راء جي سنڌ تي حڪومت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نالو راء گهراڻي جي سنڌ تي حڪومت
گادي جو هنڌ الور (اڙور)
حڪومتي نظام موروثي شهنشاهي
شروعات 495ع
ختم 632ع
بنياد وجهندڙ راء ديوانج
آخري حڪمران راء سيهرس ٻيو
مذهب ٻڌمت (سرڪاري)
هندومت  ۽ جين مت (عوامي)
ٻولي سنڌي ، هنڌي


اسلام کان اڳ سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ وارا راجا پاڻ کي راء جي نالي سان سڏرائيندا هئا ۔ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هجرت کان اڳ سنڌ ۾ راء گهراڻي جي حڪومت هئي ، جيڪا تقريبا ڏيڍ سو سال قائم رهي۔

تاريخ[سنواريو]

راء خاندان جو پهريون راجا راء ديوانج هيو۔ پر جنهن وقت پاڻ ڪريم صلي الله واليه وسلم جن جڏهن مڪي کان مديني هجرت ڪئي ت ان وقت سنڌ ۾ راء سيهرس ٻئي جي حڪومت هئي ۔ ۽ ان وقت سنڌ جي گادي جو هنڌ الور (اڙور) شهر هو ۔ تاريخدانن مطانق هن شهر ۾ عاليشان ماڙيون ، باغ ، باغيچا ، آباد زمينون ۽ وڻ ٽڻ ھئا ۔ جنهن سان شهر پر رونق هو ۔ راجا سيهرس وڏو ناڻي وارو ۽۽ نيڪ انسان هو ، سندس سخاوت ۽ انصاف انسان پروري ڪري رعيت ڏاڍي رغبت ۽ محبت رکندي هيس۔

حڪمران[سنواريو]

راء ديوائج

راء سيهرس

راء ساهسي

راء سيهرس

راء ساهسي ٻيو

راسيهرس ٻيو

ملڪي صوبا[سنواريو]

راجاسيهرس پنهنجي دور ۾ سنڌ ملڪ کي چئن صوبن ۾ ورهايو هو۔

برهمڻ آباد : ان صوبي ۾ نيرون ڪوٽ ، ديبل ، لوهاڻا ، لاک ۽ سما ضلعا شامل ھئا۔

سيوستان : جنهن ۾ ٻوڌيا (ٻوڌپور) جنڪان (جمنڪان) ، رونجهان ( روجيان) ، ۽ پايا جبل کان وٺي مڪران جي سرحد تائين وارو علائقو شامل هو

3. اسڪلنده ، ڀاٽيا ، تلواڙو ، چچپور ، ۽ ديوهپور ، جي ڪجهه زمين شامل هئي۔

ملتان ، ملتان جي ماتحت سڪا، برهمپور ، ڪرور ، اشهار ۽ تاڪيا کان وٺي ڪشمير جي حد تائين جا علائقا هئا ۔ ۽ صوبي جي سرحد ڪشمير سان وڃي ملندي هئي۔


مٿين صوبن جا الڳ الڳ گونر مقرر هئا ۔ جيڪي صوبي جو انتظام هلائيندا هئا ۔ ۽ راجا طرفان انهن کي ملڪ حفاظت ۽ عوام جي ڀلائي لاء خاص هدايتون ڏنل هونديون هيون ۔ راجا پاڻ الور ۾ رهندو هو ۽ ڪردارن ، ڪيڪانان ، ۽ برهاس شهر سندس نگراني هيٺ هو ۔

زوال جو سبب[سنواريو]

راء دور ۾ سنڌي ادب[سنواريو]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]