ٻڌيا پرڳڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻُڌيا پرڳڻو (انگريزي: Buddhist's Region) سنڌ جو علائقو هو جنهن ۾ گوتم ٻڌ جي ٻڌمت جو تمام گهڻو اثر رهيو. هن پرڳڻي جو ذڪر چچ نامو ۾ ڪيل آهي. سنڌ جو هيءُ علائقو سيوهڻ جي اترئين ٽاڪرو علائقي کان جيڪب آباد ۽ گنداوا کان اڳتي سبي تائين ميداني ۽ جابلو علائقو ٻُڌيا پرڳڻي ۾ اچي ويو ٿي. هن علائقي ۾ ٻڌ ڌرم جا ڪيترائي آثار مليا آهن. ٻُڌمت سنڌ ۾ اشوڪا يا آسوڪا (268 ق.م کان 232 ق.م) جي دور ۾ پکڙيو. سندس دور ۾ ٻُڌ ڀڪشوئن جون ڪانفرنسون به ٿيون جن ۾ سنڌ جا ڀڪشو به شريڪ ٿيندا هئا. سنڌ ۾ هن پرڳڻي[1] ۾ جيڪي ٻوڌي حڪمران هئا سي شمني سڏبا هئا. نئيگ کان گورانڊي ۽ گورانڊي کان گنداوا، ڪڇي تائين ٻوڌ مت جا ٺلھ موجود آهن جيڪي سنڌ جي هن علائقي ۾ ٻُڌ ڌرم جا يادگار آهن. مهين جي دڙي تي موجود ٻُڌمت جي ٺلھ جي تلاش ۽ ٻُڌمت جي آثارن لاءِ ڪيل کوٽائي جي نتيجي ۾ عظيم سنڌُو تهذيب نروار ٿي. دادو، لاڙڪاڻو، قنبر شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد ۾ موجود يا ميسارجي ويل ٺلھ ٻُڌيا پرڳڻي ۾ ٻوڌين جي حڪمراني کي ڀه ظاهر ڪن ٿا ته انهي علائقي ۾ ڪوٽ ۽ قلعا به انهن جا ياد گار آهن جن کي مورخن پنهنجي مرضي سان پونين حڪمرانن سان منسوب ڪري ڇڏيا جن جي پيٽ ۾ ايتري دال به نه هئي. پونيا حڪمران شاندار مقبرا جوڙڻ جا ماهر هئا. سنڌ جي مورخن قلعا ٻين حڪمرانن جي کاتن ۾ شامل ڪيا ته ٺلھن کي واچ ٽاور چئي انگريزن جو کاتو کوليو. لڪير جا فقير انهن کي سنڌ سمجهي اڄ تائين ورجائيندي اچڻ ٿا. حقيقت تي غور ڪرڻ يا سنجيدگي سان سوچڻ بجاءِ راڳ گهرڻن وانگر تاريخ اهو غلط ورجاءُ تاريخ جي شاگردن ۽ نسلن ڏانهن منتقل ڪندا رهن ٿا. دادو کان جيڪب آباد تائين سوين ٺلھ آهن تاريخي طور سومرن جي دور تائين ٻُڌ ڌرم سنڌ ۾ رهيو.[2][3]

حوالا[سنواريو]

  1. "پرڳڻو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-27. 
  2. "ٻڌيا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-27. 
  3. "ٺلهه لالو رانئڪ.....عزيز ڪنگراڻي" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-27.