اوزار

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

تاريخ- جي دور کان اڳ انسان -پٿر- جا -اوزار- استعمال ڪندا هئا. جهڙوڪ: -پٿر- جا ٺهيل مترڪا ۽ ڪهاڙا وغيره. -ان- کان پوءِ لوهه جو دور آيو ته -انسان- بيشمار -اوزار- ايجاد ڪيا. جهڙوڪ: ڇُري، ڪئنچي، ڏاٽو، بيلچو، ڪهاڙي، ڪوڏر، واهلو ۽ کُرپي وغيره. اُهي هٿ سان استعمال ٿيندا هئا ۽ هاڻي به انهن جي اهميت اهائي آهي. -ان- کان سواءِ هاڻوڪي دؤر ۾ بجليءَ جا -اوزار- به ايجاد ڪيا ويا آهن، -جن- سان -انسان- جي -توانائي-، پئسو ۽ وقت -بچي- ٿو. موجوده وقت ۾ هلندڙ اوزارن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو: هر ڪنهن هنرمند يا ڪاسبيءَ جي ڪم جا -اوزار- جدا جدا هوندا آهن. ڪي -اوزار- ته گهڻو ڪري ساڳيائي ڪم ۾ ايندا آهن، باقي گهڻا تڻا الڳ هوندا آهن. جيئن ته: واڍڪي ڪم جا اوزار: ڪارائي، واهولو، مترڪي، -انبوري-،سرائي، رندو ۽ پيچ ڪش وغيره. رازڪي ڪم جا اوزار: تيشي، وڏي چوناري، ننڍي چوناري، مستر، ليول، شاهُل، -تغاري-، ڪوڏر، بيلچو ۽ ڪوازا وغيره. ڪنڀارڪي ڪم جا اوزار: چَڪ، ٺپڻيون، ڪُنيرا، جڏهن ته آويءَ ۾ ٿانوَ پچائيندا آهن. لوهارڪي ڪم جا اوزار: انبور، ڇيڻي، وڏاڻ، سنداڻ ۽ ڌمڻ وغيره. سونارڪي ڪم جا اوزار: ڏِيو، ڦُوڪڻي، ريهه ۽ ڄئو وغيره. حجامڪي ڪم جا اوزار: ڪئنچي، نهيرڻ، ڦڻي، وارن جي مشين، ڀاني، -آرسي-، نچڪڻو ۽ پوتڙو وغيره.

وينجهرڪي ڪم جا اوزار: سيراڻ، مَلَ، چُستَ، لاک، رانجهن ۽ -ابرڪ- وغيره. اهڙيءَ طرح موٽرن، ريڊين، ٽي وي وغيره هر هڪ ڪم جا جدا جدا -اوزار- ٿيندا آهن.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%88%D8%B2%D8%A7%D8%B1