ڇانگا مانگا (انگريزي: Changa Manga؛ اردو: چھانگا مانگا) قصور ۽ لاهور ضلعن، پنجاب ۾ پاڪستان جو ھڪ پوک ٿيل ٻيلو آهي جنهن ۾ جهنگلي جيوت جو تحفظ شامل آهي، اهو لاهور کان 80 ڪلوميٽر ڏکڻ-اولهه ۾ واقع آهي. اهو ڪنهن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو انسان بڻيل ٻيلو هو پر هاڻوڪي وقتن ۾ وڏي پيماني تي غيرقانوني طور تي ٻيلن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي.[1]