پائي وائي پائي وزو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


پائي وائي پائي وزو
مصنفمرزا قليچ بيگ
اصل عنوانپائي وائي پائي وزو
ملڪسنڌ, پاڪستان
ٻوليسنڌي
موضوعسنڌي ادب
ڪھاڻي
ڏند ڪٿا
صنفادب


پائي وائي ۽ پائي وزو(انگريزي: Paiee Waiee aim Paiee Wizoo) مرزا قليچ بيگ جو ڏندڪٿائي ڪھاڻين تي لکيل ھڪ ڪتاب آھي.ڊاءٽر تھمينہ مفتي ھن ڪتاب جي اڀياس تي ھڪ مضمون ۾ لکي ٿي تہ: هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڇهه آکاڻيون ڏنل آهن، جن مان ٽن جو تعلق يوناني ڏندڪٿا (Greek Mythology) سان آهي ۽ ٻن جو تعلق انگريزي ادب (Fairy-tale) سان آهي. پهرئين ڪهاڻي ”پائي وائي ۽ پائي وزو“ جو واسطو ننڍي کنڊ جي ڏند ڪٿا سان آهي. هي هڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ قصو آهي. هن ۾ عشقيه پهلو نمايان طرح سان ناهي. ’پائي وائي‘ هڪ ننڍڙو نفيس سُڀاءُ وارو نينگر ۽ ’پائي وزو‘ نالي هڪ پکي جو ڪردار آهي، جو ’پائي وائي‘ لاءِ وڏي حادثي جو ڪارڻ ٿئي ٿو. هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڏاڍو پيار آهي، پر موسمن جي مٽجڻ سان پکي جي اڏار ۽ ڪيفيتن کي ننڍو پائي وائي سمجهي نٿو سگهي. پنهنجي روزانه معمول موجب هو ٻيلي ۾ پائي وزو سان راند ڪندو ۽ اڳيان اُڏار ڪندڙ پکي سان هلندو رهي ٿو. جڏهن پائي وزو کي پنهنجن ساٿي پکيئڙين جو ولر ملي ٿو، ته هو پنهنجي دوست پائي وائي کي اڪيلو گهاٽي ٻيلي ۾ ڇڏي وڃي ٿو. ننڍڙو پائي وئي رستو ڀُلجي وڃي ٿو ۽ باندرن جي ٽولي کي هٿ اچي ٿو. باندر کيس پالي وڏو ڪن ٿا. هن قصي جو ٻيو حصو پائي وائيءَ جو بادشاهه جي محل تائين پهچڻ ۽ پوءِ سندس ذهانت ۽ فرمانبرداريءَ کان هر ڪنهن جو متاثر ٿيڻ آهي. راڻي مٿس مهربان ٿئي ٿي. پائي وائيءَ کي پنهنجي حاضري ۾ هڪ خاص خادم جي حيثيت ۾ رکي ٿي. نيٺ ماحول جي تبديليءَ ۽ توجهه سان هُو انساني قدرن ۽ سڀاءُ کي سمجهي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته هو انسان آهي. باندر نه. هندستان جو بادشاهه اعلان ڪري ٿو ته جيڪو بنگال جي شينهن سان مقابلو ڪري اُن کي ماري وجهندو ۽ مقابلو کٽندو، اُهو منهنجي ڌيءَ سان لانئون لهندو. خوفناڪ درندن جي انسانن سان خوني ويڙهه ماضي جي ظالمانه روايتن جي ياد ڏياري ٿي. ابتدا ۾ غلامن جي ويڙهه طاقتور سان ۽ خوفناڪ درندن سان ڪرائي حاڪم خوش ٿيندا هئا. اُن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪمزور کي جيئڻ جو حق به حاصل نه هو. وقت گذرڻ سان، پنهنجين حڪومتن کي قائم رکڻ لاءِ هو شهزادين ۽ راڻين لاءِ طاقتور ۽ جنگجو ور حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا مقابلا ڪرائيندا هئا. اهڙن قصن ۾ تجسس ۽ خوف وارو پهلو نمايان هوندو آهي، جنهن جا مثال ڊاڪٽر تھمينہ مفتي هيٺين طرح ڏنا آهن.[1]

تجسس ۽ منظر نگاري جو مثال[سنواريو]

”ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا. ڏاڍي فڪر ۽ انتظار ۾ بيهي نهارڻ لڳا. ويهه ڀيرا شينهن ۽ پائي وائي هڪ ٻئي تي سانباها ۽ وار ڪيا، پر اڃا تائين ڪنهن به هڪڙي ٻئي کي نه ضربيو. نيٺ پائي وزو کي چڱو وجهه مليو. اوچتو ٽپ ڏيئي شينهن تي چڙهي ويٺو. کٻي هٿ سان ڪنڌ جي وارن مان کڻي ورتائينس ۽ سڄي هٿ سان خنجر ڪڍي هن جي ڪلهن جي وچان ڳن تائين لنگهائي ڏنائين. شينهن ڪاوڙ ۾ سور کان قهر جون گوڙيون ڪرڻ لڳو. ڏاڍي ڇوهه مان دشمن کي پٺن تي کڻي، ميدان تي ٽپي، نيٺ ڦڙهه تي ڪري پيو ۽ مري ويو.“[2]


احساسن جي اظهار جو مثال[سنواريو]

”گنگا ندي، جنهن کي ڏسي هن جي دل ٽپا ڏيڻ لڳي، اُتي هن کي پنهنجا ننڍي هوندي جا وٿاڻ، اُهي ساڳيون گاهن جون وِيون ۽ انبن جا گهاٽا وڻ ۽ گهاٽ ڏسڻ ۾ آيا. ڀانيائين ته خواب ٿو لهان. هلندو هلندو هڪي ڀنگيءَ وٽ آيو، جنهن جي اڳيان هڪڙو باغيچو هو. اڃا انهيءَ ڀنگيءَ جي در وٽ آيو ته اُتي اکين مان ڳوڙها ڪِري پيس.“ هن قصي ۾ سونهن ۽ فطرت جي ويجهو ٿيڻ جو اُتساهه ملي ٿو ۽ احساس پڻ جاڳي ٿو.[3]


سونهن ۽ فطرت نگاري جو مثال[سنواريو]

آکاڻي، داستان، قصي، ناول، ڊراما ۽ ڪهاڻي ۾ مٿين عنصرن جو هجڻ لازم آهي، نه ته تخليقي عمل ٻُسو ۽ بي جان ٿي پوندو. ”گهر کان وٺي ندي تائين گاهه جي ساوڪ لڳي پيئي هوندي هئي. اُن جي وچ ڌاري تمام جهونن انبن جي وڻن جو جهرمٽ بيٺل هو، جنهن جي هيٺان آرڙهه جي ڏينهن ۾ مزي جهڙي ٿڌي ڇانور رهندي هئي.“ هن قصي ۾ گنگا ندي، گهاٽن ٻيلن، سهڻن پکين، مشهور شهرن، بنگال ڪلڪتي جو ذڪر ملي ٿو. اصلوڪي سنڌي ٻوليءَ جو هڳاءُ ۽ بيان جو انداز مرزا صاحب جي تخليقي حسن ۽ ادبي دسترس کي ظاهر ڪري ٿو. ’سوني سامونڊي پري‘، ’جنڙن جي ٽوپي‘ تصوراتي آهن. جادوءَ جا ڪرشما، جن، سونو گهوڙو، حيرت انگيز واقعن، جيئن بگهڙ مان انساني روپ وٺڻ وري مختلف روپ ڌاريندي ٻيڙي ٿي پوڻ وغيره قصي ۾ نهايت دلچسپي پيدا ڪن ٿا.[4]


پنڊورا ۽ عجيب پيتي[سنواريو]

دنيا جي ادب ۾ ’ڏند ڪٿا‘ جي اهميت ان ڪري آهي، جو اُن ۾ انساني جذبن ۽ امنگن، اُڌمن ۽ آسن ۽ انيڪ نفسياتي نڪتن جي اپٽار ملي ٿي. هن ڪٿا ۾ پنڊورا اُها عجيب پيتي کولي ٿي ۽ دنيا ۾ مصيبت ۽ ڏک پيدا ٿئي ٿو. هن ۾ ڪردارن جا نالا ۽ ماحول اُهوئي يعني اصلوڪو آهي.[5]

بادشاهه ميڊاز[سنواريو]

هن ڏند ڪٿا کي يوناني ۽ رومن ادب ۾ ڪلاسڪ جي حيثيت حاصل آهي، جا بنيادي طرح يونان سان واسطو رکي ٿي. هن جو موضوع لالچ ۽ حرص آهي، خاص طرح سان سون سان پيار رکندڙ هڪ بادشاهه جي ڪهاڻي آهي، جا مرزا صاحب اُلٿو ڪئي آهي. ڪردارن ۾ سون ٻائي ميڊاز جي ڌي آهي. سون اِهڙي شيءِ ناهي، جنهن سان انسان جون سڀ گهرجون پوريون ٿي سگهن. مٿيون مرڪزي خيال هن ڪهاڻيءَ ۾ سمايل آهي.[6]


کنڀن وارو گهوڙو پيگاسس[سنواريو]

هيءَ ڏند ڪٿا به عجيب واقعن ۽ مهم جوئيءَ تي ٻڌل آهي. پيگاسس هڪ اهڙو خيالي گهوڙو آهي، جنهن جو تعلق يوناني ميٿالاجيءَ سان آهي، جو حيرت انگيز ڪم ڪري ٿو. هن گهوڙي کي بي مثال طاقت ۽ پَرَ آهن ۽ هو اُڏامي سگهي ٿو. هن قصي ۾ هيرو بيليرافن پيگاسس جي مدد سان گهنين سِسين وايرءَ بلا سان مقابلو ڪري ٿو ۽ اُن جو خاتمو آڻي ٿو. هن ترجمي ۾ اصلوڪي ماحول ۽ ڪردارن کي رکيو ويو آهي. هن کي پڙهي يوناني ڪٿا جي تصوراتي پهلوءَ مان لطف اندوز ٿي سگهجي ٿو.يورپ وارن ته اُنهن آڳاٽن تصورن کي زنده رکيو آهي، جو مٿن ڪيتريون ئي فلمون ٺاهيون آهن. اوائلي انسان جي ادراڪ، شعور ۽ اوسر جي جهلڪ ننڍو توڙي وڏو ڏسي سگهي ٿو[7].


حوالا[سنواريو]

  1. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  2. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  3. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  4. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  5. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  6. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  7. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}