ڪافي (شاعري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪافي (Kaafi) لوڪ ادب جي پياري شاخ اھي جنهن جو موضوع مجازي عشق جو درد ۽ فراق ھوندو اھي. ڪافي جي گفتگو گھڻو ڪري عورت جي زباني ڪئي ويندي آھي. ڪافي جڏهن پنهنجي ارتقا جون منزلون طئہ ڪيون تہ ان ۾ حُسن ۽ عشق کان علاوه ٻيا بہ ڪيترائي موضوع شامل ٿي ويا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي خيال مطابق”عربن جي حڪومت واري دؤر ۾ يا ان کان پوءِ سنڌ جي شاعرن پنهنجن ڪن مخصوص نظمن لاءِ قافي ۽ ڪلام جا نالا استعمال ڪيا، جي عربي شاعريءَ جي ’قافيتہ‘ ۽ ’ڪلمتہ‘ جي ترجماني هئا. جن جي معنى آهي: ”منظوم ڪلام، اڪثر ماهرن ڪافيءَ کي ٺاٺ سڏيو آهي، جنهن مان ٻيون راڳڻيون نڪتيون آهن. هن سلسلي ۾ منظور نقوي لکي ٿو ” هي راڳ (ڪافي) ”هر پريا ميل“ ٺاٺ مان امير خسرو جي ايجاد آهي، هن جي ڳائڻ جو وقت اڌ رات ۽ ٽاڪ منجهند مقرر ڪيو ويو ۽ راڳداري موجب اَروهي ۽ امروهي جي سڀني سُرن لڳڻ سبب انهي کي ڪافي ڪوٺيائين. ڪافي دراصل سنڌ جي ايجاد آهي، جنهن جي پکيڙ سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ ٿي. پنجابي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪافيون موجود آهن. جڏهن تہ امير خسروءَ (1253-1325ع) واري علائقي ۾ ڪافي موجود ڪانهي. ڪافي سنڌ ۾ ايترو تہ مشهور ٿي جو ان سنڌ کان ٻاهر بہ سفر ڪيو ۽ سنڌ کان ٻاهر ڳائجڻ لڳي. برهانپور ۾ جيڪي سنڌي لڏي ويا هئا. انهن ۾ هڪ بزرگ شيخ لاڏجيو (1523-1598ع) نالي هو. جيڪو اتي سنڌ جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ سنڌي ڪافيون ڳائي ٻُڌائيندو هو، جنهن جو ذڪر ’آئينِ اڪبريءَ‘ ۾ آهي ۽ ڪافيءَ کي سنڌ جو راڳ سڏيو ويو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ڪافي ۾ هڪ، ٻن يا ٽن سٽن جو ھم قافيھ ٿلھھ ھوندو اھي، جنھن کان پوءِ ٽن کان مٿي ان جا بند ھوندا اھن جيڪي پنھنجي جاءِ تي مصرعن جي لحاظ کان ھم قافيہ ھئڻ کانپوءِ وراڻيءَ ۾ ٿلھ جي ھم قافيہ ھوندا اھن. سنڌي شاعريءَ ۾ سچل سرمست ڪافيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر اھي. ان کان سواءِ مصري شاهه، بيدل، صوفي صادق، پکن ڌڻي، منٺار فقير، محمد فقير کٽياڻ، ڇتو فقير سولنگي، خوش خير محمد هيسباڻي، شاھ نصير، عثمان فقير سانگي، رکيل شاهه، خيرل شاھ ۽ ٻيا ڪافي گو اهم شاعر ٿي گذرا آهن. مرزا قليچ بيگ ۽ سانگيءَ بہ ڪجهه ڪافيون چيون آهن. جديد شاعرن ۾ محمود طالب الموليٰ، استاد بخاري ۽ بردي سنڌيءَ ڪافيون لکيون آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.