مواد ڏانھن هلو

يورپي برادري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يورپي برادري یا يورپين ڪميونٽي (European Community - EC) اصل ۾ 1958ع ۾ قائم ٿي هئي. هيءَ تنظيم علائقائي سطح تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٻين واپاري رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙي وئي، جڏهن تہ ٻين ملڪن ۾ ٻاهريان ٽيرف لاڳو ڪري ٻيا لاڳاپيل اپاءُ وٺڻ بہ شامل ڪيا ويا، جنهن ۾ زراعتي پاليسيءَ ۽ سرمائي کي يورپ جي آزاد ملڪن جو تحفظ حاصل آهي. تنظيم جا بنيادي ميمبر بيلجيم، فرانس، اولھہ جرمني، اٽلي، لڪسمبرگ ۽ هالينڊ هئا، جڏهن ته ڊينمارڪ، آئرلينڊ ۽ برطانيا 1973ع ۾ ميمبر ٿيا. يونان 1981ع ۾ اسپين ۽ پورچوگال 1986ع ۾ ميمبر ٿيا. يورپي برادري جو اصطلاح ٽن مختلف تنظيمن ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جيڪي مختلف معاهدن تحت ڪم ڪن ٿيون. انهن ٽن تنظيمن يعني "يورپين ڪول ۽ اسٽيل ڪميونٽي" (1952ع)، "يورپين اٽامڪ انرجي ڪميونٽي" (1958ع)، "يورپين اڪنامڪ ڪميونٽي" (1958ع) جي ٺهڻ کانپوءِ 1967ع کان يورپين يونين چئن عوامي پارلياماني ادارن ۾ خدمتون ڏئي رهي آهي، جن ۾ يورپين ڪميونٽي ڪميشن، يورپين ڪميونٽي ڪائونسل، يورپين پارليامينٽ ۽ ڪورٽ آف جسٽس آف يورپين ڪميونٽي شامل آهن.[1][2]

حوالا

[سنواريو]

[[