ٿل ريگستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
{{# if: {سانچو:Government coordinates | }}
Length 305 km (190 mi), N/S

ٿل ريگستان پنجاب پاڪستان جي هڪ ريگستان جو نالو آهي۔ هي سلسلي ڪوهه نمڪ جي ڏکڻ ۾ سنڌو درياهه ۽ جهلم درياهه جي وچ ۾ ميانوالي، بکر، خوشاب جھنگ ليه ۽ مظفر ڳڙهه جي ضلعن ۾ واقع آهي۔ اصل ۾ هي ٿل انهن ڇھن ضلعن ۾ هڪ ڊڪنڊو ٺاهي ٿو ۽ مظفر ڳڙهه وڃي ڪري ختم ٿئي ٿو۔ هن جي شروعات ضلعي خوشاب جي صدرمقام جوهر آباد کان شروع ٿئي ٿي ۽ قائد آباد کان هيٺ وري ضلعي ميانوالي ۾ هرنولي جي ويجهو کان شروع ٿي وڃي ٿو۔ خوشاب کان ميانوالي کي ملائڻ واري ريلوي کان ڏکڻ ۾ سڄو علائقو ٿل ريگستان جو آهي۔ هزارين سال پراڻي تاريخ جو حامل هي علائقو هاڻي ڪٿي سرسبز ٿي رهيو آهي پر هن جي اصل ثقافت زوال پذير ٿي رهي آهي ۽ اڪثر علائقن مان مٽجندي پئي وڃي۔ ھر طرف واري کے جا ڀٽ ۽ دڙا آهن۔ پاڻي ۽ آبادي گهٽ آهي۔ ريگستاني ٻوٽا ۽ جانور ملن ٿا۔ ٻئي درياهن جي هن درمياني علائقي کي سنڌ ساگر دو آب چوندا آهن۔ ٿل جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڏاڍي خوبصورت آهي۔ سنڌو درياهه مان ڪڍيل هڪ نهر ۽ ماڻهن جي شديد محنت ٿل کي آهستي آهستي زرعي علائقي ۾ بدلائي رهي آهي۔ راولپنڊي کان ملتان وڃڻ واري ريل گاڏي ٿل مان ٿي گذري ٿي.