وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو ڊسمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گاج ندي جو سانوڻيءَ ۾ وهڪرو
گاج نئي تي آبپاشي جو مَڏُ نظام

گاج ندي انگريزي (Gaj River) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي دادو ضلعي تعلقي جوهيءَ جي وڏي برساتي ندي آهي. گاج لفظ جي لغوي معنى گوڙ، گرج، شور يا گجگوڙ آهي. انهي پسمنظر ۾ ئي ندي تي گاج نالو پيو. ڇاڪاڻ ته هي باراني ندي ساوڻي جي شديد بارشن ۾ جڏهن ميداني علائقي ۾ لهندي آهي تڏهن وڏي آواز، گوڙ ۽ هاسي سان لهندي آهي. ان جو شور ميلن تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي. گاج نئي اولهندي جابلو علائقن مان وهندي اچي جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري ميداني علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.