فورٽ عباس
ڏيک
فورٽ عباس
فورٹ عبّاس فولرا فورٽ | |
---|---|
شھر | |
جاگرافي بيهڪ: 29°11′37″N 72°51′16″E / 29.19361°N 72.85444°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | ![]() |
ضلعو | بهاولنگر |
تعلقو | فورٽ عباس |
نالو تبديل ٿيو | 1927 |
فورٽ عباس (Fort Abbas) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي بھاول نگر جي چولستان واري رڻپٽ ۾ ھارون آباد جي ڏکڻ ۾ فقيروالي جي لڳ پاڪستان ۽ انڊيا جي سرحد تي واقع ھڪ شھر ۽ تعلقي فورٽ عباس جو صدر مقام آهي. ھن شھر جو پراڻو نالو "فولڙا" ھيو. سال 1927ع ۾ بھاولپور رياست جي حاڪم نواب صادق محمد خان پنجون ھن شھر جو نالو پنھنجي وڏي پٽ محمد عباس جي نالي تي رکيو اھڙي طرح فورٽ عباس نالو سڏجڻ لڳو.
ھن شھر ۾ رھندڙ آبادي سرائيڪي، پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي آھي جن ۾ جٽ، آرائين ۽ راجپوت ذاتين جا ماڻھو شامل آهن. ھي شھر روڊ رستي بھاول نگر، ھارون آباد، چشتيان، بھاولپور ۽ ساھيوال سان ڳنڍيل آهي. ھتي پھرين ريل بہ ھلندي ھئي پر سال 2002ع ۾ بند ٿي وئي. ھتي زرعي آبادي ھاڪڙا ڪئنال تي ٿيندڙ آھي.