وڏڦ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

فارسي ٻوليءَ ۾ سؤنفن کي باديان چوندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري پساري يا طبيب ڪم آڻيندا آهن. سنڌيءَ ۾ هن وکر کي سؤنفيا وَڏڦَ چوندا آهن.[1]

سؤنف (نالا: ع. رازيانج، ف. باديان، ھ. وغيره، سؤنف، ولان بزرگ ۽ مارثون) جـَـوَن جي داڻن وانگر مگر سنهڙا، سائي ۽ ڀوري رنگ جا داڻا ذائقي ۾ مٺا تيز ٿيندا آهن.

طب[سنواريو]

خاصيت: بلغمي، صفراوي ۽ سوداوي خلطن لاءِ منضج آهي. هن کي ڪاڙهي پيارڻ سان کنگهه، دمڪشي، دستن، ٻرهل کي فائدو ٿئي ٿو.

سيني جي بلغم کي پچائي تحليل ڪري ٿو. جگر، ٻرهل، گـُـردن ۽ مثاني جي سدن ۽ وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. قولنج، پاسي جي سور، پراڻن ۽ نون تپن لاءِ مفيد آهي، معدي جي بخارن کي دماغ ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿي. هن جي پاڙ حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿي. وائي بادي، هڏين ۽ پاسرين جي سور لاءِ مجرب آهي. کاڌي کي هضم ڪري ٿي، ڇتي ڪتي جي چڪ کان پوءِ ٿيل ڦٽ لاءِ هن جو مرهم فائدي وارو آهي..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. باديانُ : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.