مانسروور ڍنڍ
مانسروور ڍنڍ མ་ཕམ་གཡུ་མཚོ། 瑪旁雍錯 ཚངས་མཚོ | |
---|---|
ماپيم يم ڇو (تبتي) ڦانگ ين ڇو(چيني) ڇو مادروپا (تبتي) | |
![]() مانسروور ڍنڍ، پٺيان ڪئلاش جبل ڏيکاريندي | |
مقام | پرينگ ڪائونٽي، اينگاري پريفيڪچر، تبت خود مختيار علائقو، چين |
سطحي پکيڙ | 320 چورس ڪلوميٽر (120 چورس ميل) |
وڌ کان وڌ اونھائي | 100 ميٽر (330 فوٽ) |
سطح جي بلندي | 4600 ميٽر (15,100 فوٽ) |
ڄميل حصو | اونهاري ۾ برف ٿي ويندي آهي |
آباديون | پرينگ، اينگاري (![]() |
ڍنڍ ماناسرووار (Lake Manasarovar) جنهن کي مقامي طور تي ڇو مادروپا (تبتي:མ་ཕམ་གཡུ་མཚོ།، ماپيم يم ڇو؛ چيني:瑪旁雍錯، ڦانگ ين ڇو) پڻ سڏيو ويندو آهي، چين جي تبت خود مختيار علائقي جي اينگاري صوبي جي پرينگ ڪائونٽي ۾ ڪيلاش جبل جي ويجهو، تازي پاڻي جي هڪ ڍنڍ آهي.[1] اها چين، ڀارت ۽ نيپال جي وچ ۾ اولهه جي تڪوني سنگم جي ويجهو 4,600 ميٽر (15,100 فوٽ) جي اچائي تي واقع آهي. اها گانگ ڇُو (ندي) ذريعي رکشستال جي ڀرسان لوڻ واري پاڻيءَ واري ڍنڍ ۾ وهندي آهي. ننڍي کنڊ جي چار دريائن؛ سنڌو، ستلج، برهم پترا ۽ ڪرنالي جا شروعات هن علائقي جي ويجهو آهن.
هي ڍنڍ هندومت، ٻڌمت، جين مت ۽ بون مذهب ۾ مقدس آهي. هندستان، چين، نيپال ۽ علائقي جي ٻين ملڪن جا ماڻهو هن علائقي جي زيارتن لاء ايندا آهن، جيڪا عام طور تي ڍنڍ مانسروور ڏانهن ٽريڪنگ ۽ ويجهي جبل ڪيلاش جو طواف هوندو آهي.[2][3]
جاگرافي
[سنواريو]ھيءَ ڍنڍ تبت جي صوبي اينگاري (Ngari) ۾ درچن شھر کان ٽيھن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آھي. ھن ڍنڍ جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 4,583 ميٽر آھي، انڪري ھن جو شمار دنيا جي بلند ترين ماڳن تي موجود تازي پاڻيءَ وارين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو.[4] ھن ڍنڍ جي پکيڙ 412 ڇورس ڪلوميٽر آھي. ڏکڻ پاسي جي مقابلي ۾ ھن جو اتريون پاسو وڌيڪ ويڪرو آھي. ھن ڍنڍ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي 70 ميٽر آھي. ھن ڍنڍ جو پاڻي ايترو تہ شفاف آھي جو انساني اک سان ڪئين ميٽرن جي گھرائيءَ تائين ھن جي اندر جھاتي پائي سگھجي ٿي. مانسروور جي معنيٰ آھي اَجيت يعني اھا ڍنڍ جنھن کي ڪو بہ فتح نہ ڪري سگھي. چون ٿا تہ اھو نالو ھن ڍنڍ تي تبت جي ٻڌ مذھب جي پوئلڳن يارھين صدي عيسويءَ ۾ رکيو. ان کان اڳ ھن ڍنڍ جو نالو ماچوئي ڪو (Machui Co) ھو.[5] ھن ڍنڍ جي ڪنارن تي ٻڌ مذھب جون پنج خانقاھون ٺھيل آھن.[5]
مقدس ڍنڍ
[سنواريو]ھيءَ ڍنڍ ھندوئن، جين ڌرم، ٻڌ مت ۽ تبت جي مقامي بون مذھب جي پوئلڳن لاءِ ھڪ انتھائي پوتر ڍنڍ آھي. تبت جي ٻڌ مذھب وارن جو عقيدو آھي تہ ھن ڍنڍ ۾ وھنجڻ سان ماڻھوءَ جو من پاڪ ۽ اجرو ٿي وڃي ٿو ۽ لالچ، لوڀ، دنياوي حرص ۽ نفساني خواھشون اڏامي وڃن ٿيون ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل گناھ ڌوپجي وڃن ٿا. سندن عقيدي مطابق ھن ڍنڍ جو پاڻي پيئڻ سان بيماريون ختم ٿي وڃن ٿيون. ڪجهه ماڻھن جو عقيدو آھي تہ گوتم ٻڌ جي ماءُ، "مايا" ھتي پيٽ سان ٿي ھئي.
ھنديءَ جو مشھور شاعر ڪاليداس لکي ٿو تہ "ھن ڍنڍ جو پاڻي موتيءَ جھڙو شفاف آھي ۽ ھن ۾ وھنجڻ سان سو حياتين جا پاپ معاف ٿي وڃن ٿا. ھر سال ٻڌ مذھب جا ھزارين پانڌيئڙا ھن ڍنڍ جي چوڌاري اچي ڦيريون پائيندا آھن ۽ ھن ڍنڍ جو پاڻي پيئندا آھن. ھو ھن ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ڀاڳ وارو سمجھندا آھن".
ياد رھي تہ تبت ۾ ٽي پوتر ڍنڍون آھنː مانسروور ڍنڍ، نمتسو ڍنڍ (Namtso Lake) ۽ يمدروڪ ڍنڍ (Yamdrok Lake). ھر سال اونھاري جي موسم ۾ ھزارين ڪونجون ھن ڍنڍ جي مٿان اڏامندي نظر اينديون آھن. ھتان جي عقيدي موجب ھن ڍنڍ جي مڇي کائڻ سان سنڍپڻي (اولاد نہ ٿيڻ)، ٻار ڄمڻ وقت ماءُ کي ٿيندڙ سور ۽ ڦوڪ جي بيماريءَ (پيٽ ۾ پاڻي ڀرجڻ يا ڀرتي ٿيڻ) کان بچي سگھجي ٿو. ھن پاڻيءَ جي ڪيميائي تجزئي ڪرڻ سان اھو پتو پيو آھي تہ ھن ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ واقعي ئي ڪجهه اھڙا ڪيميائي جز موجود آھن جيڪي مٿي ڄاڻايل بيمارين کان بچائين ٿا.[4]
ھندوئن جو عقيدو آھي تہ لفظ مانسروور ٻن لفظن ”مان“ ۽ ”سروور“ مان ورتل آھي. مان معنيٰ من يا ذھن ۽ سروور معنيٰ ڍنڍ. سندن سمپردائي مطابق ھيءَ ڍنڍ پھريائين ڀڳوان برھما جي من اندر پيدا ٿي ۽ ان کان پوءِ ھن کي پرٿوِيءَ تي لاٿو ويو. ھندو پنجن ڍنڍن کي پوتر ڍنڍون مڃيندا آھن جن کي ملائي ”پنج سروور“ سڏيو وڃي ٿو: مانسروور، بندو سروور، نارائڻ سروور، پمپا سروور ۽ پشڪر سروور.[6]
جين ڌرم وارن جي عقيدي مطابق مانسرور ڀڳوان ريشاڀ ديو جي پھرئين تيرٿنڪار جي رھائش جو ھنڌ آھي.
گيلري
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]مانسروور ڍنڍ
Mapham Yumco | |
![]() | |
ملڪ
|
چین
|
اوچائي | 4583 ميٽر |
ڪوآرڊينيٽ= | |
علائقو | تبت |
پکيڙ | 410 چورس ڪلوميٽر |
مانسروور يا ماناسرور ڍنڍ (انگريزي: Manasarovar Lake) تبت جي ھڪ مشھور ڍنڍ جيڪا لهاسا شھر کان اٽڪل 2,000 ڪلوميٽر (1242.7 ميل) پري واقع آھي. ڪيلاش جبل ھن جي اتر۔اولھ ۾ 20 ڪلوميٽر جي پنڌ تي موجود آھي، جڏھن تہ راڪشستال ڍنڍ ھن جي اولھ ۾ موجود آھي. ھيءَ ڍنڍ ننڍي کنڊ جي معيشيت ۽ خوشحاليءَ جو ھڪ انمول قدرتي ذريعو آھي ڇاڪاڻ جو ننڍي کنڊ جون چار وڏيون نديون سنڌو ندي، برھمپترا، ستلج ۽ گهاگهرا (ڪرنالي) ندي ھن ئي ڍنڍ مان ڦٽي نڪرن ٿيون ۽ سنڌ سميت ننڍي کنڊ جي ميداني علائقن کي سيراب ڪن ٿيون. ڪيلاش جبل جي گليشئرن مان ھن ڍنڍ ۾ پاڻي اچي ٿو.[7]
سنسڪرت ۾ ھن ڍنڍ کي "اناواتاپتا" ۽ پالي ٻوليءَ ۾ "انوتاتا" ڪوٺيو وڃي ٿو. مقامي تبت جا ماڻھو ھن کي ماڦم يمسو (Mapham Yumtso) سڏين ٿا.[8]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Geographical names of Tibet AR (China): Ngari prefecture". KNAB Place Name Database. Institute of the Estonian Language. وقت 10 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 August 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ McKay, Alex (2013). Pilgrimage in Tibet. Routledge. p. 26. ISBN 978-1-13680-709-1. https://books.google.com/books?id=pUVdAgAAQBAJ&dq=%22ma+dros+pa%22&pg=PA26. Retrieved 28 August 2022.
- ↑ "Geographical names of Tibet AR (China): Ngari prefecture". KNAB Place Name Database. Institute of the Estonian Language. وقت 10 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 August 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 4.0 4.1 "Lake Manasarovar". Tibet Travel and Tours - Tibet Vista. حاصل ڪيل 2022-04-03.
- ↑ 5.0 5.1 Holidays, Max. "Kailash Mansarovar Yatra ex Lucknow | 2022 Registration Open". kailash-yatra.org. حاصل ڪيل 2022-04-03.
- ↑ Sajnani, Manohar (2001) (en ۾). Encyclopaedia of Tourism Resources in India. Gyan Publishing House. ISBN 978-81-7835-018-9. https://books.google.co.in/books?id=nxtnsT8CdZ4C&pg=PA112&dq=narayan+sarovar&hl=en&ei=jZa1TbzPDsrKrAe0j-3IDQ&sa=X&oi=book_result&ct=result&redir_esc=y.
- ↑ "Lake Manasarovar: the Sacred Lake in Western Tibet%%sep%% %%sitename%%". Wonders of Tibet. حاصل ڪيل 2022-04-03.
- ↑ "Lake Manasarovar: the Sacred Lake in Western Tibet%%sep%% %%sitename%%". Wonders of Tibet. حاصل ڪيل 2022-04-03.