وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2024/مهينو جُولاءِ
عبدالقادر جيلاني جنهن کي محي الدين، شيخ عبدالقادر جيلاني جي نالي سان پڻ سڏين ٿا، هڪ سُني حنبلي طريقي جو صوفي ۽ صوفين جي قادري سلسلي جو باني آھي. گيلان صوبي سان تعلق ھجڻ ڪري کيس گيلاني چوندا آهن. عربي ٻولي ۾ گيلان کي جيلان سڏيو ويندو آهي، تنھن ڪري کيس جيلاني پڻ سڏين ٿا. ھن ابتدائي تعليم پنھنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ 1095ع ۾ ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھي حنبلي فقہ سکڻ لاء بغداد روانو ٿيو. ھن جي نمايان ڪمن ۾ قادريہ مدرسي جو بنياد وجھڻ ھو، جيڪو اڳتي ھلي ديني تعليم جو مرڪز بڻيو، ھن جي مصروفيت جو مرڪز ھن جو مدرسو ھو جتي ھي دين جو علم سيکاريندو هو ۽ بطور مفتي پڻ ڪم ڪندو هو. ھن پنھنجي خطبن ۾ غريبن ۽ محتاجن جي مدد جي تلقين ڪئي ۽ اسلامي فقھي تقاضائن کي روحانيت جي مطابقت ۾ آڻڻ جو درس ڏنو. عراق جي شھر بغداد ۾ مزار ھجڻ جي ڪري ھن کي بغدادي پڻ سڏيو ويندو آھي. ڏکڻ ايشيا جا ماڻھو ھن کي پيران پير ۽ دستگير سڏيندا آهن، ھن کي غوثِ الاعظم جي لقب سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. ھي 1166ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس سندس مدرسي ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪو ھڪ پاڪ زيارت گاھ بڻجي چڪو آھي.