ياسمين گوناريٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ياسمين گورناريٽ Yasmine Gooneratne
پيدائش سال 1935
ڪولمبو, سري لنڪا
ڌنڌو يونيورسٽي پروفيسر، ادبي نقاد، ايڊيٽر، شاعر، مضمون نگار، مختصر ڪهاڻي ليکڪا، تعليمدان
قوميت سري لنڪن

ياسمين گوناريٽ (انگريزي ٻولي: Yasmine Gooneratne) (جنم:1935) سري لنڪا جي رهواسڻ شاعر آهي. هيءَ شاعري کانسواءِ افسانانگار، مضمون نگار ۽ هڪ يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي. سندس شهرت ديس جي محبت سبب ۽ ادب ۾ ان کي موضوع بڻائڻ آهي. هيءَ آسٽريليا ۾ رهندي آهي.[1][2][3][4] یاسمين چند مشهور يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪئي، جهڙوڪ سيلون يونيورسٽي ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي وغيرہ۔ هيءَ سڊني، نيو سائوٿ ويلز ۾ موجود ماڪواري يونيورسٽي ۾ شعبو انگريزي ۾ پرسنل چيئر جو عهدو رکي ٿي، جتي سندس ذاتي ڪرسي موجود آهي.[5][6]

زندگي جو اَحوال[سنواريو]

ياسمين جي شادي سري لنڪا جي ماهر فيزيات بريندن گورناريٽ سان 1982 ۾ ٿي هُئي. کين ٻہ ٻارڙا آهن.

ٻولي ۽ ادب ۾ پنهنجي شاندار خدمت جي عيوض حڪومت آسٽريليا کيس 1990 ۾ آرڊر آف آسٽريليا جي آفيسر مقرر ڪيو.[7] هيءَ پهرئين سري لنڪن آهي، جنهن کي اهو اعزاز مليو آهي. کيس ڪيمبرج يونيورسٽيءَ 1962 ۾ انگريزي ادب ۾ علاما فلسفو جي ڊگري سان نوايو،[8][9]

سري لنڪا جي سنڊي ٽائمز سندس بابت لکيو آهي تہ: جڏهن ياسمين جي زندگي ۾ سرسوتي جو ظهور ٿيو تہ هن تارا جو روپ ڌاريو. جڏهن سمود انڊنا فائونڊيشن 2002 ۾ راجا رائو اعزاز جي لاءِ ياسمين کي نامزد ڪيو تہ ڄڻ هي ان جو هڪ خوبصورت تحفو هيو. اهو بين الاقوامي اعزاز انهن ليکڪن ۽ اسڪالرز کي ملندو آهي جيڪي ٻاهر رهندڙ ايشيائي ادب ۾ سُٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن. ياسمين کي اهو اعزاز ملڻ ان ڳاله جي پڪ آهي، جڏهن تہ هن ڪجهہ تعجب جو اظهار ڪيو هيو. “مون اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو هيو تہ ڪا ڀارتي تنظيم مونکي ڪنهن اعزاز سان نوازيندي“۔ هن هڪ ڀيري ايئن چيو هيو.[10]

ادبي سفر[سنواريو]

ياسمين سري لنڪا جي نامياري انگريزي اديبائن ۾ شامل آهي.

سندس هڪ شاهڪار نظم “بگ ميچ 1983“ آهي، جنهن ۾ هن سري لنڪا ۾ ڪاري جولاءِ جي المناڪ واقعو کي قلمبند ڪيو آهي. اهو نظم 1983 ۾ ٿيندڙ حالتن کي بيان ڪري ٿو.[11] هن حب وطن ۽ ادبي تنقيد تي تقريباً 16 ڪتاب لکيا آهن. سندس پهريون ناول 1991 ۾ ڇپيو هيو، جنهن لاءِ کيس مورجائي بارنرڊ لٽريسي اعزاز مليو هيو. 2008 ۾ کيس انٽرنيشنل ڊبلن لٽريري ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو هيو.

حوالا[سنواريو]

  1. "Gooneratne, Yasmine – Postcolonial Studies". scholarblogs.emory.edu. حاصل ڪيل 2017-11-02. 
  2. "Yasmine Gooneratne". www.litencyc.com. حاصل ڪيل 2017-11-02. 
  3. Bramston, Dorothy J. (1994) (en ۾). A Literary Biography of Yasmine Gooneratne as a Cross-cultural Writer in Australia. https://books.google.com/books/about/A_Literary_Biography_of_Yasmine_Goonerat.html?id=0rPLoQEACAAJ&redir_esc=y. 
  4. "Yasmine Gooneratne Books – Biography and List of Works – Author of 'Relative Merits'". www.biblio.com. حاصل ڪيل 2017-11-02. 
  5. "Papers of Yasmine Gooneratne". www.nla.gov.au. حاصل ڪيل 2017-11-02. 
  6. Austlit. "Yasmine Gooneratne: (author/organisation) | AustLit: Discover Australian Stories". www.austlit.edu.au. حاصل ڪيل 2017-11-02. 
  7. "Gooneratne, Malini Yasmine: Officer of the Order of Australia". Department of the Prime Minister and Cabinet. حاصل ڪيل 2017-11-03. 
  8. "Professor Yasmine Gooneratne – Macquarie University". www.mq.edu.au. حاصل ڪيل 2017-11-02. 
  9. "Yasmine Gooneratne | The Modern Novel". www.themodernnovel.org. حاصل ڪيل 2017-11-02. 
  10. Daniel, Smriti. "Writing under the gaze of her Saraswati". دي سنڊي ٽائمز (سري لنڪا). 
  11. "nation.lk ::: - A Big Match referRed unfairly". www.nation.lk. حاصل ڪيل 2017-11-02.