ڦودنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ڦودنو، هن کي هندستانيءَ ۾ پودينا ۽ انگريزيءَ ۾ مِنٽ ۽ پيپرمنٽ، فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ نَعناع سڏيندا آهن. هي هتي باغن ۾ ڀاڄين سان گڏ گهڻو پوکبو آهي. سندس پنن ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري آلا توڙي سڪا پن چٽڻيءَ ۾ ۽ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ گهڻو وجهندا آهن. هن جو عرق به ڪڍندا آهن، جو پيٽ جي سور لاءِ يا ٻين دوائن ۾ گهڻو ڪم ايندو آهي. هي ول وانگي پکڙندو آهي، پر گهڻو نه. هن جو ڏيهي قسم به آهي ۽ ولايتي به. ڏيهي قسم جا پن البت گول ٿيندا آهن ۽ ولايتي قسم جا ڊگها. هي اوڀڙ پاڙن ڪڍي هڻڻ سان ٿيندو آهي. گهميل زمين ۾ ۽ ڇانوري ۾ چڱو ٿيندو آهي. سرد موسم ۾ پوکبو آهي.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. حبق، ف. فودنج، هه. وغيره___ پودينه، پودتڪ ۽ قونياسا. اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: آنڊن کي، ميل: ڪتيلو، عيوض: ڦودنو جبلي، وزن: ٽن کان پنج ماسا. سڃاڻپ: سڪل سائي رنگ جا پن، ٻن ٽن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪڙو جبل جو، ٻيو ميداني ۽ ٽيون جيڪو عام طرح پوکبو آهي. ميداني ڦودنو سٺو هوندو آهي. خاصيت: معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، طعام کي هضم ڪري ٿو، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿو. حيض، پيشاب ۽ پگهر جاري ڪري ٿو. جلندر، يرقان، هڏڪي، سيني ۽ معدي جي رطوبت جي نيڪال لاءِ فائديمند آهي. وڇونءَ جي زهر لاءِ ترياق آهي. حمل کي ڪيرائي ٿو.[2]،

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو