وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2019/مهينو نومبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌو لکت (انگريزي ٻولي: Indus script)، نشانين جو مجموعو آهي، جيڪا سنڌو تهذيب جي ماڻهن، ڪوٽڏجي ۽ هڙاپا واري دور ۾ 3500 کان 1900 قبل مسيح ۾ جوڙي هئي. جن مُهرن تي اها لکت لکيل آهي اهي بيحد ننڍا آهن، ان لاءِ اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهي نشانيون لکت سرشتو آهي يا نه، ڪيترن ئي ڪوشش باجود ان لکت کي ڪير پڙهي نه سگھيو آهي، تنهن باوجود ان تي ڪوششون هلندڙ آهن. سنڌو لکت سان ميل کائيندڙ ٻي ڪا به لکت اڃان تائين موجود ناهي نه ئي ڪا گھڻ لساني مُهر موجود آهي، جنهن جي ذريعي لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪجي. لکت ۾ ڪجهه تبديلون آهن، جن جي باري ۾ خيال ڪيو وڃي ٿو ته مختلف جڳهن تي لکت ڪجهه تبديل ٿيندڙ هئي. هڙاپا لکت واري پهرين مُهر جي اشاعت 1875ع ۾ اليگزينڊر ڪننگھام جي چٽيل عڪس ذريعي ڪئي وئي. ان کان پوءِ 4 هزار کان وڌيڪ لکت واريون مُهرون لڌيون ويون، جن مان ڪيترا ميسوپوٽيميا جا همعصر آهن. 1970ع ڌاري ايراوٿم مهاديون 3700 مُهر ۽ 417 نشانين کي مخصوص انداز ۾ ترتيب ڏئي پيش ڪيو. جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته عام اکرن ۾ اڪثر 5 نشانيون آهن، وڏي سٽ صرف 14 نشانين تي مشتمل آهي. هن ئي سنڌو لکت متعلق ٻڌايو ته اها ساڄي کان کاٻي پاسي لکي ويندڙ رسم الخط هئي.

ڪجه عالم، جي.آر هنٽر، ايس. آر. رائو، جوهان نيوبيري، ڪرشنا رائو ۽ سڀاش ڪاڪ جي دليل مطابق سنڌو لکت، برھمي رسم الخط سان ملندڙ جهلندڙ آهي. پر ٻيا ماهر جيئن ايراوٿم مهاديون، ڪامل زوئليبيل، آسڪو پارپولا جي مطابق سنڌو لکت دراوڙي ٻولين جي نسل مان آهي. ريمنڊ الچين لاڳاتار ان خيال جو حامي آهي ته ڀل ڪيترن جي خيال مطابق برھمي مٿان، آرامي لکت جو اثر هجي، پر برهمڻي لکت مٿان ڪجه سنڌو لکت جو اثر پڻ آهي.