ائٽم بم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

ائٽم بم هڪ جنگي هٿيار آهي. انهيءَ جي تياري اهڙي اصول تي ٻڌل آهي ته جيڪڏهن ”فشن چين ريئيڪشن“ يعني ”ائٽم جي اُمکڻ جو لاڳيتو ردعمل“ شروع ٿئي ۽ بنا ضابطي جي جاري رهي، ته بي انداز گرميءَ جو مقدار خارج ٿئي ٿو. يورينيم جي مايي جا ٻه سب ڪرٽيڪل (sub critical) مايا خالي ٽيوب جي ٻن ڇيڙن تي رکجن ٿا. جڏهن به بم استعمال ڪرڻو هوندو آهي ته ٻنهي ڇيڙن تي رکيل ماين کي ڪنهن ڌماڪي خيز مايي وسيلي پاڻ ۾ ملائڻ سان ڪِرٽيڪل مايو ٺهي پوي ٿو، جنهنڪري بي ضابطه فشن چين ائڪشن شروع ٿيڻ جي ڪري بم ڦاٽي پوي ٿو. ائٽم بم جي ڦاٽڻ ڪري ايتري ته گرمي پيدا ٿئي ٿي جو انهيءَ سان سڄو هڪ ننڍو شهر تباهه ٿي وڃي ٿو. ائٽم بم يورينيم ۽ پلاٽينيم جهڙن وزني ڌاتن تي مشتمل هوندو آهي، جنهن جي ڦاٽڻ سان تمام وڏو ڌماڪو ٿيندو آهي ۽ ڪيترن ئي ميلن جو علائقو هر شيءِ سميت تباهه ٿي ويندو آهي. هوا ۾ اٿندڙ دونهي سان گهيري ۾ آيل سمورا جاندار مري ويندا آهن ۽ وڻ زهريلا ٿي پوندا آهن. بم ڦاٽڻ ۾ هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت لڳندو آهي.
ائٽم بم آئن اسٽائن ايجاد ڪيو هو. ان جو پهريون تجربو 16 جولاءِ 1945ع تي آمريڪا جي علائقي نيو ميڪسيڪو ۾ ڪيو ويو هو، ۽ ان کان پوءِ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڇهين آگسٽ 1945ع تي جاپان جي شهر هيروشيما تي اڇليو ويو. ان بم جو وزن نو هزار پائونڊ (20,000 ٽن) هو ۽ ان بم جو نالو ”لٽل بواءِ“ هو، جيڪو 600 ميٽرن جي اوچائيءَ تان اڇليو ويو هو، جنهن سان هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو مئا ۽ ايترا زخمي ٿيا هئا. 9 آگسٽ 1945ع تي ٻيو بم به جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ”نئٽ بواءِ“ معنيٰ ”ٿلهي ڇوڪري“ جي نالي سان اڇليو ويو، جنهن ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا هئا. ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ روس، انڊيا، چين، اسرائيل وغيره ائٽم بم ٺاهيا. جڏهن ائٽم بم ٺاهيو ويو، تڏهن آئن اسٽائن جو خيال هو ته ائٽم کي توانائيءَ ۾ منتقل ڪيو ويندو، پر پوءِ ائٽم بم جي ٺاهيندڙ، آئن اسٽائن، ان وقت پڇتايو هو، جڏهن آمريڪا، ائٽم بم هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي استعمال ڪري، هن جي ايجاد کي انسان ذات جي ڀلائيءَ بجاءِ ان لاءِ هاڃيڪاريءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.[1]