سوراخ ٺاهي داخل ٿينديون آهن ۽ پوءِ اندر زمين ۾ مختلف رستن جي ذريعي پاڙا ٺاهي رهن ٿيون. اڏوهي ٻرن مان نڪري، ڪاٺين کي کائي، مٿانهين جاءِ تي پنهنجا مٽيءَ جا گهر ٺاهي ته ان کي برسات جي اچڻ جو اهڃاڻ سمجيو وڃي ٿو.حوالي جي چڪ: Closing </ref>
missing for <ref>
tag اُڏيهي: اُڏيهي باغن ۾ ريج وارن هنڌن تي ساون وڻن جي پاڙن کي ڪڏهن نه لڳندي. جي لڳي ته ڄاڻبو ته پهرين وڻ جون پاڙون سڪيون، پوءِ اڏيهي لڳين. ساون وڻن کي اتي لڳندي، جتي زمين خشڪ هوندي. اُڏيهي کي ناس ڪرڻ جو علاج ٻيو ڪونهي، سواءِ مارڻ جي. مگر انهن جي ٽارڻ لاءِ ڏامر جو مَکُ ڪم آڻيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن نم جا ساوا پن زمين ۾ وڻن جي پاڙن منجهه پوري ڇڏيندا آهن.[2]
علم حياتيات
[سنواريو]اڏوھي جو تعلق آئسوپيٽرا سلسلي سان آهي ۽ جديد تحقيق مطابق ڪاڪروچ ۽ اڏوھي ساڳئي نسل سان تعلق رکندڙ جيت آهن.اڏوھيء جون اڄوڪي دؤر تائين 3106 جنسون مليون آھن. اڏوھي کي اڇي ڪول يا وائيٽ آنٽ بہ چوندا آهن پر اڏوھي جو ڪول(🐜) جي جنس سان ڪوبہ تعلق ناهي.اڏوھي ۾ لڳ ڪرڻ جي قابل نر ۽ ماديءَ جي حيثيت بادشاھ ۽ راڻي جي ھوندي آھي.جيڪي لڳ جي قابل نہ ھوندا آھن اھي نر۽ ماديون مزدور ھوندا آھن. باقي ٽيون طبقو انھن ۾ سپاھين جو ھوندو آھي.انھن جي خوراڪ مرده ٻوٽا، سيليليوز، مٽي ۽ جانورن جا ڇيڻا ھوندي آھي. انٽارڪٽيڪا کانسواءِ اھي زمين جي ھر حصي۾موجود آهن.انھن جي ڪالونين ۾ انھن جي آبادي چند سون کان وٺي ڪيترن ئي لکن تائين ھوندي آھي. جيتن جي دنيا ۾ اڏوھي جي راڻي جي عمر ڌرتيءَ جي سمورن جيتن جي عمر کان وڏي ھوندي آھي.اڏوھي جي راڻي جي عمر 30 کان 50 سالن جيتري ھوندي آھي .
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%DA%8F%D9%88%D9%87%D9%8A
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو