مواد ڏانھن هلو

پئٿاگورس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فيثاغورث

روم جي ڪيپيٽولائين عجائب گھر ۾ ساموس جي فيثا غورث جو مجسمو[1]
پيدائش ت. 570 BC
ساموس
وفات ت. 495 BC (aged around 75)
يا تہ ڪروٽن يا وري ميٽاپونٽم
عهد قديم يوناني فلسفو
علائقو مغربي فلسفو
مڪتبه فڪر پئٿاگورينزم
شعبه عمل
اهم نظريا

Attributed ideas:

پئٿاگورس (Pythagoras) سنڌي ٻوليءَ ۾ فيثاغورث ڇهين صدي (570 -495 ق. م) اولھ ايشيا مائنر يعني موجوده ترڪيءَ جي يوٽيا علائقي جي ساموس شهر ۾ جنم ورتو. سندس زندگيءَ جي مختلف پاسن جي باري ۾ جيڪي روايتون ۽ اڌوگابريون خبرون ملن ٿيون، سي سندس شخصيت کي طلسماتي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.[2]

ھي يوناني رياضيدان پنھنجو ماڳ ڇڏي ڏکڻ اٽليءَ ۾ ڪروٽون آيو جتي ھن ھڪ فلسفيانہ ۽ مذھبي تنظيم قائم ڪئي جنھن کي پئٿاگورين يا فيثاگورين سڏيو ويندو هو. ان تنظيم جي اندروني حلقي وارا رڪن رياضيدان سڏبا ھئا.[3]

خيال

[سنواريو]

هن بابت اڪثر لکتون سندس وفات کان گهڻو پوءِ جون آهن، ان ڪري انهن کي تصديق جي ضرورت آهي. چون ٿا تہ هن ڪافي وقت سياحت بہ ڪئي، هندستان بہ آيو هو. هن جي مذهبي ريتن ۽ ڪمن جي سندس عقيدتمند پابنديءَ سان پوئواري ڪندا رهيا. ماڻهو Croton جي سياست ۾ وڏو حصو وٺڻ لڳا، جنهنڪري اها ڳالھ سندن زوال جو ڪارڻ ٿي. سندن اجتماعن واريون جايون ساڙيون ويون. پئٿاگورس کي شهر بدر ڪيو ويو ، ۽ سندس موت Metapontum ۾ ٿيو. ڪجهه ڳالهيون جيڪي هن سان منسوب آهن، سي سندس پوئلڳن Pythagoreans سان واسطو رکن ٿيون. چون ٿا تہ هي پهريون شخص هو ، جنهن پاڻ کي Philosopher سڏايو. هن جي خيالن جو افلاطون تي وڏو اثر ٿيو، هن جي جماعت Pythagorean brotherhood سندس خيالن جو ڦهلاءُ ڪيو، پر سندن ديوتائپ ۽ الوهيت وارن خيالن بابت خاموش رهيا. مثال طور: اپالو سندس پيءُ هو يا هن ۾ نور چمڪندو هو، هن جي سٿر سونهري هئي، هن کي هڪ ئي وقت ڪيترن هنڌن تي ڏٺو ويندو هو وغيره. چون ٿا تہ سقراط سندس ڪارنامن تي الڳ ڪتاب لکيو هو پر اهو هن وقت ڪو نہ ٿو ملي. سڀني شڪن شبهن جي باوجود بہ جيڪو ڪجهه مڃڻ جو ڳو آهي، سو بہ تمام گهڻو آهي. پڻس جو نالو Mnesarchus هو، جيڪو جوهري هو، جو پٿرن وغيره تي نقشگري ڪندو هو. سندس والده جو نالو Pythias هو. پئٿاگورين Aristoxenus موجب هن جو جنم 570 ق. م ڌاري Polycrates علائقي ۾ ٿيو. چيو وڃي ٿو تہ هي جاميٽري ۽ ٻيا علم مصرين کان سکيو. هن جي فلسفي، تعليم ۽ ريتن رسمن جو اثر گهڻو تڻو يونان تي ٿيو ۽ هو پاڻ بہ يوناني ماحول ۽ رواجن جي پيداوار هو.[2] فيثاغورث جو نظريو ھيو تہ سمورين شين جي تعلق کي عددن تائين محدود ھجڻ کپي. سندس گروپ انھن تعلقاتن جي دريافت ۾ مصروف ھوندو ھو.[3]

هن جي موسيقي، فلڪيات، طب (Medicine)، رياضيءَ جي نظرين کان وڌيڪ عقيدي ۽ مذهبي خيالن جو سندس پوين تي وڌيڪ اثر ٿيو.

اولاد ۽ وفات

[سنواريو]

هڪ وقت سندس برادري ۾ سندس پروگرام جي مخالفت چوٽ تي هئي. سندس مذهبي عقيدا، سندس پويان ڪافي عرصي تائين جاري رکندا آيا. سندس وفات بابت ڪن جو چوڻ آهي تہ هڪ مندر ۾ کيس ساٿين سميت باھ ڏئي ساڙيو ويو. ٻين جو چوڻ آهي تہ اول هو Tarentum ڏانهن ڀڳو. جتان کيس تڙيو ويو. ان بعد Metapontum ڏانهن ڀڄي ويو، جتي پاڻ کي بک ڏئي انت آندائين. جتي هن جو مقبرو بہ آهي. چون ٿا تہ هن ڪروٽان جي Theano نالي عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس Telauges نالي پٽ ۽ Damo ۽ Myia نالي ٻہ ڌيئون بہ ڄايون. سندس نالو ٻن لفظن جو مرڪب آهي. Pyth= Oracle، Agor= Truth، جنهن جو مطلب لڳ ڀڳ الهامي سچ جهڙو ٿئي ٿو. موسيقي، طب، مذهب (ڪي عقيدا)، تناسخ ارواح، گوشت خوريءَ کان منع، ڪسرت، فلڪيات ۽ مسٽيسزم تي هن جو ڪم هن جي مشهوريءَ جو سبب بڻيو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Joost Gaugier 2006143.
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011ع.
  3. 3.0 3.1 ڪتاب: سائنس اور سائنسدان؛ ليکڪ: ايڊم ھارٽ، ڊيوس جان فرينڊن٬ ڊين گرين؛ ايڊيشن: 2018ع؛ تخليقات پبلشرز، لاھور