ڌاڻا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڌاڻا هن کي هندستانيءَ ۾ ڌَنيا يا ڪو تمير چوندا آهن. هيءَ ڀاڄي به عام آهي، هتي جي پڙن ۾ ٻين ڀاڄين سان گڏ، سرد موسم ۾ پوکبي آهي. هن جي پن ۾ سرهي خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري ٻيءَ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ وجهي رڌيندا آهن. پن چٽڻيءَ ۾ ڦودني سان گڏ به کپندا آهن. ڌاڻا پڪي کان پوءِ اَن يا ٻج جهليندا آهن، جو سڪائي رکندا آهن ۽ پِيهي ٻئي مصالح سان گڏ ٻوڙ ۾ يا آچار ۾ يا ٻيءَ طرح ڪم آڻيندا آهن .ڌاڻن کي انگريزيءَ ۾ ڪوريانڊر چون ٿا .[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. گزبره، ف. ڪشنيز، هه. وغيره___ دهنيا، فوريون، فاتره ۽ بروغائون. اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ويسر ڪرائي ٿو، ميل: ماکي، عيوض: تخم ڪاهو، وزن: پنجن کان ست ماسا. سڃاڻپ: مشهور ٻج آهي، خوشبودار، گول ڀوري رنگ تي داڻا ٿيندا آهن. خاصيت: معدي، دل ۽ دماغ کي تقويت ڏين ٿا، معدي جا بخار جيڪي دماغ ڏانهن وڃن ٿا، اُنهن کي روڪين ٿا. خفقان ۽ وسواس لاهين ٿا، هاضمي کي طاقت ڏين ٿا، دستن ۽ منيءَ جي وهڻ کي بند ڪن ٿا، ننڊ آڻين ٿا. مٿي جي سور، مٿي جي ڦيري، بواسير جي رت لاءِ فائديمند آهي. هنن جو ڪاڙهو وات جي ڦٽن ۽ ڦرڙين لاءِ مفيد آهي. هن جي گهڻي استعمال سان شهوت گهٽجي ٿي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو