وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2020/هفتو 11
ڏيک
ڇا توھان کي خبر آهي...
مارچ 2020
[سنواريو]- 00:00,March 2020 (UTC)
• … ته ڪلڪتا شهر جو نالي هندو ديوي ڪالي تان ورتل آهي، جيڪو اصلي نالو ڪاليڪشيترا آهي، جنهن جي معنيٰ ڪالي جي جاءِ آهي.
• … ته سريلنڪا يا شري لنڪا کي سلون بہ سڏيندا آهن. پر ان جو اصل نالو ’لنڪا‘ هو.
• … ته ڳورپٽ کي انگريزي ۾ هني بيجر سڏبو آهي ڳورپٽ بنيادي طور تي آفريڪي ايشيائي نسل جو جانور آهي. جيڪو آفريڪا، ڏکڻ اولهه ايشيا ۽ هندستاني ننڍو کنڊ ۾ ملندو آهي. ڳورپٽ جي مادي کي ڳونهاري چئبو آهي.
• … ته ڦودنو ٻوٽن جو هِڪُ قِسم آهي، جنهن جي پَن ۾ سُڳنڌ هوندي آهي. ڦودنو آئس ڪريم، ڪينڊي، ميون کي بچاءُ، شراب جي شربت، چيگنگم، ڏندن جي پيسٽ، ۽ ڪجهه شيمپو، صابڻ ۽ کَلَ يا چمڙي جي سارَسَنڀال جي شين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.