نيو سائوٿ ويلز

نيو سائوٿ ويلز (انگريزي: New South Wales) مختصرن NSW آسٽريليا جي ھڪ اھم رياست جو نالو آهي جيڪا سن جي اوڀرندي سامونڊي ڪناري تي واقع آهي. ان جي اتر ۾ ڪئينس لينڊ، ڏکڻ ۾ وڪٽوريا، اولھ ۾ سائوٿ آسٽريليا واقع آهن. اوڀر ۾ ان جو ساحلي ڪنارو ڪورل سمنڊ ۽ تسمان سمنڊ سان لڳي ٿو. آسٽريلين ڪيپيٽل ٽيريٽري ھن رياست جي اندر ھڪ اينڪليو آھي. نيو سائوٿ ويلز رياست جي گادي جو ھنڌ سڊني آھي جيڪو رياست جو پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو شھر آھي. 1919ع ۾ جن رياست جي آبادي 80 لکن کان وڌيڪَ ھئي[1] ۽ اھا آبادي ۾ آسٽريليا جي سڀ کان وڏي رياست ھئي. ان آبادي جو ٻہ ڀاڱي ٽي حصو گريٽر سڊني جي علائقي ۾ رھندڙ ھئي[2] ھن رياست جي ماڻھن کي نيو سائوٿ ويلشمين سڏيندا آهن[3][4] يونائيٽيڊ ڪنگڊم 1788ع ۾ ھن رياست ۾ موجوده سڊني واري علائقي ۾ ھڪ پينل ڪالوني قائم ڪئي ھئي جنھن سان ھن رياست اندر آبادي جي شروعات ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "ABSPop". - ↑ "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2016–17: Main Features". Australian Bureau of Statistics. Australian Bureau of Statistics. 24 April 2018. 13 October 2018 تي حاصل ڪيل. Estimated resident population, 30 June 2017.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "demonym". - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "demonym2".