لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(لياقت يونيورسٽي کان چوريل)


لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز
قسم پبلڪ
سرگرم 1947 (1947)
چانسلر سنڌ جو گورنر
وائيس چانسلر بکا رام ديوراڄاڻي
پتو ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان
ڪيمپس اربن
لاڳاپا HEC, PMRC PMDC
ويب سائيٽ www.lumhs.edu.pk

لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز پاڪستان جي پهرين ميڊيڪل يونيويسٽي. ڄامشورو ۾ واقع آهي. هن وقت ڪيترائي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

هيءَ يونيورسٽِي سنڌودرياه جي ساڄي پاسي تي ڄامشورو شهر ڀرسان جابلو علائقي ۾ آهي، هيءَ يونيورسٽِي بندرگاه شهر ڪراچيءَ کان 160 ڪلوميٽر اتر طرف آهي ۽ تاريخي شهر حيدرآباد کان 16 ڪلوميٽر جي پَنڌ تي آهي. جنوري 2001 ۾، لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي " لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز" نالي سان هڪ مڪمل يونيورسٽي ڏانهن اپ گريڊ ڪيو ويو. اڳوڻو لياقت ميڊيڪل ڪاليج  سنڌ يونيورسٽي  سان لاڳاپيل هئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "Liaquat University of Medical & Health Sciences (LUMHS)". lumhs.edu.pk. حاصل ڪيل 2019-05-14.