آرامي ٻوليون
عراق، شام، ڪنعان، اسرائيل، فلسطين، فونيشيا ۽ وچ اوڀر ۾ جيڪي عرب قومون آهن، اهي اصل ۾ سامي آهن. چيو وڃي ٿو ته هي سڀ قومون سام بن نوح جو اولاد آهن، ان ڪري اهي سڀ قومون سامي سڏجن ٿيون. هن علائقي جي الڳ الڳ ٻولين (هاڻوڪين ۽ پراڻين ٻنهي) کي سامي ٻوليون سڏيو وڃي ٿو.
سيريا يا شام جي ڀلوڙ آباد زمينن ۽ ان جي گاديءَ جي هنڌ دمشق جي ساوڪ سان ڀريل موهيندڙ زمين جي سبب ان کي آرم يا آرم باغ به سڏيو ويندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سامي يا سرياني ٻوليءَ جو ٽيون نالو آرامي آهي. چيو وڃي ٿو ته حضرت نوح جي پُٽ سام جو گهر به شام ۾ ئي هو. تنهنڪري هڙني سامي قومن جي الڳ الڳ ٻولين کي گڏيل طور تي سامي، سرياني ۽ آرامي ٻوليون چيو وڃي ٿو. ٻولين جي سامي ويڙهي ۾ فونيقي، اسيري، ڪلدي، عبراني، بابلي ۽ حطيطي ٻوليون شامل آهن.
چون ٿا ته حضرت عيسا جي زماني ۾ فلسطين ۽ ڪنعان سميت ان جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ آرامي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، جيڪا اصل ۾ عبراني ٻوليءَ جي هڪ شاخ آهي. هاڻوڪي عربي، اصل ۾ قديم آرامي ٻوليءَ جي ئي هڪ بدليل شڪل آهي, جنهن جي لپيءَ ۾ تبديلي آيل آهي، پر لپيءَ ۾ اها تبديلي اسلام جي اچڻ کان گهڻو اڳ آئي هئي. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ مڪي شريف ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ علائقن جا رهاڪو گهڻو ڪري آرامي ٻولي ڳالهائيندا هئا. تنهنڪري قرآن شريف جي آيتن سڳورين ۾ ڪيترائي آرامي لفظ به شامل آهن.[1]
عربي ٻوليءَ جو خاندان
[سنواريو]عربي ٻولي ”سيمیٽڪ“ خاندان مان آهي، جنهن سان ”هيبرو“ يعني عبراني يا يهودين جي ٻولي، سیريا يا شام جي ٻولي ”ڪئلڊاني“، ۽ ايشيا جي ڏکڻ الهندي طرف جون ٻوليون پيدا ٿيون آهن. انهن ٻولين جو خاندان يا ڪل هڪڙو آهي، تنهنڪري سڀاويڪ طرح نحوي بناوت ۾ هڪٻئي سان هڪجهڙائي رکن ٿيون، ۽ ڪيترا ٻول ساڳيا اٿن. سنسڪرت ٻولي، جنهن مان سنڌي، هندي، گجراتي، وغيره ٻوليون پيدا ٿيون آهن، سي آريا ٻوليون آهن، ۽ انڊو يوروپين خاندان جون ٻوليون ليکجن ٿيون، تنهنڪري سنڌيءَ جو عربيءَ سان ڪو گهڻو جگري لاڳاپو ڪونهي، پر عربيءَ جو مٿس اثر آهي.[2]